سوال/سروي … يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان: تعليم کاتو، بورڊ انتظاميا، استاد، ۽ والدين ڪاپي جا ذميوار قرار، پيپر ۽ نصاب تبديل ڪريو: عوام

0
201

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان جاري آهن، امتحان دوران ڪاپي ڪرڻ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ ڪيئن بهتري آڻي سگهجي ٿي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن استادن، والدين، تعليم کاتي، بورڊز انتظاميا کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته امتحان وٺڻ جو طريقيڪار تبديل ڪرڻو پوندو، نصاب ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، ان کان علاوه مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي غلام قادر لکيو ته ڪاپي ڪلچر جو ناسور سنڌ مان ختم ٿيڻ جوڳو آھي ئي نه، گل حسن لکيو ته ڪارڻ گوسڙو استاد آھن باقي ٿوري گھڻي ڪاپي سڌريل ملڪن ۾ به ٿيندي آھي ان کي روڪڻ ممڪن ناھي، منظور علي زرداري لکيو ته اسڪولن ۾ سھولتون ناھن نه سولرسسٽم آهي نه بجلي آهي عمارتون زبون حال ۾ آهن تعليم جا وزير ميٽرڪ پاس سيڪريٽري مڊل پاس استاد به پرائمري پاس تعليم ۾ سڌارو ڪٿان ايندو؟ شاگرد ريگيولر اسڪول وڃن نه ٿا استاد سياست جي پويان آهن، گلزار ملاح لکيو ته ڪاپي وڏي وقت کان جاري آھي، انڪري شاگرد ۽ استاد جو اڳي ئي ذھن ٺهيل آھي ته امتحانن ۾ ڪاپي ئي ٿيڻي آھي.باقي جنهن به سينٽر تان ڪاپي ڪندي شاگرد پڪڙجي پون ٿا اتان جي هيڊماستر ۽ انويجيليٽر خلاف تعليم کاتو ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڪارروائي ڪري ڏيکاري ته گهڻي حد تائين ڪاپي روڪي سگهجي ٿي، امر راءِ سنگهه راجپوت لکيو ته ڪاپي جو اهم ڪارڻ آھي پوزيشن. اڄ جو شاگرد چاهي ٿو ته ڪيئن به ڪري پوزيشن کڻجي. نمبرنگ جي چڪر ۾ محنت ڪرڻ بدران ڪاپيءَ تي ڀاڙي ٿو ان جو اهم سبب اهو آھي جو شاگرد کي پڪ آھي ته ڪاپي ڪرڻ ڏني ويندي. ڪاپيءَ تي تڏھن ئي ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو جڏھن شاگرد کي چڱي ريت ذھن نشين ڪرائجي ته هاڻ ڪاپي ڪرڻ نه ڏيندا ته هُو پاڻهي محنت ڪندو. اهو سڄو سسٽم ختم ٿيڻ ۾ وقت لڳندو. پٽيوالي کان وٺي سيڪريٽري تائين. مائٽن کان وٺي استادن تائين هڙئي ڪاپي ڪلچر جو حصو آھن انهن سڀنيءَ کي سوچڻو پوندو تڏھن ئي ڪاپي ڪلچر ختم ٿيندو. چوڻ جو مقصد انتظاميا ڪاپي ڪرڻ ئي نه ڏئي ته شاگردن کي مجال آھي جو ڪاپي ڪندا؟ مشتاق لاشاري لکيو ته سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر کي ھٿي ڏيارڻ ۾ استادن جو وڏو ھٿ آهي بهتري تڏهن ايندي جڏهن تعليم کاتي مان سياست کي ختم ڪيو ويندو ۽ نيوٽرل ميرٽ تي ھوشيار ۽ محنتي استاد اڳتي ايندا ۽ شاگردن کي سخت محنت ڪرائي اسڪولن ۾ باقائدگي سان استاد پڙھائندا. ايم آچر ڪنڀر لکيو ته سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر جو ناسور ڏينهن قيامت تائين ڪو نه ختم ٿيندو، اورنگزيب شر لکيو ته ڪاپي بعد جي ڳالھه آھي پهريان امتحاني سينٽر ۾ بجلي ته بحال ڪريو، ههڙي سخت گرمي ۾ پيپر ۽ سينٽر اندر نه ٿڌي پاڻي جي سهولت ئي نه ئي وري ڪا بجلي جي سهولت آهي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته استاد پڙهائين نٿا ٽچ موبائل اچڻ بعد ماستر ماسترياڻيون موبائل تي وقت پيا ڪٽن ڪير پڇي ئي نٿو شاگردن جي والدين کي ڪا به خبر ناهي ٻار ڇا لکي پڙهي رهيو آهي، نثار لغاري لکيو ته حڪمرانن سموري سماج جي تعليم ڏانهن عدم دلچسپي تعليم کي ڪاروبار ۾ تبديل ڪري ڇڏڻ ڪارڻ آهي، پرويز ملاح لکيو ته ادارن ۾ اسيسمينٽ 03 ماهي ٽيسٽون ورتيون وڃن ۽ انهن جي چيڪنگ ۽ مارڪنگ جا حق اداري کي ڏنا وڃن ۔جيسيتائين ادارن کي حق نه ڏنا ويندا بهتري ممڪن ناهي، اسيسمينٽ جا سوالي پيپر به سبجيڪٽ ٽيسٽ وٺندڙ کي تيار ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي، اسيسمينٽ ٽيسٽ کان پهريان ٽي ماهي شاگردن کي سليبس ڏنو وڃي، ان سان گڏوگڏ حاضري جون مارڪس به لاڳو ڪيون وڃن، اهڙي ريت بهترين اچي سگهي ٿي ۽ شاگردن جي حاضري به ريگيول ٿيندي  ۽ سالياني بورڊ جي امتحان جي هيڏي وڏي سيڙپڪاري کي به گهٽ ڪري سگهجي ٿو، اسدالله چانڊيو لکيو ته ھڪ ئي طريقو آ ڪاپي کي ختم ڪرڻ جو جيڪو پڙھايو وڃي ان مان ئي امتحان ورتا وڃن، شيراز احمد لکيو ته ڪاپي ڪلچر خود ڪاپي جو وڏو سبب آھي، شاگردن کي يقين آهي ته ڪاپي ڪري پاس ٿي وينداسين، ان ڪري محنت ڪري پڙھڻو ناھي. ٻئي طرف استاد ۽ بورڊ انتظاميه ڏوھاري آھن. جڳت دان ديول لکيو ته اصل ۾ اسان وٽ ان معيار جي تعليم آهي ئي ڪونه، ڪاپي نه هلي ته شاگرد پاس ئي نه ٿيندا، ڪامران علي جمالي لکيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ استادن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي ڪورس پورو ڪرايو وڃي پوء ڀلي ڪاپي ڪرڻ نه ڏني وڃي، راجو ٺڪر لکيو ته پھرئين ڳالھه گرمي جي موسم آھي پاڻي جو بندوبست ڪرڻ گھرجي ان علاوه بجلي جو سسٽم به صحيح ھڻڻ گھرجي ته جئين شاگرد سڪون سان امتحان ڏئي سگھن، اي آر رحمان لکيو ته سبجيڪٽ ٽيچرز جي کوٽ وڏو ڪارڻ آهي ، معين خان تنيو لکيو ته جيڪڏھن ڪاپي نه ٿيندي ته شاگرد ڪئين پاس ٿيندو، اسلم سومرو لکيو ته امتحان اندر موجود انويجيليٽر ڪاپي جو ذميوار آھي جنهن بلاڪ مان ڪاپي پڪڙي وڃي ته ان بلاڪ جي انويجيليٽر مٿان ايڪشن کڻڻ سان ڪاپي تي ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو، امتياز لغاري لکيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪاپي ڪلچر جو سبب سيلبس جي پڙھاڻ جو طريقو غلط آھي سنڌ حڪومت کي کپي تـ مڊٽرم ۽ سال ۾ ٻه چڪر پيپر ورتا وڃن، قربان علي ميراڻي لکيو ته غريبن جا ٻار ته پنھنجي ڪارڪردگي تي امتحان ڏيندا ليڪن اميرن چونڊيل نمائندن بااثرن جا ٻار ڪاپي ڪلچر استعمال ڪندا جنھن جي روڪ ٿام نا ممڪن عمل آھي، حامد علي لاشاري لکيو ته استاد،والدين،ويجيلنس ٽيمون سڀ جو سڀ ملوث آھن، عبدالحئي مير لکيو ته ڪارڻ اهو آھي ته اسان وٽ تعليم جو شعور ئي ناهي ريگيولر ڪلاس به نٿا هلايا وڃن استاد صاحبان شاگردن کي ڌيان سان پڙهائين به ڪونه ٿا ۽ نه ئي شاگردن جا والدين انهن جي تعليم تي ڪو ڌيان ٿا ڏين تنهن ڪري اسين سڀ ئي هن ڪاپي ڪلچر جا زميوار آھيون، سردار جي ايم بلوچ لکيو ته حقيقت ۾ هئين آھي ته 9ڪلاس کان ويندي BA تائين جيڪي به امتحان ٿيڻ گهرجن اهي هن ريت هجن جئين iBA جو اداروٽيسٽ وٺي ٿو MCQ   ائين ٿيڻ گهرجن، سيف الله پنهور لکيو ته سنڌ جي بورڊز ۽ يونيورسٽيز واري کاتي طرفان سرعام ڪاپي ڪرائڻ جي کلي ڇوٽ مليل آھي، جيستائين بورڊز ۽ يونيورسٽيز وارو کاتو سختي نه ڪندو تيسيتائين ڪاپي ڪلچر ختم ٿيڻ مشڪل نه پر ناممڪن آھي. لال بخش بوزدار لکيو ته تعليم جو معيار ڪريل آھي طاقتور ڌريون ميرٽ جي لتاڙ ڪري رھيون آھن ھڪ معمولي ڪاموري جو پٽ به جيڪڏھن پيپر خالي ڇڏي موٽي اچي پوءِ به A one گريڊ کڻي ايندو، ساگر امير حيدر لکيو ته افسوس ته مون کي ان مهل ٿيو جڏهن هڪ ريگيولر استاد ريگيولر شاگرد جيڪو سڄو سال پيرڊ هلائيندو رهيو پر دوران امتحان ان ساڳي استاد ان ساڳي شاگرد کي ڪاپي ڪرائي، مختيار احمد، مير شان علي ۽ بشير ميراڻي به سروي ۾ حصو ورتو، عرفان جروار لکيو ته استاد جيڪڏهن چاھين ته ڪاپي ڪلچر ختم ٿي ويندو، احسان لغاري لکيو ته سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر جو بنياد پراڻو آھي ڪاپي صدين کان وٺي ھلي رھي آھي ۽ تا قيامت ھلندي رھندي، افضل حاجاڻو لکيو ته ڪاپي جو ڪارڻ استاد جو ڌيان نه ڏيڻ آهي، اسدالله هنڱورجو لکيو ته ميڊيا سميت سڀئي شيون رڪاوٽ بڻيل آهن، ڪڏهن به ختم نٿي ٿي سگهي، موهن لال لکيو ته جڏهن امتحان شروع ٿيندا آهن تڏهن ڪاپي ياد ايندي آهي ۽ پوءِ وساري ويھڻ عادت ۾ شمار ٿيو وڃي انهي حساس معاملي تي حڪومت توڙي عوام لوچڻ لاءِ تيار ناهي ته آخرڪار ڪاپي ڪلچر کي ڪيئن ٻنجو ڏنو وڃي شاگرد کي ڪاپي ڪرڻ تي ڪير ٿو مجبور ڪري اهو سادو سوال آهي جيڪڏھن شاگرد کي سندن ڪورس تي مڪمل عبور حاصل هوندو اهو شاگرد قطعي ڪاپي ڪونه ڪندو، مختيار مولائي لکيو ته تنگواڻي ۾ھائير سيڪنڊري اسڪول گل محمد بجاراڻي سميت يارھين ۽ ٻارھين امتحان دوران ڪاپي جي پيپرن ۾ 2000 کان وٺي 3000رپيا رشوت عيوض پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿين پيا باقي حال سارو سوشل ميڊيا ۽ نجي چينلن جي سامھون آھي، خاموش خليل شر لکيو ته سينٽرن ۽ بلاڪن ۾ استاد ته گهڻوئي تاڪيد ڪندا آھن، فاروق احمد لکيو ته پيپر خود اهي ڪلاس ٽيچر ڪڍن جيڪي ٻارن کي پاڻ پڙهائن ٿا، شاهد ڏاهري لکيو ته سڀ کان پهريان تعليمي نظام بهتر ڪرڻو پوندو، ماڻڪ حڪيم لکيو ته ڪاپي ڪلچر اهڙو ناسور بڻجي ويو جيڪو مختلف طريقا استعمال ڪجن پر ختم نٿو ٿئي سگهي، اظهر جروار لکيو ته ڪاپي روڪي سگهجي ٿي، سڀ کان پهرين ته شارٽ سوال هجن ان بابت شاگردن کي پهرين کان ئي آگاهي ڏني وڃي هي سوال هاڻوڪي پيپر ۾ ايندا. اسان وٽ اڃان تائين پراڻو نظام هلندڙ آهي اڄ به بورڊ جا ميمبر پيپر وٺي ونگاري ماڻهن کان ري چيڪ ڪرائيندا رهن ٿا، هاڻي سنڌ ايجوڪيشن بورڊ کي گهرجي هو يونيورسٽي وارو نظام لاڳو ڪري پيپر ۾ ڪاپي جو نظام ختم ڪن. جنيد زرين بلوچ لکيو ته درسي ڪتاب سليبس تي توجھه ڏيو، احسان عيسيٰ لکيو ته سڀ ڪجھه ٺيڪ ٿي سگھي ٿو پر سنڌ جو وڏيرو حڪمران ڪڏھن ڪونه چاھيندو، فياض رحمان لکيو ته تعليم بھتر ڪيو نوان ۽ ڪامپيٽنٽ ٽيچرز رکو ٽيچرز لاءِ ريگيولر بي ايڊ لازم ڪيو، دليپ آزاد لکيو ته حڪومت ڪاپي ڪلچر ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي ان جو نقصان سنڌ صدين تائين ڀوڳيندي، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر ختم ٿيو ته ميرٽ جي گهرج وڌي ويندي جو ڀوتارن کي منظور ناهي، لال محمد جلباڻي، علي محمد کوسو، عباس ٻرڙو، حضور بخش شر، عبدالستار ڪلوئي، امتياز احمد، ساجد بن محمد علي، شهباز ٻجورو، احمد علي، راشد سيٺار به سروي ۾ حصو ورتو، عامر کوسو لکيو ته ڪاپي ڪلچر ھڪ ناسور رواج آھي جيڪو صدين کان اسان وٽ ھلي پيو ، جنھن جي ڪري اسان جا نوجوان پڙھائي ڏي ڌيان نٿا ڏئي سگھن. سڀ کان پھريان والدين کي پابند ٿيڻو پوندو ۽ پنھنجي ٻارن جي اسيسمنٽ ڪرڻي پوندي پوءِ استادن کي گهرجي ته جيڪو جڏو شاگرد هجي کي هوشيار شاگرد سان گڏ ويهاريو وڃي، ڪورس کي ڪمپائل ڪرڻ گھرجي . چوٿون امتحان کان پھريان 3 مھينا پھريان ٻار کي آئوٽ لائن ڏني وڃي ته ھن آئوٽ لائن مان پيپر ايندو، عامر ڪلھوڙو نصيرآبادي لکيو ته ڪاپي ڪلچر ختم ڪرڻ لاءِ تعليم کي جديد ۽ اسڪولن کي فعال ڪرڻ جِي ضرورت آهي، منظور ڪنڀر لکيو ته انتظاميا نٿي چاهي ته ڪاپي بند ٿئي، اي ڊي دايو، سترام داس، شاهزيب سنڌي به سروي ۾ حصو ورتو، راشد علي لکيو ته ڪارڻ گوسڙو استاد آھن باقي ٿوري گھڻي ڪاپي سڌريل ملڪن ۾ به ٿيندي آھي ان کي روڪڻ ممڪن ناھي، شاهد شر لکيو ته سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر جو ناسور ڏينهن قيامت تائين ڪو نه ختم ٿيندو، لجپت راج لکيو ته ڪاپي ڪلچر خود ڪاپي جو وڏو سبب آھي، لياقت بلوچ لکيو ته پهريان امتحاني سينٽر ۾ بجلي ته بحال ڪريو، مير حفيظ لکيو ته پڙهائي نه ڪرڻ ڪارڻ آهي، حامد علي انڍڙ، شڪر جمال گجو ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.