پنوعاقل(اسپورٽس نيوز) پنوعاقل ۾ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ اين سي سي پنوعاقل کٽي ورتو. پنوعاقل ۾ مرحوم شهزاد اسلم سومرو جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائينل ۾ ڀٽائي ڪلب پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 242 رنز جو هدف ڏنو. فاروق مهيسر جي بهترين راند سبب اين سي سي پنوعاقل 6 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري ورتو. ٽورنامينٽ ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪندڙ رانديگرن ۾ ايم اين اي شازيه اسلم سومرو ۽ ٻين انعامي شيلڊز ورهائي رانديگرن کي داد پڻ ڏنو. ان دوران ايم اين اي شازيه اسلم سومرو، پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر آفتاب سومرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ ناھي. هن وقت پي ايس ايل ۽ قومي ٽيم ۾ 2 سنڌي رانديگر نمائندگي ڪري رهيا آهن.