محرابپور (اسپورٽس نيوز) محرابپور جي گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول جي گرائونڊ تي هارڊ بال تي سنڌڙي ڪرڪيٽ ڪلب محرابپور ۽ خانواهڻ ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي وئي. سنڌڙي ڪرڪيٽ ڪلب جي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 262 رنز ٺاهيون. زوار پيراڻو نوناري 104، مظفر چنا 79، فرحان ڦرڙو 64 رنز ٺاهي نمايان رهيا. خانواهڻ ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 160 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. محمد علي وڌڻپوٽو، علي جواد ملاح، لالا جهانگير ۽ فرحان ڦرڙو جي بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو. مين آف دي ميچ زوار پيراڻو نوناري کي قرار ڏنو ويو.