تبديل ٿيندڙ دنيا ۽ اسان جي پوزيشن!‎‎

ھڪ وقت ھو جڏهن سوويت يونين يعني ھاڻوڪو روس گرم پاڻين تائين رسائي لاءِ دنيا سان جنگيون جوٽيندو ھو، افغانستان تي ڪيل حملو به ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي ھو، چين، عرب دنيا، آمريڪا سڀ ئي ان وقت سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا ھئا. سوويت يونين جي ٽٽڻ بعد باقي بچيل روس پاڻ کي فوجي ۽ معاشي اعتبار کان ٻيھر بحال ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاڻ ۾ تبديليون آنديون، ڪالھ جا دشمن چين ۽ روس ھڪ ٻئي جا اقتصادي اتحادي بڻجي ويا، چين به جنگين تان ڌيان ھٽائي چيرمين مائوزي تنگ جي پاليسي کي في الحال ھڪ طرف رکي واپار کي اوليت ڏني ان ۾ چين دوست دشمن جي فرق کي ختم ڪري سڀني سان بھتر واپاري لاڳاپا جوڙي ورتا ان ۾ ڀارت ۽ روس سرفھرست آهن. چين جڏهن پاڪستان سان سي پيڪ جو تاريخي واپاري ٺاھ ڪيو ته ان جو فائدو رڳو چين ۽ پاڪستان کي نه ٿيو آهي پر روس کي به ٿيو آهي، ڇو ته شنگھائي اقتصادي ڪونسل جي پليٽ فارم تان روس به پاڪستان جو واپاري دوست بڻجي ويو آهي، ان ڪري جنهن گرم پاڻي واري رستي لاءِ روس افغانستان ۾ جنگ چوري ھئي اھو رستو کيس پيار محبت سان ملي ويو، ٻيو تاريخي ڪم چين اھو به ڪيو آهي ته فرقي جي بنياد تي 50 سالن کان وچ اوڀر کي جنگ جو ميدان بڻائيندڙ ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٺاھ ڪرائي ڇڏيو اٿس، ان سان ھڪ ته چين ۽ روس کي وچ اوڀر ۽ آفريڪا جي منڊين تائين پهچ حاصل ٿيندي ٻيو ته علائقي جا ملڪ جيڪي پرو سعودي عرب ۽ پرو ايران آهن انهن ۾ ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي ايندي. پاڻ پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب جي فرقيواريت واري ويڙھ سبب پريشان هو ته ڪنهن پاسي بيھجي! ان ٺاھ بعد پاڪستان لاءِ سولايون پيدا ٿي ويون آهن ته ايران کان سستو تيل ۽ گئس وٺي سگهي، امڪان آهي ته چين جو ٻيو ٽارگيٽ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڇڪتاڻ گھٽائڻ ھجي، ان سڄي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ ڳالهه جيڪا آهي اھا آهي ته پاڪستان ۾ سياسي صورتحال بلڪل غير يقيني واري آهي، ان ڪري چين جھڙا دوست ملڪ جيڪي پاڪستان تي اربين ڊالرز سيڙائي ويٺا آهن اھي پڻ پريشان آهن، ٻڌڻ ۾ اھو به آيو آهي ته تازو چيني ورڏيهي وزير به ملڪ ۾ سياسي استحڪام تي زور ڏنو آهي. حالتون بھتر نه ٿيڻ جي صورت ۾ چين پنهنجو رستو افغانستان  رستي ايران جي بندرگاھن تي پھچڻ جو سوچي سگهي ٿو. ان ڪري ھن تاريخي اقتصادي لھر ۾ پاڪستان جي سڀني سياستدانن کي ھوش کان ڪم وٺڻو پوندو، ايئن نه ٿئي جو ھي تاريخي موقعو به ھٿن مان نڪري وڃي. ھر لحاظ کان تباھ حال پاڪستان کي سنڀالڻ لاءِ بھترين موقعو آهي، سياسي ويڙهه کي جنهن انداز سان سياستدان وٺيو پيا اچن ان سان ھر ساڃاھ وند ۽ سمجھدار پريشان آهي.

مدثر حسين خاصخيلي/ ڳوٺ باقر خان نظاماڻي

لوڪل اليڪشن جي ڪامياب اميداوارن کي حلف کڻايو ويو!

ھڪ پاسي مھانگائي جي ڪري غريب عوام ھر ٻئي ڏينهن تي آپگھات ڪري زندگي جو ڏيئو اجھائي رهيو آهي ته ٻئي پاسي سنڌ جي مختلف ضلعن جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ھال اڳيان سنڌ جي ڀينگ ڪندڙن جي وڏي وٺ وٺان لڳي پئي ھئي .وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه عھديدارن کي حلف جي چڱي ريت خبر ئي ناهي ته ڪي وري ڏڪندا سھڪندا وڏا ساھ ڀري ھال مان ٻاھر نڪري ھڪ ٻئي کي ڏسي ايئن مبارڪون ڏئي رھيا ھئا ڄڻ ته کين ڪو وزيراعظم جو عھدو مليو هجي .ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ڀينگ ڪندڙ پيپلز پارٽي ئي آهي جنهن کان پوءِ اقتداري ڌر ۾ ماضي ۾ نيازي به گھٽ ڪو نه ڪيو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميونسيپل يوسي سيڪيٽري کان ويندي ھر يوسي لاءِ لکن جي تعداد ۾ بل پاس ٿيندا رهند آهن، جن ۾ سلائي مشينون، موريون، مڇرداني ۽ سولر پليٽن کان هر شيءَ لاءِ فنڊ جاري ٿيندا آهن، جيڪي اڳ جيان هن ڀيري به ھڙپ ڪيا ويندا، ھي وڏيرا اليڪشن جي حد تائين عوام دوست هوندا آهن، ان کان پوءِ ڏوڪڙ ۽ امدادي سامان ڏيندڙ مالڪن سان ڪجهه وڌيڪ ڏيتي ليتي ڪندا آهن، اڪثر ڪري من پسندي واري نظام کي برقرار رکي ھڪ اڌ سيلفي ڪڍرائي پگھاردارن کان رکرائيندا آهن جڏهن ته اصل مستحقن کي ته انهن جا پٽيوالو منهن سڌو ڪري ناهن ڳالهائيندا. ساٿيو پنهنجي ضمير جو سودو ڪري ھنن ڪامورن کي اوھان ئي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي ھاڻ اوھان تي به فرض آهي ته انهن کان پنھنجا جائز مسئلا حل ڪرايو. جيتوڻيڪ روڊ، بجلي، تعليم ۽ صحت مرڪز لاءِ اصل ڌرڻو ھڻي انهن جي در تي ويھي رھو .جيڪر اوھان کي چڱي موٽ نه ملي ته پاڻ سڀ گڏجي انهن کي ڪورٽن جا چڪر لڳرائينداسين گڏوگڏ پنھنجا جائز مسئلا پڻ انهن کان حل ڪرائينداسين.

ظفر حسين مري/کپرو

بلدياتي نظام ۽ چونڊيل نمائندا!

بلدياتي چونڊن بعد خير سان چونڊيل نمائندن حلف به کڻي ورتو آهي، حلف کڻڻ جون تقريب مختلف ضلعن ۽ تعلقن اندر رکيون ويون هيون جتي مڙني ضلعي ميمبرن، چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ يوسي توڙي وارڊ ميمبرن حلف کڻي ايندڙ پنجن سالن لاءِ عوام جي فلاح بهبود ۽ سندن ترقيءَ واسطي ڪم ڪرڻ جا قسم کنيا آهن، ڏسجي ٿو ته اقتدار کي مٿين سطح کان هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ لاءِ اڳوڻو صدر ۽ آمر جرنل مشرف ملڪ اندر بلدياتي نظام متعارف ڪرايو هو، جنهن موجب عوام جا توڙي عوامي فلاح ۽ بهبود جا ڪم عوام جي گهرن جي درن تائين حل ٿي سگهندا ۽ ناظم يا چئيرمين يوسي سطح جا فنڊ پنهنجي يوسين اندر ترقياتي ڪمن ۾ استعمال ڪري سگهندا. انهيءَ متعارف ڪرايل نظام پٽاندڙ ماڻهن چونڊون وڙهي ناظم ۽ چيئرمين بڻيا هئا، هي نظام سياستدانن لاءِ ايڏو ته ڪارآمد ۽ سوني جهرڪي ثابت ٿيو آهي جو ايم پي اي ۽ ايم اين اي به پنهنجي سيٽن تان استيفائون ڏئي ضلعي ناظم ٿيا هئا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بلدياتي نظام ڪيتري قدر سندن واسطي فائديمند ثابت ٿيو آهي. باقي اقتدار جي هيٺين سطح تي منتقلي بعد عوام کي ڪيترو فائدو پهتو آهي ۽ نظام جي چونڊيل نمائندن ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو آهي، اهو عوام ئي بهتر ڄاڻي سگهي ٿو جو اخبارن ۾ ڪالم لکجي رهيا هئا، بلدياتي نظام جي چونڊيل نمائندن حلف ته کنيو آهي پر کين وڏا چئلينج به سامهون آهن جو هو پنهنجي سالن تائين پنهنجي حلقن ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائيندا، سولر سسٽم لڳرائيندا، پليون ٺهرائي ڏيندا ۽ ننڍا وڏا فلاح ۽ بهبود جا ڪم به ڪرائيندا. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته نمائندن هيڏو خرچ ڀري، چونڊون کٽي ميمبر بڻيا آهن اهي پنهنجن علائقن اندر مٿي ذڪر ڪيل ڪم ڪرئيندا يا پنهنجو خرچ ۽ ايندڙ چونڊن جو خرچ ڪڍندا؟ اهو سوال فنڊن جي جاري ٿيڻ تائين رکون ٿا ۽ منجهن اميد به رکون ٿا ته هو ايندڙ پنجن سالن تائين عوام جي خدمت ڪندا ۽ ڌڙا ڌڙ ترقياتي ڪم ڪرائين جنهن واسطي کين ووٽ مليو آهي.

تبسم کوسو/باهو کوسو

چونڊجي آيل نوان چهرا ۽ بجيٽ

جي صحيح استعمال وار سوال!‎‎

ڪالھ سنڌ صوبي جي ھر تعلقي ۾ نون چونڊجي آيل چيئرمين ۽ ڪائونسلر جي حلف برداري ٿي گذري، جنھن ۾ اڪثريت پاڪستان پيپلز پارٽي جي نمائندن جي نظر آئي، جڏهن ته ڪجھ نوان چھرا پڻ شامل ھئا ۽ ڪجھ پراڻا چھرا ھئا، جن لوڪل بنياد تي مسئلا حل ڪرڻ ۽ يوسي، ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي غريب اٻوج ماڻھن جي خدمت ڪرڻ لاءِ قسم کنيو پر اڪثر ڏٺو وڃي ته ھڪ ته شھرن ۾ ترقياتي ڪم نه پيا ٿين، صرف بجيٽ کائڻ جي لاءِ قسم کنيو ويو آھي؟ پر انھن مان ڪجھ نون چونڊجي آيل نوجوانن مان ڪم ڪرڻ جي اميد رکي سگھجي ٿي، جن کي عوام پنھنجو قيمتي ووٽ ڏئي ۽ آزمائش لاءِ به خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آھي. ھن مرحلي کان پوءِ ضلعي جو چيئرمين مقرر ڪيا ويندا، ھر يوسي جي بجيٽ لڳ ڀڳ 10 کان 15 لک مھيني ۾ ايندي آھي پر سمجھ ۾ نٿو اچي ته پوءِ صفائي ڪندڙ عملو ڀنگي ۽ ننڍا ملازم پگھارن جي لاءِ رڙيون واڪا ۽ ھڙتالون ڪندا آھن. يوسين ۾ اھڙا ڪيترائي ڳوٺ آھن جن کي مٺي پاڻي جون سھولتون به مليل نه آھن، انھن ضرورتن جي بنياد تي ڪم ڪري پاڻي جون اسڪيمون ڏنيون وڃن. شھرن ۽ ڳوٺن ۾ وڻ لڳرايا وڃن. ناليون ٺھرايون ڏنيون وڃن ۽ جيڪي ناليون ٺھيل آھن انھن جي روز جي بنياد تي صفائي ڪرائي وڃي. شھر گندگيءَ جا دير بڻيا پيا آھن، شھرن کي صاف سٿرو رکيو وڃي. غريب مسڪين ماڻھن کي نلڪا ۽ سلائي مشينون ڏنيون وڃن، پڪين سرن جا رستا ٺھرائي ڏنا وڃن. ڏٺو وڃي ته لکين رپيا بجيٽ اچي ٿيم جي ايمانداريءَ سان غريب عوام جو آيل پئسو غريب ماڻھن تي ئي خرچ ڪيو وڃي ته سنڌ جي ڳوٺ ۽ شھر خوبصورتي سميت صاف ۽ سٿرا نظر اچن پر لوڪل گورنيمنٽ ۾ بجيٽ جو صحيح استعمال نه آهي اھل ۽ ڪم ڪرڻ وارا ماڻھو رھجي وڃن ٿا ۽ ھن لوڪل سطح تي ڪرپٽ ۽ مال کائو چونڊجي اچن ٿا، جن جي نظر صرف بجيٽ تي ئي هوندي آھي.

ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

کدڙن فقيرن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي!‎‎

پاڪستان ۾ کدڙا فقير اڪثر ڪري تعصب کي منهن ڏئي رهيا آهن، انھن کي انسان نه سمجھندي مٿن تشدد ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ کدڙا فقير پنھنجي حقن جي تحفظ لاءِ مختلف تنظيمون ھلائي رھيا آھن، جنھن جو بنيادي مقصد پنھنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ آھي. پاڪستان ٽرانس جينڊر تحفظ جي حوالي سان بين الاقوامي انساني حقن واري اداري سان معاهدا ڪري چڪو آهي ۽ ٽرانس جينڊر ايڪٽ پڻ پاس ڪيو آھي. ھينئر تائين انهن جي حفاظت، سماجي برابري ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ ڪي به قدم ناھن کنيا ويا. پاڪستان جي ٽرانس جينڊر ايسوسيئيشن موجب ھر سال ڪيترائي کدڙا فقير قتل ۽ تشدد ڪيا وڃن ٿا. سڀ کان وڌيڪ خراب ڳالھ اها آهي ته جيڪڏهن پوليس تشدد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ چڱي ريت قانوني ڪارروائي نٿي ڪري ۽ ملزم کان ڪجھ معاوضو وٺو معاف ڪري ڇڏي ٿي. حڪومت جي نااهلي جي ڪري ٽرانس جينڊر برادريءَ تعليم پرائي نٿي سگهي ۽ جيڪڏهن ڪجھ ماڻهو اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃن به ٿا ته انھن کي اسڪولن ۾ داخلا نٿي ڏني وڃي ۽ چيو تو وڃي ته سرڪار پاران ٽين جنس جو آپشن ناھي ڏنو ويو. وري جيڪڏهن ڪنھن دڪان، فيڪٽري يا ڪمپني ۾ مزدورن ڪرڻ وڃن ٿا ته انھن کي مزدورن جو معاوضو گھٽ ڏنو وڃي ٿو. اسان حڪومت کان ٽرانس جينڊر ماڻھن جي حقن جي تحفظ جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ ھنن سان ناانصافيون، تشدد ڪندڙن انسان جي روپ ۾ حيوانن خلاف قانوني ڪارروائي پڻ ڪندا. اميد رکون ٿا ته حڪومت اھڙي حڪمت عملي جوڙي جنھن سان کدڙن فقيرن کي انھن جا حق ملي سگھن.

سمير ساگر قريشي/حيدرآباد

محبت جو راز!

منهنجي ذهن ۾ گهمدڙ حسين چنڊ نما چهرو رکندڙ سائين تون جڏهن ان مٿان بليڪ ماسڪ لڳائي فيڪلٽي گهمندا آھين ته ايئن محسوس ٿيندو آھي ته ڄڻ چنڊ کي گرهڻ گهيري وڌو هجي پر ان مٿان جڏهن ڪجل پيل سنهڙيون اکيون ظاهر ٿينديو آهن ته لوڪ کي ايئن محسوس ٿيندو آھي ڄڻ جهڙ ۾ چنڊ لڪل آھي، ان جي روشني ٿورڙي گهٽ آھي پر تارا چمڪن پيا، جڏهن ليب اندر زو جي باري ۾ سوچيندو آھيان ته منهنجي من ۾ هزارين نالا اچي ويندا آهن، جڏهن اٽيڊنس هڻي ٻاهر نڪرندا آھيو ته فيڪلٽي جي لان ۾ هلڻ دوران اوهان جي سوچ ڪنهن قبيلي جي ان مير، سردار، خان جهڙي هوندي آھي جيڪو سوچيندو آ ته سواءِ مون کان باقي هتي سڀ هيٺيون طبقو آهي ۽ مان جيئن چاهيان جهڙو حڪم ڏيان پنهنجي قبيلي کي اهي ڪنهن عالم جي فتويٰ سمجهي ان پويان لڳي پوندا ۽ پوءِ اوهان منهنجي سرداري حقيقت ۾ سردارپڻي جو ڏيک ڏيندي هر علائقي جو وڏيرو منهنجي برادري کي ووٽ لاءِ يا ڪنهن به ڪم لاءِ مون کي فون ڪندو، ها منهنجا سائين جي تون ايئن محسوس ڪري ٿو ته منهنجو به من سرداري نظام جي خلاف ڪڏهن به ڪونه ٿيندو. ڇو جو ان جو سبب فقط تون هوندي. ايئن ته آئون ان نظام جي خلاف آهيان، ها ۽ جڏهن انڊلٽ جهڙا زلف بس ۾ دريءَ کان هواءِ جي ڪري تنهنجي ان ڪائنات کي روشن ڪندڙ چنڊ جهڙي چهري تي ڦيرا ڏيندا آھن ته هر من مان حسن درس جهڙي شاعرن جا شعر ٻڌڻ ۾ ايندا آھي. مون کي خبر آ ته تون ان هر هڪ شعر چوندڙ کي ناپسند ڪندو آھين، چاهي اهو آئون ئي ڇو نه هجا پر جڏهن تون پڙھڻ کي سمجهي سگھندينءَ اهو تڏهن ئي ممڪن آھي ته محبت کي به سمجهي ويندو.

راشد الطاف شر/ فيض گنج

ٿرپاڪر جي لنڪ روڊن جي سار لهو!

بنيادي سهولتن جي کوٽ ھجڻ به ڪنهن مصيبت کان گهٽ ناهي هوندو، مٺي وايا بدين روڊ تي ڪافي ڳوٺ واقع آهن جن جا لنڪ روڊ تباهه ٿي چڪا آهن، ڪي ته اهڙا به ڳوٺ آهن جن جي روڊن جو ڪم هلندڙ آهي، منهنجو ڳوٺ به انهي روڊ تي ڳوٺ موکار جوڻيجا واقع آهي، لنڪ روڊ اڄ به تباهي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جيڪو روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي پيو آهي ۽ ان ۾ وڏا وڏا کڏا پئجي ويا آهن، هتان جو عوام تمام گڻين ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڳوٺ کي لنڪ روڊ 2006ع ۾ ٺھرائي ڏنو ويو هو پر افسوس جو هن وقت تائين ان جي مرمت ٿي ناهي سگهيي. هن علائقي جا لنڪ روڊ اڄ زبون حاليءَ جو شڪار آهن، هن لنڪ روڊ سان لاڳاپيل اهم کاتي جي آفيسرن توڙي چونڊيل نمائندن جي بيحد بيڌياني بعد هاڻي ڪنهن کي در دانهن ڏجي؟ اسان ڳوٺ موکار جوڻيجا جا رهواسي هڪ ڀيرو ٻيهر به هن چٺي ذريعي هتان جي مقامي نمائندن کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڄاڻايل لنڪ روڊ جي مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن هتان جو عوام ڏکيائين کان بچي سگهي.

غلام رحيم جوڻيجو موکار /مٺي

هن دنيا جو بهترين دوست ڪتاب آهي!

هن دور ۾ جيڪڏهن ڪو دوست ڪجي ته فائدي وارو ڪجي، جيئن دوست دوست جي ملڪيت آهي، ان ڪري هن دور ۾ سچو ساٿ ڏيندڙ دوست رکجي ته ان جو نالو ڪتاب ئي آهي، هي اهو دوست آهي جيڪو ڪنهن مطلب سان ۽ مفاد سان ڪو به تعلق نه رکندو آهي ڇو جو هن دوست سان اسان کي ٽائيم جي پابندي ڪرڻ لازم آهي. هي دوست ايترو ته سچو هوندو آهي جو هن سان محبت ڪرڻ جا فائدا آهن ۽ هن کان پري رهڻ جا به ڪيترائي نقصان آهن، ماڻهو ڪتاب ته پڙهندا آهن پر دل سان ناهن پڙهندا، ڇو جو هنن کي ان دوست سان بس ٽائيم برباد ڪرڻون هوندو آهي، ان ڪري حقيقي دوست کي دوست جو لقب ڏنو آهي ۽ توهان پاڻ فيصلو ڪريو ته حقيقي دوست ڪڏهن به غلط رستو ڪونه ڏسيندو آهي ڇو جو هي ان منزلن تي ان اميدن کي پورو پوڻ ۾ مدد ڪندو آهي، خاص ڪري اسان هميشه دوست مفاد پرست ئي ٺاهيا آهن، جن مان اسان کي ڪجه به ڪو نه مليو آهي پر هي اهو واحد ڪتاب آهي جيڪو هر ان دوست کي دوست ڪري ڪاميابي ڏياريندو آهي جيڪو هن جو روز جو دوست بڻيل هوندو آهي. اهو هر وقت ڪاميابيءَ جون راهون ڏسندو رهندو آهي. مون کي يقين آهي ته هي واحد وفادار دوست آهي جيڪو هر منزل طرف اسان سان گڏ هوندو آهي، جيڪو اسان کي اڪيلين راهن ۾ ڇڏي نه ويندو آهي، باقي دنيا جا ته کوڙ دوست آهن جيڪي اسان جي ڪاميابي به برداش نه ڪري سگھندا آهن، هن جو ڪير به دشمن ناهي ۽ هي ڪنهن جو به دشمن ناهي، هن دوست سان دوستي رکو ته ڪاميابي توهان جا قدم چمندي، دنيا جو واحد دوست ڪتاب آهي.

حبدار علي ڪٻر/ڳوٺ باگو وداداڻي،سانگھڙ

شادي لارج جي عوام سان هڪ ٻيو ظلم!

شادي لارج شهر ۾ هڪ فراڊي گروهه جيڪو بدين کان اچي شادي لارج جي غريب پورهيتن کي ٻني هٿن سان ڦري ويا آهن جڏهن ته ذريعن موجب بدين جي منسٽرن جو ان معاميل ۾ هٿ آهي، جڏهن ته پورهيتن جو چوڻ آهي ته پريس ڪلب جا دروازا به اسان لاءِ هميشه لاءِ بند ڪيا ويا آهن، هتي جا صحافي صرف ۽ صرف وڏيرن جي اوطاقن تي چانھ پيئڻ ۾ مصروف آهن، شادي لارج شهر جي پورهيتن اقبال لنڊ، لياقت لنڊ، معشوق سومرو، ڊاڪٽر گل حسن لنڊ، زين شاهه ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته مجيد ملاح، بابو، اسلم زنئور، نورالدين بليدي جن نوڪريون ڏيڻ جي بهاني اسان 15 لک رپيا ڦر ڪيا آهن اسين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان سان حق رسائي ڪئي وڃي، اسان کان فراڊين پاران ورتل پئسا واپس موٽرائي ڏنا وڃن ۽ ان معاملي ۾ ملوث ڌرين کي وائکو ڪري انهن کي جوڳي سزا ڏني وڃي.

آفتاب بلوچ/ شادي لارج

بي زبان پکين جي لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست!

دوستو! گرمين جي موسم اچي وئي آھي، جتي پنهنجي پاڻ کي اس کان بچائڻ ضروري آهي ته اتي بي زبان پکين ۽ جانورن جي لاءِ به ڪجھ ڪرڻ ضروري عمل آهي، اها اصل انسانيت آهي، مالڪ اوهان سڀني کي سڀ ڪجھ ڏنو آهي ته اوھان به ان جي ٺاھيل مخلوق جو خيال رکو، اها به هڪ عبادت آهي، پنهنجي گهر ۾ پاڻيءَ جو پيالو، پاٽوڙو يا ٿالھ وغيره ڀري رکو جيئن اڃايل پکي پاڻي پي سگھن ۽ اوهان کي دعا ڏين، اها هڪ انسانيت آهي ۽ اها جاندارن جي خدمت چئبي، اسان کي ڪھڙي خبر ته مالڪ الاهي ڪهڙي ڳالھ ۾ راضي آهي، ڇاڪاڻ ته مالڪ کي اسان جي اھا نيڪي وڻي وڃي ۽ جيڪي ٻين ملڪن مان پکي ايندا آهن، مھرباني ڪري انهن جو شڪار نه ڪيو وڃي، انهن ننڍڙن معصوم بي زبان پکين جو خيال رکيو وڃي.

ثقلين حيدر/ رتوديرو

سنڌ صوبي جا اصل وارث بکو ڪاٽڻ تي مجبور آهن!‎‎

سنڌ صوبي سان زيادتيون بند نه ٿي سگھيون آهن، سنڌ صوبو صوفين جي ڌرتي آهي، سنڌ صوبي سان وفاقي حڪومت جون زيادتيون بند ٿين گهرجن، سنڌ صوبي مان تيل گئس نڪري رهيو آهي جيڪو ملڪ جي مختلف صوبن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي جڏهن ته شاهوڪار سنڌ جا اصل وارث مڙني بنيادي انساني سهولتن کان به محروم بڻيل آهن، سنڌ جا ماڻهو هاڻ بکو ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، سنڌ جا ماڻهو بيروزگاريءَ جي ڪري آپگھات ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ تيل گئس ڪمپني ۾ ٻاهرين صوبن مان گھرايل ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن، سنڌ صوبي سان هاڻي ناانصافيون بند ڪيون وڃن، سنڌ جي ماڻهن کي تيل گئس ڪمپنين ۾ مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي، اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ٻين وس وارين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ صوبي سان ٿيندڙ وفاق ۽ اتان جي عملدارن جي ناانصافين جو نوٽيس ورتو وڃي، سنڌ صوبي جي ماڻهن سان انصاف ڪيو وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

ھڪ سبق!‎‎

اڄ کان ٺيڪ سئو سال پھريان يعني 1923ع ۾ ھڪ ليکڪ پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو ته جڏھن 23 جو عدد يعني 2023 ٻيھر ڪئلينڊر تي ايندو ته اوھان ھوندو نه مان ھوندس، ان وڌيڪ لکيو ته ڪاش، عمر ايترو لحاظ رکي جو مان ٻيھر 23 جو عدد ڏسي سگھان، مان اھو ڏسي سگھان ته 2023ع ۾ ماڻھو ڪيئن ھوندا، 2023ع جو زمانو ڪيئن ھوندو پر ايئن ممڪن ناھي، ان وقت اسان جون قبرون، گمنام ٿي چڪيون ھونديون. ساحر لڌھيانويءَ جڏھن آخري پساهن ۾ ھيو تگ ان ڊاڪٽر کي چيو، ڊاڪٽر ڪپور، مان جيئڻ چاھيان ٿو، بيشڪ زندگيءَ تمام گھڻا ڏک ڏنا آھن پر دنيا ھڪ خوبصورت جڳھ آھي، ھتي دوستن يارن جون محفلون آھن، ھتي زندگيءَ جو شور آھي، 23 جو عدد جڏھن ٺيڪ 100 سال بعد ٻيھر يعني 2123ع تي ايندو ته پڪ سان نه اوھان ھوندئو نه مان ھوندس. ان وقت اسان جون قبرون قبرستان جي ڳتيل حصن ۾ گم ٿي چڪيون ھونديون، ڪجھ دٻيل ھونديون، ڪجھ نشان وڃائي چڪيون ھونديون، ان ڪري ڪوشش ڪيون ته ھي جيڪو زندگيءَ جو مختصر عرصو آھي ان کي خوشگوار ڪري گذاريون، ڪوئي اھڙو روح، ڪوئي اھڙو جسم نه ھجي جو ھتان زخم کڻي وڃي ۽ انھن زخمن جو الزام اسان جي سر تي ھجي.          عامر علي ڄامڙو/گمبٽ