ڪاڇي ۾ آيل ٻوڏون ۽ روڊن جي بحالي وارو ڪم!
ڪاڇي ۾ حڪمرانن جي نااهلي سبب ٻن سالن کان لاڳيتو ٻوڏون اچي رهيون آھن، گذريل سال 2020ع ۾ سانوڻي جي ٻوڏن جو خوف ڪاڇي واسين جي دلين ۾ ڌڙڪي رهيو هو ته مٿان وري 2021ع جي سانوڻي جون برساتون شروع ٿي ويون آهن. 12 مهينن دوران ڪاڇي جي عوام وڏيون دانهون ڪوڪون ڪيون، احتجاج ۽ ايلاز ڪيا، تڪ جي چونڊيل نمائندن، سنڌ سرڪار، وفاقي حڪومت، وزيراعظم، آبپاشي کاتي کي ته ڪاڇي ۾ تباهيون ڦهلائيندڙ نئين گاج جو ٽُٽل بند ٺھرايو. بند ته پري جي ڳالھ پر ٽٽل روڊن تي به هڪ پٿر نه رکيو ويو. وفاق سنڌ تي الزام هڻندو رهيو ۽ سنڌ وفاق مٿان پر ٻنهي جي جهيڙي ڪاڇي جي هزارين ماڻھن جا جُھڳا ٻيهر جهَڻ ڪرائي ڇڏيا آهن. مجال آ جو سنڌ سرڪار توڙي تڪ جي چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي ڪا جونءِ به سري هُجي. ھڪ طرف دعوا به ڪئي وڃي ٿي ته عوام جي مئنڊيٽ سان پ پ پ سرڪار ٺھي آھي ته ٻئي طرف پنهنجي ناقص ڪارڪردگي جا وفاق تي الزام مڙھيا پيا وڃن. هن کي سياست چئجي يا عوام سان دوکيبازي! ڪاڇي ۾ 2 سالن کان ٿيل تباهي جي ازالي لاءِ آفت زده قرار ڏيڻ ۽ لکين رپيا فنڊز ملڻ باوجود به ڪنهن ڪاڇي واسي بي يارو مددگار رهيا، ايتري ۾ ڪاڇو ٻيهر سانوڻ جي برساتن جي ور چڙهي ويو آهي. گذريل سال جون ٿيل تباهيون ماڻھن کان اڃا وسريون به نه هيون ته 2021ع جي سانوڻي جي طوفاني برساتن ۽ نئين گاج ڪاڇي واسين جي دردن، سورن، ڏُکن ۽ تڪليفن ۾ ٻيهر اضافو ڪيو ۽ نئين گاج جا وهڪرا گهرن ۾ ڪاهي پيا، ماڻھو جانيون بچائي مس وڃي مٿانهين هنڌن تي محفوظ ٿيا، ڪاڇي کي موئن جو دڙو بڻائيندڙ سنڌ سرڪار، دادو ضلعي ۽ جوهي تعلقي جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿي ڪجي ته جيڪڏھن عوام جي مئنڊيٽ جو ذري برابر به اوهان ۾ احساس آهي ته ڪاڇي ۾ روڊن جو نظام بهتر ڪيو وڃي، روڊ ٽٽي وڃڻ ڪري هن وقت انتهائي تڪليفون آهن، بيمارن کي اسپتالن تائين پهچائڻ به ناممڪن ٿي ويو آهي، کاڌي پيتي جون شيون به رستا نه هئڻ سبب ختم ٿي رهيون آهن، خدارا هن ڏکي حالت کي ڏسي ايندڙ وقت لاءِ معياري روڊ ٺھرايا وڃن.
محمد اسماعيل لانگاهه /ڊرگھه بالا، ڪاڇو 
ڪاڇي جي سار ڪير لھندو؟
گذريل ھفتي سنڌ جي مختلف شھرن جيان ڪاڇي جي پٽي ۾ به چوماسي جون برساتون پيون ۽ انھن برساتن ۾ نئين گاج جي وھي اچڻ ۽ گاج جي وھڪرن ۾ ڪاڇي جا سوين ڳوٺ پوري طرح متاثر ٿيا آھن، جتي مال توڙي جاني نقصان به ٿيا آھن. ڪافي گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن پر بدقسمتيءَ سان اڃا تائين ڪاڇي واسين جي ڪنهن به سار نه لڌي آهي نه ئي سرڪار پاران ڪا سروي ٿي آھي ته ڪيترو نقصان ٿيو آھي! ھا روايتي يا کڻي ايئن چئون ته رسمي طور تي سنڌ جي وڏي وزير کان وٺي ضلعي انتظاميا ۽ مخالف ڌر جي پارٽين جي ماڻھن اچي ڪاڇي واسين سان سيلفيون ڪڍرايون ۽ ميڊيا بريفنگ ڪري پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن واپس روانا ٿي ويا، ھن وقت به ڪاڇي جا رھواسي ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ آهن ته ڪو معجزو ٿي پوي ۽ ڪو اچي سندن سار لھي. نئين گاج جي وھڪرن سبب ڪاڇي واسين جو ضلعي ھيڊڪواٽر سان زميني رابطو ڪٽيل آھي، جنهن سبب ٻه ڏينهن پھريان واھي پانڌي مان رستو نه ھجڻ جي ڪري ٻه مريض رستي ۾ تڙپندي تڙپندي پنهنجي زندگي جي جنگ ھاري ويٺا. آخرڪار ڪاڇي واسين جو ڏوھ ڪھڙو آھي جو انھن کي ايئن بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آھي؟ ڇا ان کي ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت جي ناڪامي چئون يا ڪاڇي واسين جي قسمت چئون. ڪاڇي واسين ھميشه پ پ پ کي ووٽ ڏئي پنهنجي اھڙي قسمت لکي آھي جو ڪنهن شاعر خوب چيو آھي ته نااھل اسان جو مالھي آ، گلشن ۽ گلن جو ڇا ٿيندو؟ بد ذوق جي ھٿن ۾ باغ رھيو معصوم وڻن جو ڇا ٿيندو؟ 
آصف رستماڻي/ واھي پانڌي، ڪاڇو 
گورک ھل تي ڪٽ چانھه جا مطالبا ڪندڙ قوم!‎‎
ملڪ ۾ ھٿرادو  ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ من پسند اگھ، وياج، غيرمعياري شين جو وڪرو ته ڪٿي ھٿرادو کوٽ ته ڪٿي وري نااھلي سبب پيداور ۾ کوٽ سبب انھن سڀني ڳالھين جو اثر واھپيدار ئي ڀوڳي رھيو آھي، اھڙي مھانگي دادو جو عوام پڻ  ڀوڳي رھيو آھي، ان ڳالھ کي نه رد ڪري ٿو سگھجي نه ئي ڳاٽيٽوڙ مھانگائيءَ جي حمايت ٿي ڪري سگھجي، پر کوڙ ساريون اھڙيون جايون جتي اسان کي مھانگائي سان مفاھمت ڪرڻ، فرض پڻ بڻجي ٿو اھا جڳھ دادو جي گورک ھل اسٽيشن آھي، جتان جي زميني حقيقتن کان اڻ وافق اڪثر ماڻھو مھانگائي جون دانھون ڪري تفريحي ماڳ تي گھمڻ کان ماڻھن خيال کڻايو ڇڏين ٿا. ڪجھ دوستن جو خيال آھي ته ھتي به ڪٽ چانھ ملڻ گھرجي! جڏھن ته گورک تي گڊز جو پھچڻ ڪيترو سولو ۽ سستو آھي، سياحن جي لڳاتار اچ وڃ ۾ واڌ کوٽ اچڻ، موسمي حالتن کي ڪاروبار ۾ ٻاڙائي ۽ چند ڪلوميٽرن جو اوڀارو پنڌ اڍائي ڪلاڪن ۾ ڪھڙي طريقي طئي ڪري سازو سامان پھچائڻ اھڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عياشين تي ھزارين رپيا خرچ ڪرڻ شھرن جي ٿري فور اسٽار ۽ باءِ پاس جي ھوٽلن تي پاڻي ھڪ اڌ بوتل سان چانھ جو اگھ گورک ھل ھوٽل سان ميچ ڪجي ته ڪو فرق نظر نه ايندو، جتي ڪو به قدرتي ماحول موجود ناھي اتي سئو سوا ۾ چانھ پيئڻ ۽ گورک ھل تي جتي بادل پيرن ھيٺان ھجن اتي، ھڪ ڏينهن ترسڻ تي چار چانھين تي وائويلا ڪرڻ ايڏي عظيم ماحول ۾ سئو جي چانھ کي مھانگو سمجهڻ ڪيڏي نه بي عقلي آھي. ان لاءِ دوستن کي گذارش آھي ته اھڙي عظيم مقام جي منطق کي سمجھندي سماجي ميڊيا، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اھڙين شين کي شيئر ڪرڻ کان پرهيز ڪن ۽ گورک جي فوڊ ريسٽورنٽس کي گذارش آھي ته اگھن جا  ايڏا وڏا بل ڪڍڻ سان سياحن لاءِ ڪو فوڊ پئڪيج متعارف ڪرائين. ھي ”پنهنجي اخبار“ جو خط سٺي فارميٽ ۾ ڇپرائي فريم ۾ رکن ته  جيئن سياح حقيقتن کان واقف ٿي دانھن جي بدران گورک، گورک جا نعرا ھڻندا وڃڻ.
منظور ھاليپوٽو/ٽلٽي
نماز ڪيترين ئي بيمارين جو علاج آهي!
نماز فرض آهي ۽ نماز پابنديءَ سان ادا ڪرڻ وارو ٻانهون خدا جي خوشنودي حاصل ڪندو آهي. رب تعالى پنهنجي دست غيب ۽ دستِ شفا سان گڏ ان ٻانهي لاءِ رحمتن ۽ برڪتن جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي. نماز کي جنت جي ڪنجي چئبو آهي. مطلب ته نماز انسان کي هر حالت ۾ درست بڻائيندي آهي. خراب ڪمن کان بچائيندي آهي، جيڪا هڪ آزمايل ڳالهه آهي ته وڏا وڏا فاسق ۽ بدڪار ماڻهن جڏهن سچي دل سان توبهه ۽ زاري ڪري نماز پڙهڻ شروع ڪئي ته رب تعالى پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان انهن گنهگار ٻانهن کي گناهن کان بچائي ورتو ۽ دست غيب ۽ دست شفا سان ان ٻانهي لاءِ مددگار ثابت ٿيو. تنهن سان گڏ نماز گهڻن بيمارين جو علاج پڻ آهي، وقت جا وڏا عالم فاضل ۽ طب جا ماهر چئي ويا آهن ته نماز جي پابندي ڪرڻ واري نمازي کي پريشاني، اداسي، بي چيني ذهني دٻاءُ، دماغي فتور وغيره کان ڇوٽڪارو ملي ويندو آهي، تنهن سان گڏوگڏ جسماني بيمارين جھڙوڪ مٿي جو سور، چيلهه جو سور، گوڏن ۽ هڏن جو سور، دل جي گهٻراهٽ لاءِ به نمازي ماڻهو کي نماز پڙهڻ سان قدرتي شفا ۽ توانائي ملندي آهي ۽ نمازي پنهنجو پاڻ کي دِلي سڪون سان گڏ چُست ۽ پرسڪون محسوس ڪندو آهي. نماز هر مصيبت جو علاج آهي، تنهن لاءِ دين اسلام ۾ مصيبت جي وقت نماز پڙهڻ جو حڪم مليو آهي. ڳالهه اها آهي ته نماز فرض آهي، نماز پنج ئي وقت پابندي سان باجماعت پڙهڻ گهرجي.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
ٺري ميرواھه جا مسئلا ڪڏھن حل ٿيندا؟
ضلعي خيرپور ۾ خيرپور تعلقي بعد وڏي آبادي رکندڙ ستن تعلقن مان تعلقو ٺري ميرواھ واحد تعلقو آھي جيڪو هر دور ۾ ترقياتي ڪمن کان محروم رهيو آھي، هي تعلقو هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ سرڪار جي بيڌياني، لاپرواهي، بيحسيءَ سبب مسئلن جو ڳڙھ بڻجي ويو آھي. تعلقي هيڊڪوارٽر شھر ٺري ميرواھ ۾ گندگي ۾ هرروز ٿيندڙ اضافي هتان جي ماڻھن کي بيمارين ۾ وڪوڙي ڇڏيو آھي، وک وک تي ڪِني پاڻي جي دُٻن سان گهٽيون هروقت ڀريل نظر اچن ٿيون، شھر جو ڪِنو پاڻي ٻاهر نيڪال ڪرڻ بدران ٺري شھر جي ميرس ڪالوني ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب سخت بدبو ۽ مڇرن جي آزار ڪري شھري سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آھن. ٺري ميرواهه ۾ وڏي وقت کان اسٽريٽ لائيٽن جو نظام پڻ ناڪاره بڻيل آھي. تعلقي ۾ نياڻين جو ڪاليج نه هئڻ ڪري ڪيتريون ئي ڇوڪريون ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم کان محروم بڻيل آھن، جنهن ڪري تعلقي ٺري ميرواھ جون ڪيتريون ئي نياڻيون گرلس ڪاليج نه هئڻ ڪري وڌيڪ تعليم پرائي نه سگهيون آھن. جڏھن ته هن جديد دور ۾ ٺري ميرواھ ۾ سرڪاري پبلڪ پارڪ به اڻپورو خواب بڻيل آھي، پنج سال اڳ پارڪ جي چوديواري ته ٺهرائي وئي هئي پر انهن ۾ ڇٻر، ٻوٽا، ٻارن جي راند کيڏڻ جا جهولا نه لڳي سگهيا آھن. پارڪ هن وقت رولو جانورن جو وٿاڻ بڻيل آھي، جڏھن ته 2016ع ۾ رورل هيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ اسپتال کي تعلقي اسپتال جو درجو ڏنو ويو هو پر ان اعلان تي پڻ عمل اڃا تائين نه ٿي سگهيو آھي، ان سميت ٺري ميرواھ شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آھي ۽ هتان جا ماڻھو نه چاهيندي به اڃ لاءِ زهريلو سينکيو مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن، جڏھن ته سرڪار پاران مٺي پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪو به آر او پلانٽ نه لڳايو ويو آھي. اسين سنڌ حڪومت جي اختيارين، تڪ جي چونڊيل نمائندن سميت وس وارن عملدارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا ٺري ميرواھ جا بنيادي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري هتان جي عوام ۾ ڇائنيل مايوسي ختم ڪئي وڃي. 
عابد حسين شر/ ٺري ميرواھ
عالم جمع گھراڻو ڪير آهي؟
اسان جي هن امن جي ڌرتي تي ڪي اهڙا ماڻهو جنم وٺي ويا آهن جن جي اسان کي ڪا به خبر ناهي، نه انهن جي خدمتن جي، نه انهن جي ڪمن جي ڪا پروڙ آهي. جڏهن اهي نالا اوچتو سامهون ايندا آهن ته ماڻهو حيران ٿي ويندا آهن. انٽرنيٽ تي ڪا ريسرچ ڪندي هڪ نالو جمع گھراڻو عالم جو آيو، ٻيو نالو محمد هاشم گھراڻو جو آيو. هڪ سگھڙ شاعر هو جنهن جي شاعري سامهون آئي، جنهن جو سگريٽ ۽ حقي جو مناظرو هو. جڏهن اهي نالا سامهون آيا ته مان حيران ٿي ويس ته اسان کي انهن جي ڪا به خبر ناهي ته اهي ڪٿي جا آهن! سنڌي لغت موجب گھراڻو/گراڻو جو مطلب ڪپڙو ٺاهڻ آهي، اسان وٽ ڪوري به ڪپڙي ٺاهڻ واري کي چئبو آهي، اسان جي سنڌ جو ڪو به اهڙو علائقو خالي ناهي جتي هيءَ برادري نه هجي. هن کي گھراڻو ته ڪي گراڻو چون ٿا، هنن جي اصل شجري جي به خبر ناهي، اهو ڪٿان شروع ٿو ٿئي، جيئن ڪلهوڙن ٽالپرن ۽ ٻين جي شجرن جي خبر آهي. هنن ماڻهن جي ڳولا لاءِ انٽرنيٽ جو سهارو ورتو، جتي رڳو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪتاب مولود ۾ ۽ مناظري ۾ نالا مليا، جامع احوال نه مليو. هيءَ ڪڙيو گھنور، بدين، ٺٽو، جھڏو، ٽنڊوالهيار، نصرپور، ٽنڊو آدم، لڪي شاهه صدر، سن ۽ ٻين علائقن ۾ رهن ٿا جتان به هنن جي خبر نه ملي ته اهي ڪٿي جا هئا؟ جيڪڏهن انهن بابت ڪا خبر پئجي وڃي ته اسان جو نوجوان انهن جي زندگين جي احوال کان واقف ٿي پوندو. ڊاڪٽر بلوچ جيڪا تحقيق ڪئي اها اتي وڃي ڪئي، خيالن جو مفروضو نه هئي پر انهن ڪتابن ۾ به هنن جو احوال نٿو ملي، ڇا هنن جا ڪي ڪتاب لکيل هئا يا نه، هي عالم ۽ سگھڙ هئا جيڪا هنن شاعري ڪئي اها شاعري ڪٿي آهي؟ محفوظ آهي يا ختم ٿي وئي؟ هي هڪ تحقيقي مسئلو آهي جنهن ڪري اسان جا محقق جيڪي به آهن انهن کي گذارش آهي ته اهي هنن بابت تحقيق ڪن، جيئن هن قبيلي جون نالي واريون هستيون پيدا ٿيون هيون انهن جي خبر پئجي سگھي، جيڪڏهن ڪوشش ڪئي وئي ته ڪٿان نه ڪٿان هنن بابت ڄاڻ ملي ويندي.
خادم گھراڻو/نصرپور
واپڊا جي نااهلي معصوم کان حياتي کسي ورتي؟
ٻرڙا ڪالوني باءِ پاس قمبر ۾ بجلي جو پول اوچتو 12 سالن جي معصوم ٻارڙي ياسين چانڊيو مٿان ڪري پيو، جنهن سبب معصوم ٻارڙو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي نيو ويو پر معصوم ياسين زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اها واپڊا جي نااهلي آهي جنهن هڪ معصوم کان حياتي کسي ورتي، ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ ۾ بجليءَ جو نظام تمام ناقص ۽ ناڪارا آهي، جڳاڙي سسٽم سبب تارون کليل آهن، جيڪي هر وقت خطري کان خالي ناهن ۽ ڪيترائي ئي ڀيرا بجلي جا ڪرنٽ لڳڻ سبب بجلي جو عملو پاڻ به ڪرنٽ لڳڻ سبب موت جو شڪار پي ٿيو آهي. اڪثر برساتن ۾ بجلي جا ٿنڀا شارٽ ٿي ويندا آهن جنهن سبب ڪيترائي ٻار ۽ وڏا بجلي جي ڪرنٽ ۾ اوچتو فوت ٿين ٿا، جيڪا واپڊا جي خراب ڪارڪردگي کي ظاهر ڪري ٿي. بجلي جو آزار ته سڄي ملڪ ۾ موجود آهي، جتي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي جنهن سبب سخت گرمين ۾ بجلي بند هجڻ ڪري ماڻھن جو ساهه نپوڙيو ٿو وڃي. خاص طور تي انهن علائقن ۾ بجلي بند ڪرڻ ناانصافي آهي جتي واهپيدار بجليءَ جا ڳرا بل ڀرين ٿا ۽ ڳرا بل به انهن جي ئي ڳاٽي لڳندا آهن جيڪا ناانصافي آهي ۽ جيڪي بجلي چور آهن اهي بجلي مفت استعمال ڪن ٿا. بجلي کي جھٽڪا ڏيارڻ سان به غريب ماڻھن جا پکا، بلب ۽ ٻيون اليڪٽرڪ شيون سڙي ٿيون وڃن پر واپڊا عملي جي بيڌيانيءَ ۽ بيحسيءَ سبب عوام کي ڀوڳڻو پوي ٿو. خدرا بجليءَ جو نظام بهتر ڪيو ۽ لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻيو. دنيا جي سڌريل ملڪن کي ڏسو ته 5 سيڪنڊ بجلي بند ٿيڻ تي ملڪ جو وزيراعظم قوم کان ڪنڌ جهڪائي عاجزي سان معافي ٿو وٺي، هتي عوام مهينن کان بند بجليءَ تي گيسيون ٿو ڪري!
گلشن چانڊيو/قمبر
هاڻي صحافين کي هيسائڻ بند ڪريو!
اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا دنيا کي اڃا به وڌيڪ جديد بڻائي ڇڏيو آهي، هر واقعي جي رپورٽ چند گهڙين ۾ سوشل توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي زينت بڻجي ٿي وڃي. اڄوڪي هن دور ۾ ڪجهه ايماندار صحافي به آهن جيڪي پنهنجي ضمير جي آواز کي لبيڪ چئي حق سچ لکن ٿا پر ڏٺو وڃي ته ان سچ ۽ حق عيوض وري انهن کي ڌمڪايو ۽ هيسايو ٿو وڃي ته جيئن اهي حق سچ نه لکن. ڪجهه صحافين کي ته بليڪ ميل به ڪيو ويندو آهي، جو اهي ويچارا مجبور ٿي ويندا آهن ته هاڻي ڇا ڪرڻ کپي ۽ ڇا نه ڪرڻ کپي؟ اسان جي ملڪ ۾ ته صحافين کي ڌمڪائڻ، هيسائڻ ۽ مارڻ وارا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. صحافين سان زيادتين، قتلام ۽ هيسائڻ وارن ملن جي لسٽ ۾ اسان جو ملڪ ٽاپون ٽاپ آهي. ملڪ جي رياست کي گهرجي ته صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جيڪي ماڻهو صحافين کي ڌمڪائن ٿا يا انهن کي موت مار ڌمڪيون ٿا ڏين ته انهن ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. صحافت هڪ پيغمبري پيشو آهي، جيڪو حق سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ تي ٻڌل آهي. هاڻ ڪجهه انهن صحافين جو ذڪر پڻ ڪجي جيڪي صحافت کي بدنام ڪري ان کي ڪاروبار جيان استعمال ڪري رهيا آهن. اهڙين صحافين کي صحافت ۾ آڻڻ يعني صحافت جي پير ۾ ڪهاڙو هڻڻ جي برابر آهي، صحافت ۾ پڙهيل لکيل، هوشيار ۽ ذميوار ماڻهو ئي رکڻ گهرجن، جيڪي هميشه ئي حق سچ لکن، مظلومن جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائن ۽ هميشه پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن. بهرحال حڪومت کي گهرجي ته صحافين کي مڪمل تحفظ ڏنو وڃي ۽ ذميوار صحافين جي مالي مدد پڻ ڪئي وڃي جيئن هو حق سچ ۽ عوام لاءِ ويڙهه جاري رکن.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
ڪورونا پکڙجڻ جو خطرو، چيلهار جي
راڻاسر ترائي ۾ وهنجڻ تي پابندي لڳايو!
چيلهار ۾ موجود راڻاسر ترائي ۾ وهنجڻ تي پابندي لڳائي ماڻھن کي ڪورونا جهڙي خطرناڪ وبا کان بچايو وڃي، ٿر ۾ برساتون پوڻ ۽ ترايون، تلاءَ ڀرجڻ کان پوءِ سنڌ سميت پوري ملڪ جا ماڻھو گهمڻ خاطر ٿر جو رخ ڪندا آھن ۽ ٿر ۾ به خاص طور چيلهار ۾ موجود راڻاسر ترائي جو رخ ڪندا آھن. گذريل چئن پنجن ڏينهن کان سنڌ سميت پوري ملڪ مان روزانون سوين ماڻھو راڻاسر ترائي ۾ وهنجندي ڏٺا ويا آھن. اسان کي ماڻھن جي گهمڻ لاءِ اچڻ تي ڪو به اعتراض ڪونهي پر هڪ طرف سرڪار پاڻ رڙيون پئي ڪري ته ڪورونا جهڙو موذي مرض تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آھي ته ٻئي پاسي ايڪڙ ٻن ايڪڙن تي راڻاسر ترائي ۾ گڏ ٿيل پاڻيءَ ۾ روزانون مختلف علائقن کان آيل سوين ماڻھو وهنجي رهيا آھن ته ڇا ان سان ڪورونا ڪو نه ڦھلجندي؟ اسين اهو قطعي نٿا چاهيون ۽ چئون ته ماڻھن جي اچڻ تي پابندي لڳائي وڃي پر اهو ضرور ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪريون ٿا ته راڻاسر ترائي ۾ وهنجڻ ۽ ان ترائي مان پاڻي جون ٽانڪيون ڀري وڪرو ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي، ڇو ته هي پاڻي آس پاس جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ڳوٺاڻا پيئڻ لاءَ به استعمال ڪن ٿا، سو مهرباني ڪري انتظاميا فوري طور وهنجڻ ۽ ٽانڪيون ڀري وڪڻڻ تي پابندي لاڳو ڪري.
شنڪر باغي/ چيلهار
ڪورونا وبا جي چوٿين لھر ۽ سياسي سرگرميون!
ملڪ ۾ قاتل ڪورونا جي چوٿين لھر ھلندڙ آهي، ميڊيا موجب سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح مجموعي طور 10 سيڪڙو تائين پھچي وئي آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته وڌ کان وڌ احتياط ڪيو وڃي. وبا کان بچاءَ لاءِ ماسڪ جو استعمال ڪجي ته ان ۾ ڀلائي آهي. ڪورونا جي چوٿين لھر اچڻ کان پوءِ وبا جي ڦھلاءَ کي روڪڻ لاءِ سنڌ سرڪار سخت قدم کڻندي ايندڙ سومر کان ھڪ ڀيرو ٻيھر تعليمي ادارا، بازارون، هوٽلون وغيره بند ڪرڻ ۽ ڪاروبار شام 6 وڳي تائين کليل رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ھاڻي سوال اھو آهي ته سنڌ جي پھرين ئي تعليم تباھ ٿي چڪي آهي، باقي ھن گاٽي ٽوڙ مھانگائي ۾ جتي اڳ ۾ ئي سرڪار جي ٿورن سان مسڪين ماروئڙن کي گڀي ٽڪر لاءِ به رات ڏينهن نور نچوئڻو ٿو پوي، اتي وري پابندين سان ويتر سرڪار عوام جو جيئڻ جنجال پئي ڪري، ھاڻي ته وبا کان بچاءَ جي ويڪسين به موجود آهي، بھتر ڳالهه ته اھا آهي ته وبا کان بچاءَ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرائي، ماڻھن جي ھجومن ۾ سينيٽائيزر ۽ ماسڪ فراھم ڪري ماڻھن کي وبا جي خطرن کان آگاھ ڪيو وڃي، جنھن سان ممڪن آھي ته وبا جي ڦھلاءَ تي ظابطو اچي سگهي باقي ھڪڙي پاسي پاڻ حڪمرانن کي ڪورونا وبا کان محفوظ رھڻ لاءِ ھدايتن ۽ پابندين جا اعلان ڪندي ڏسون ٿا ته ٻئي پاسي اھي ساڳيا چھرا پاڻ کي آزاد ڪشمير جي اليڪشن مھم دوران ماڻھن جي پيھ ۾ نظر ٿا اچن ته پوءِ اھو منطق سمجهه کان ٻاھر آهي ته ڇا ھنن سياسي ميڙاڪن ۽ ماڻھن جي ھجومن ۾ ڪورونا وبا نٿي پکڙجي؟ تنھن ڪري ايس او پيز تي عمل ڪرائي تعليمي ادارا ۽ ڪاروبار کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو وڃي ته بھتر آهي.
آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ