ملڪ ۾ ڇرڪائيندڙ بيانن جي موسم

0
262
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان جي ملڪ جي سياست اھو اٺ آھي جنھن جي ڪا بھ خبر ناھي ھوندي تھ اھو ڪھڙي پاسي ويھندو. نھ ئي وري اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو تھ ان اٺ جي ڪھڙي نس سڌي آھي. آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊن جي موسم آھي جنھن جي ڪري سياستدان جلسن کي خطاب ڪندا رھيا آھن. ڪالھھ کان تھ چونڊ مھم بند ٿي وئي آھي ۽ چونڊن جي تاريخ 25 جولاءِ يعني اڄ آھي. اڄ ڪشمير جي پاڪستان جي ڪنٽرول واري علائقي ۾ ماڻھو اھا چونڊ ڪندا تھ ايندڙ پنجن سالن لاءِ سندن خطي ۾ ڪھڙي پارٽي جي حڪومت ھوندي. ان چونڊ مھم دوران سمورين پارٽين جي اعليٰ قيادت آزاد ڪشمير جا دورا ڪري جلسن جلوسن کي دونھيندار خطاب ڪري چڪي آھي. انھن خطابن ۾ ھڪ بئي تي سنگين الزام بھ ھنيا ويا آھن. جڏھن تھ وزيراعظم عمران خان تھ اھو اعلان بھ ڪري چڪو آھي تھ آزاد ڪشمير ۾ ريفرينڊم ڪرايو ويندو. آزاد ڪشمير جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ تراڙ کل ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير ۾ 2 ريفرنڊم ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ته پهرئين ريفرنڊم ۾ ڪشميري عوام پاڪستان يا ڀارت سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪندا، اسان جي حڪومت ۾ ٿيندڙ ريفرنڊم ۾ اهي پاڪستان سان الحاق يا آزاد رياست طور رهڻ جو فيصلو ڪندا. ڪشمير جي ماڻهن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، آزاد ڪشمير کي صوبو بڻائڻ واري ڳالهه جو جواب ڏيندي هن چيو ته آئون آزاد ڪشمير کي صوبو بڻائڻ چاهيان ٿو خبر ناهي اها ڳالهه ڪٿان آئي؟ ان جو علم ناهي، گڏيل قومن جي ٺهرائڻ جي روشني ۾ ريفرنڊم ٿيندو ۽ ڪشميري فيصلو ڪندا ته انهن کي ڀارت يا پاڪستان سان گڏ رهڻو آهي. هي ايڏو وڏو اعلان آهي جنهن لاءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته وزيراعظم ادارن سان به ڳالهيون ڪيون هونديون. ان تي سياسي قيادت سخت ردعمل به ظاهر ڪيو آهي. تنهن هوندي به اهو چيو پيو وڃي ته هن وقت اها ڳالهه ڪرڻ مناسب نه هو. اهڙي ڪا تجويز وزيراعظم وٽ آهي ته اها پهرين ملڪ جي پارليامينٽ ۾ آڻڻ کپي ها ۽ پوءِ ان تي بحث ڪرايو وڃي ها. ڪشميري قيادت کي به ان تي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها. پر جيڪڏهن اها تجويز سنجيده نه آهي ۽ رڳو جلسي جي حد تائين ڳالهه آهي ته پوءِ به اها ڳالهه ڪرڻ نه گهرجي ها.
ٻيو اهم بيان ملڪ جي گهرووزير شيخ رشيد احمد جو آهي جنهن ۾ هن اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ نواز جي قائد ميان نواز شريف کي آڇ ڪئي آهي ته جيڪڏهن ملڪ واپس اچڻ تي کيس سيڪورٽي جو مسئلو آهي ته هو ملڪ موٽي اچي سندس حفاظت لاءِ فوج جي سيڪورٽي فراهم ڪئي ويندي. اها ڳالهه به جيڪڏهن سياسي طور تي چئي وئي آهي ته به غلط آهي ۽ جيڪڏهن واقعي سنجيده تجويز آهي ته به ان جو اعلان ڪرڻ کان اڳ هزارين ڀيرا سوچڻ گهرجي ها. سڀ کان پهرين اهو ڏسڻ گهرجي ته اڳوڻو وزيراعظم هن وقت جيڪو به ڳالهائي ٿو اهو ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ خلاف به هوندو آهي ان ڪري ئي سندس خطاب کي ملڪ جي ميڊيا تي ڏيکارڻ تي پابندي پڻ لڳائي وئي آهي. جيڪڏهن نواز ليگ جي قيادت گهرووزير جي ان بيان تي ڪهڙو رد عمل ڏئي سگهي ٿي. جيڪڏهن ردعمل فوج جي خلاف آيو ته اها ڳالهه ملڪ جي سلامتي لاءِ ٺيڪ نه هوندي جو هڪ سياسي پارٽي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت ڪري. ان تي نواز شريف جو جيڪو به بيان آيو اهو ملڪ جي ادارن ءِ سياسي ماحول لاءِ ڪو سٺو سنوڻ نه هوندو. سندس بيانن کي ڀلي ملڪ اندر هلائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي پر جڏهن انهن بيانن کي عالمي ميڊيا کڻندي ته ان جو جيڪو اثر ملڪ جي ساک تي پوندو ان جو تصور ڪرڻ به محال آهي. هن ملڪ ۾ اقتدار ۾ موجود ماڻهو چاهي سياسي هجي يا وري غيرسياسي سندس محبوب مشغلو بيان بازي هوندي آهي ان لاءِ هو اهو به ناهن سوچيندا ته انهن بيانن جو ڪهڙو رد عمل ايندو. اهڙن بيانن جي ڪري ئي ملڪ تي ڏکيا ڏينهن اچي چڪا آهن ان ڪري اقتدار ڌڻين کي ضرور سوچڻ گهرجي ته سندن ڳالهين جو ڪهڙو اثر پوندو. اسان جي وزيراعظم جي ڪشمير بابت بيان کي پرڏيهي ميڊيا خاص طور تي ڀارتي ميڊيا کڻي رهي آهي. جڏهن ته ملڪ جي سياسي قيادت به ان راءِ جي آهي ته اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي پر جڏهن ماڻهو اقتدار ۾ ايندو آهي ته پاڻ کي عقل ڪل سمجهندو آهي ۽ ان ڪري ڪا به بهتر ڳالهه سمجهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي هوندو. جڏهن ته بيانن جي ڪري وري جيڪو ادارن تي اثر پوندو آهي ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو نه آهي. اسان جي پنهنجي حڪمرانن، سياستدانن، اهم عهدن تي ويٺل ماڻهن کي گذارش آهي ته هو جڏهن به ڪو بيان ڏين ته ان جي پس منظر، پيش منظر ۽ ردعمل تي به سوچيندا ڪن ته جيئن اڳتي هلي ڪو وڏو مسئلو پيدا نه ٿي پوي. هونئن به چوندا آهن ته پهلي تول پهر بولو. ان قول تي عمل ڪرڻ سان گهڻن مسئلن کان بچي سگهجي ٿو.