ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ پاڻي جي معاملي تان جکراڻي ۽ کوسا برادري ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، هڪ ڌر پاران ٽريڪٽر ڊرائيور يرغمال، ٻي ڌر جو احتجاجي مظاهرو، روڊ بند خبر موجب ڳوٺ سمندر گوپانگ ٻاهران کوسا ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ مڇي جي تلاءَ جو پاڻي بند ڪرڻ تان ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، جنهن دوران جکراڻي ڌر پاران ٽريڪٽر ڊرائيور امداد کوسو کي يرغمال بڻائي ورتو، ان ڏس ۾ کوسا ڌر جي ماڻهن انڊس هاءِ وي تي رڪاوٽون رکي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڳوٺاڻن بابل کوسو، اسرار کوسو، اختيار کوسو ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته جکراڻي ڌر جي هٿياربندن اسانجي نوجوان  امداد کوسو کي اغوا ڪيو ۽ ٽريڪٽر ڦر ڪري ورتو، پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي، جکراڻي ڌر جي سهراب جکراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پاڻي معاملي تان ٽريڪٽر بند ڪيو هو، جيڪو پوليس کي واپس ڪيو آهي ڪنهن کي به اغوا ناهي ڪيو.