عمرڪوٽ(اسپورٽس نيوز) 22هون آل سنڌ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٽئين ڪواٽر فائنل ميچ ۾ ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 25 اوورن ۾ مخالف ٽيم کي 270 رنز جو هدف ڏنو، وقاص قريشي 10 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 98 رنسون ٺاهيون، قومي ڪرڪيٽر انور علي 49 ۽ سليمان ڀنڀرو 40 رنز ٺاھي نمايان رھيا. جڏهن ته 270 رنز جي هدف پٺيان ايڪٽو ڪينولا ڪرڪيٽ ڪلب حيدرآباد جي ٽيم 17 اوورن ۾ 95 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي، ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ بالرن شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي محمد سميع 4 ۽ عاطف مقبول 3 وڪيٽون ورتيون. اھڙي طرح مين آف دي ميچ وقاص قريشي کي قرار ڏنو ويو.