خيرپور/ پريالوءِ (نمائندن وٽان) خيرپور پوليس پريالوءِ ٿاڻي ۽ سوڀوديرو ٿاڻي جي حدن ۾ ٻه ڌار ڌار مبينا پوليس مقابلن ۾ ٽن ڄڻن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ. ان سلسلي پڌرائي موجب پريالوءِ پوليس ڳجهو اطلاع ملڻ تي اوڍا موڙ ڀرسان موٽر سائيڪلون ڦر جي ڪوشش دوران واردات واري هنڌ تي پهتي ته پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو شروع ٿي ويو. ان دوران پوليس ٻن جوابدارن عبدالقدير ماڇي ۽ راجا اوڍو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس جوابدارن جي قبضي مان ٻه ٽي ٽي پستول ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٻئي پاسي سوڀوديرو پوليس کي سوڀوديرو لنڪ روڊ تي ڪيلن جي باغ ڀرسان نشاندهي ڪيل هنڌ تي پهتي ته پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو شروع ٿي ويو. ان دوران پوليس هڪ جوابدار غلام علي کهڙو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار جي قبضي مان ٽي ٽي پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن تي 10 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن. زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرايل جوابدارن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي.