پنهنجي ڪهاڻي گهَرَ جي صفائي..

0
162

                         سرڪاري اداري جو سربراهه شوڪت علي پنهنجي آفيس ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل آهي. ھن جي ساڄي پاسي ٽي پٽيوالا ۽ کاٻي پاسي چار ڪلارڪ، پنجون ھيڊ ڪلارڪ ۽ ڇھون آفيس سپرنٽينڊنٽ بيٺل آهن.

سڀ کان اول ھو سينيئر پٽيوالي مشتاق سان مخاطب ٿي پڇي ٿو،”ڪاڪا مشتاق، اولاد ڪيترو اٿئي؟”

“ٽي نياڻيون آهن سائين..” مشتاق وراڻي ٿو.

“انهن کي تنهنجي ۽ توکي انهن سان گڏوگڏ گهرواريءَ ۽ پنهنجي حياتي پياري آهي يا نه؟” شوڪت علي ٻيو سوال ڪريس ٿو.

“تمام گهڻي پياري آ سائين..”

“پَڪَ سان؟”

“جي سائين..”

“ته پوءِ گُٽڪو پنهنجي وجود لاءِ لازمي بڻائي حياتيءَ جي ڪڍ ڇو ھٿ ڌوئي پيو آن؟”

“بس سائين، عادت عضوو ٿي وئي آ. آھي خراب شئي، توهان صحيح ٿا چئو. حياتيءَ لاءِ قاتل زھرُ آ. نه کائڻ کپي. پر..”

“مان اھا پر توکي سمجهايان ٿو، بيھهُ..”

پوءِ پٽيوالن سان گڏ ڪلارڪن ۽ آفيس سپرنٽينڊنٽ کان ساڳيا سوال ڪري شوڪت علي چوي ٿو،”اھو گُٽڪو، جنهن کي توهان پنهنجي عادت بڻايو آهي ۽ ان کانسواءِ پنهنجي جياپي کي مشڪل ٿا سمجهو، اھو جيئن ته سرڪار پاران واپرائڻ ڏوهه جي زمري ٿو اچي ۽ قانون ۾ ان لاءِ ٻه سال سزا مقرر ڪيل آهي، ته اوهان سڀ اھو واپرائيندي ڏوھُ ڪيو ٿا نه، يا مان غلط ٿو چوان؟”

“نه، غلط ناهي. پَرَ..” ڪلارڪ سعيد ائين چئي جملي کي اڌورو ڇڏي ٿو.

“اھا پَرَ، مون وٽ نه ھلندي. توهان سڀني کي گُٽڪو اڄ کانپوءِ مان کائيندي نه ڏسان. نه ته، سرڪار سان رجوع ڪندس ۽ قانون کي حرڪت ۾ آڻي جيل ڀيڙو ڪندوسانوَ. ڇو ته جيڪڏهن مان انسان آهيان، ته انسان ذات سان اُنس مون لاءِ لازمي آهي ۽ اوهان جون حياتيون، ڀلي گُٽڪو واپرائيندي اوھان کي پياريون نه ھجن، پر مونکي پنهنجي حياتيءَ جيان بيحد پياريون آھن..”

“ائين نه ڪيو سائين، اسان کي اسان جي حال تي ڇڏيو. ھيترا ماڻهو ڏسو ٿا ته سر عام اھو واپرائن ٿا، قانون به ڏسي ٿو ۽ سختي نٿو ڪري، ته توهان به پاڻ ۾ نرمي آڻيو ۽.. “

مشتاق جي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي شوڪت علي چوي ٿو،”مان اوھان جو اھو دليل قبول نه ٿو ڪريان. مونکي پنهنجي گهر جي صفائي ٿي گهرجي، جيڪا ھر صورت ۾ ڪندس، ٻُڌَوَ..”