ڪلوئي (ن پ ا)  ڳوٺ ڇھون واٽر ويجھو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ علائقي جي 8 ٽيمن حصو ورتو. ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل مئچ ۾ ارباب اليون ڇھون واٽر جي ٽيم دلچسپ مقابلي بعد چانڊيا اليون کي شڪست ڏني بعد ۾ ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ ارباب اليون ۾ ميگھواڙ اليون وچ ۾ کيڏي وئي. ميگھواڙ اليون پھرين بيٽنگ ڪندي ارباب اليون کي مقرر 6 اوورن ۾ 73 رنز جو هدف ڏنو. ارباب اليون 6 اوورن ۾ هدف پورو ڪندي ٽورنامينٽ پنھنجي نالي ڪري ورتو. ٽورنامينٽ جي انعامي تقريب ۾ علائقي جي معززين شرڪت ڪندي ونر ٽيم جي ڪپتان خليق نھڙيو کي ڪيش انعام ۽ ٽرافي ڏني.