مريم نواز تي تنقيد، اداڪاره مريم نفيس وفاقي وزير کان ناراض

0
409

ڪراچي (شوبز نيوز) معروف اداڪاره ۽ ماڊل مريم نفيس وفاقي وزير علي امين گنڊاپور طرفان مريم نواز بابت ڏنل بيان جي شديد رد عمل جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو آهي ته مان ان ڪري پي ٽي آءِ کي ووٽ نه ڏنو هو، اسان عورتون ان لاءِ پنهنجي جنگ وڙهي رهيا آهيون ڇو ته دنيا ۾ توهان جهڙا مرد آهن، توهان ڪيئين هڪ عورت سان اهڙي طرح ڳالهائي سگهو ٿا، پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته تميز جي دائري ۾ رهي ڪري ڀلي تنقيد ڪيو، توهان کي معافي گهرڻ کپي يا پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏيو، اسان کي پنهنجو ملڪ هلائڻ لاءِ توهان جي ضرورت نه آهي، هن چيو ته مون کي امين گنڊاپور مايو ڪيو، مان سمجهان پئي ته پي ٽي آءِ ٻين پارٽين کان مختلف آهي، هي ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ تميز وارا آهن، واضح رهي ته وفاقي وزير آزاد ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو.