جبري مذهب تبديلي خلاف بل منظور ڪيو وڃي!
سنڌ ۾ هندو برادريءَ جي نياڻين تي ظلم ٿي رهيو آهي، نياڻين کي ورغلائي ذهني دٻاءُ وجهي انهن کي شادي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽن ۾ به هندو نياڻون محفوظ ناهن. سنڌ صدين کان پيار، محبت ۽ امن جي امين رهي آهي، جنهن جا رهواسي شاهه، سچل ۽ سامي جا پيروڪار رهيا آهن ۽ مذهبي انتها پسندي، تعصب، نفرت ۽ مذهبي متڀيد کان بالاتر ٿي انسانيت کي اوليت ڏني آهي ۽ سڀ مذهبن جو احترام ڪرڻ جو درس ڏئي ويا، روز اها خبر ٻڌون ٿا ته هندو نياڻيءَ کي اغوا ڪري ان جو زوريءَ مذهب مٽايو ويو. وارثن جي هوندي به نياڻيون ڄڻ يتيم آهن، ظلم زيادتيون ۽ ڏهڪاءُ پنهنجون سموريون حدون اورانگهي بربريت ۽ وحشتن جو ناچ شروع ڪيو آهي. سڄي سنڌ کي خبر آهي ته هندو سنڌ جا اصل وارث آهن، سوچو جڏهن سنڌ جي وارثن جون نياڻيون جانورن کان محفوظ ناهن ته ٻيون نياڻيون ڪيئن محفوظ رهنديون؟ رنڪل ڪماريءَ کي اغوا ڪري زوريءَ مذهب تبديل ڪرايو ويو ۽ ان بعد لتا ڪماريءَ کي اغوا ڪيو ويو، مذهب جي آڙ ۾ سنڌي هندن سان ظلم ڪيو ٿو وڃي، سنڌ ۾ موجود غير مسلمانن کي جاني مالي ۽ سياسي تحفظ مليل ناهي، هندن کي پنهنجي فيصلي ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي، هندو خاندانن جي شادين بابت قانون جوڙيو وڃي. هندن سان ٿيندڙ ناانصافين جي ذميوار رياست آهي، جڏهن پاڪستان نه ٺهيو هو ته هندو ۽ مسلم جو ڪو فرق نه هو، هندو درگاهن ۾ دعا گهرڻ ويندا هئا ۽ مسلمان مندرن ۾ چپل لاهي ويندا هئا. ايئن مندرن ۾ داخل نه ٿيندا هئا، سنڌين کي غلام بڻائي هندن تي ظلم شروع ڪيو ويو ۽ معصوم نياڻين کي اغوا ڪري انهن تي تشدد ۽ جنسي حراسان ڪري زوريءَ مذهب تبديل ڪرايو ٿو وڃي. اسان کي هندو برادريءَ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، انهن جو حوصلو وڌائجي جيئن اهي پنهنجو حق گهري سگهن ۽ زوريءَ مذهب تبديل ڪرائڻ جي خلاف ڀرپور جدو جهد ڪن ته جيئن انهن کي انصاف ملي سگهي.
خالده پيرزادو/ڪراچي
تازين طوفاني برساتن سبب بي گھر ٿيل غريبن جي به سار لهو!
هلندڙ جون مهيني ۾ پيل تيز طوفاني برساتن جتي سنڌ جي مختلف ضلعن کي سخت متاثر ڪيو آهي اتي سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي نوشهروفيروز جي مختلف ڳوٺن ۾ سوين مسڪينن جا اجھا ڪِري پٽ ٿي پيا آهن، ضلعي نوشهروفيروز جي ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ پڻ هيلوڪين برساتن سبب ڪيترن ئي مسڪينن جا اجھا پٽ پئجي ويا آهن، اهي اجھا ٿا جھوپڙيون هيون جيڪي تيز طوفان پاڻ سان گڏ اڏائي کڻي ويو. ڳوٺ ڪوڙي جي ڀاڻن جا مزدور، هاري ۽ مسڪين ماڻهو هن وقت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. اڳ ۾ ملڪ يا ڪنهن صوبي ۾ ڪا آفت ايندي هئي ته ان ضلعي جي انتظاميا تحرڪ ۾ اچي ويندي هئي ۽ ان کان پوءِ انهن متاثر علائقن جا سروي ڪرائي انهن آفت سٽيل علائقن جي رهواسين کي امداد يا اجھا فراهم ڪيا ويندا هئا پر، هن ڌرتيءَ جي ڪافي سالن کان حڪومت ڪندڙ ڌرين پاران هاڻ سنڌي عوام کي صرف ووٽ وقت ئي ياد ڪيو ويندو آهي، ان کان پوءِ چونڊيل نمائندن جو انهن علائقن سان تعلق ۽ لاڳاپو ڪٽجي ويندو آهي. جيڪڏهن اهي نمائندا قومي يا صوبائي اسيملبين جي سيٽن تي ناهن هوندا ته اهي ڪڏهن نه ڪڏهن عوام کي ڏسڻ ۾ به ايندا آهن پر هاڻ هن ديس ۾ حڪمرانيءَ جو زاويو تيزيءَ سان تبديل ٿيندو پيو وڃي. هاڻ جيڪڏهن توهان ڪنهن به علائقي جي پير، مير، وڏيري يا چڱي مڙس کي ووٽ ڏيندا ته اڳ جيڪا ڇٽي ڇهه ماهي ملاقات يا اهو صاحب ڏسڻ ۾ ايندو هو، اهو ووٽ وٺڻ ۽ اسيمبلي ن ۾ پهچڻ کان پوءِ سليماني چادر اوڙهي ويهي رهندا آهن، جيڪي پوءِ ڪيترن ئي سالن تائين عوام جي اکين کان اوجھل هوندا آهن. سنڌ جي عوام سان به گذريل ڪجھه سالن کان ايئن پيو ٿئي. سوشل ميڊيا تي غريبن جي ڊٿل اجھن جون تصويرو ۽ خبرون هلائڻ کان پوءِ به ڪنهن چونڊيل نمائندي ته ٺهيو پر ان جو ڪو ڪارندو به متاثرن وٽ لڙي ناهي آيو. اسان سنڌ حڪومت، ڊي سي نوشهروفيروز، ضلعي انتظاميا ۽ ٻين وس وارين ڌرين کي عرض ٿا ڪريون ته ضلعي نوشهروفيرز جي ڪچي متاثرن ۽ خاص طور تي ڳوٺ ڪوڙي جي ڀاڻن جي برساتن متاثرن جي مالي سهائتا ڪري کين اجھا ٺاهي ڏنا وڃن يا کين معاوضو ڏنو وڃي.
امجد علي سولنگي/ڪوڙي جا ڀاڻ، نوشهروفيروز
هڪڙي چٺي ڊي سي حيدرآباد جي نالي!‎
واسا حيدرآباد طرفان قاسم آباد ۾ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ هڪ وڏي نالي جو ڪم جاري هو، جيڪو عمار سٽي، سيد سوسائٽي، ڪائنات ريزيڊنسيءَ کان باءِ پاس هيٺان هڪ ڪروڙ جي لاڳت سان وڏي مشينري جي مدد سان پنج فوٽ گول پائپ کي روڊ جي هيٺان گذاريو ويو آهي، جيڪو نقاش فيز ون مان ڪڍي اڳتي نقاش ٽو کان ٿيندو  عبدالله اسپورٽ ٽائون، بختاور ۽ شهباز ڪالوني کان ٿيندو قادرنگر جي مک پمپنگ اسٽيشن تائين پهتل نالي سان ڳنڍڻو هو پر افسوس ته نقاش جي هڪ بااثر ماڻهو ان نالي جي هلندڙ ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ انتظاميا اڃا تائين خاموش لڳي ويٺي آهي، سوال ٿو پيدا ٿئي ته انتظاميا ايتري ته ڪمزور آهي جو عام شهري جي اعتراض تي سرڪاري ترقياتي ڪم بند ٿي وڃي ۽ ڪروڙن جي اسڪيم جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي وڃي، جي سرڪار ايتري ڪمزور آهي ته پوءِ ترقياتي ڪمن لاءِ بجيٽ ڇو پئي رکي وڃي؟   
شبير کوکر/ قاسم آباد  
سنڌ جي ڳوٺن جي ترقي تي سوچڻ جي اهم ضرورت!
سنڌ جي شهرن جي آسپاس ڪراچي کان ڪشمور، ڪيٽي بندر کان ڪارونجهر تائين ننڍا توڙي وڏا ڳوٺ آباد آهن، ڪراچي پوري ملڪ کي پالي ٿو، سنڌي ماڻهن جي ڪراچي سان محبت پنهنجي جيجل ماءُ جيان آهي، ڪراچي ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو آهي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ تمام گهڻي غربت، بدامني، سهولتن ۽ غذائي کوٽ، پيئڻ جي پاڻي جي اڻهوند، قبائلي جهيڙا، بيروزگاري، جبري پورهيا، خانگي جيل، ڪاروڪاري، جنسي اڻبرابري، معاشي براين، تعليمي بدحالين ۽ سياسي آزادين جي کوٽ ۽ ان جهڙا انيڪ مسئلا آهن، سنڌ جي اڪثر ٻهراڙين جي علائقن جا روڊ خراب حالت ۾ آهن، ٻهراڙين جي ڳوٺن جا اڳواڻ ٻهراڙين جي ماڻهن جو ووٽ پنهنجي مير پير وٽ ڳجهو بڻيل هوندو آهي تنهن ڪري ماڻهن کي منٿون ڪرڻ بدران هو ڳوٺ جي چڱي مڙس کي پنهنجو بڻائي ان کي ٺيڪا نوڪريون ۽ ٻيا فائدا پهچائڻ کان سواءِ ماڻهن جي ٻڌ ڇوڙ لاءِ ٿاڻا سندن حوالي ڪري اتان جا عملدار سندن مرضي سان مقرر ڪن ته جيئن ڀوتار علائقي جي ماڻهن تي دهمان رکي سگهن. ڏٺو وڃي ته ڳوٺاڻن جون گهڻيون گهرجون خواهشون نه هونيون آهن، اهي لسي بصر کير ۽ سبزين سان گذارو ڪندا آهن، نياڻين لاءِ بهتر تعليم، امن، شهرن تائين سواري لائق روڊ رستن ذريعي پاڻ ۾ جوڙي ڳوٺن کي وڌن شهرن سان بهتر روڊن وسيلي جوڙيو وڃي، سرڪار کي گهرجي ته ماڻهن کي روزگار لاءِ ڪجهه سهولتون مهيا ڪري، زراعت جي واڌاري لاءِ پاڻي جي کوٽ ڪري آبادگارن کي جتي جر جو پاڻي مٺو آهي اتي جي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سولر سسٽم وارا ٽيوب ويل ڏنا وڃن جيئن سنڌ جي زمين آباد ٿئي. ھر علائقي ۾ يوسي سطح تي بيروزگارن لاءِ سوچ رکي ننڍا ننڍا ڪارخانا قائم ڪيا وڃن، سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ھنرمندن لاءِ سرڪار جيڪي ڪالونيون جوڙيون آهن انھيءَ جو ٻھراڙين وارن کي به ڀرپور فائدو ڏنو وڃي. اسان جي ملڪ ۾ تعليم، لائبريريون اھميت جي لحاظ کان سڀ کان آخر ۾ ياد اچن ٿيون، سنڌ جي ٻھراڙين ۾ تعليم سان گڏوگڏ اسڪولن يا ڳوٺن جي ماڻهن ۾ ڪتابن پڙهڻ جو شعور پھچائڻ تي خرچ ڪيو وڃي ته ماڻھن ۾ سجاڳي اچي سگھي ٿي.
محمد اسلم جهيجو/ٽنڊو محمد خان
ڪاڇي مان گئس ڪڍنڌر پولش ڪمپني کان پڇاڻو ڪير ڪندو؟‎
ڪاڇي قدرت جي ڏنل خوبصورتي سان گڏ ڪيترن ئي معدني وسيلن سان مالا مال آهي، ڪاڇي جو اهم شهر واهي پانڌي، ڳوٺ پريو جمالي، ڳوٺ صاحب خان لغاري هر بنيادي سهولتن کان محروم آهن پر افسوس جو خراب حڪمراني توڙي هن رياست جي سنڌ جي مظلوم ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ سبب ڪاڇي واسي اڄ به کوهن جو زهريلو پاڻي پيئن ٿا، بيمار عورتن لاءِ ڪا معياري اسپتال ناهي، نه نياڻين جو ته ٺهيو پر ڇوڪرن جو به ڪو به اسڪول ناهي، ڪاليج ناهي، مسافر خانو ناهي، پارڪ ناهن، هي خوبصورت ۽ قدرتي دولت سا مالا مال علائقو سهڻي سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ مسڪين ماڻهن جي قدرتي وسيلن کي تين وال ڪري نسل در نسل عياشي ڪرڻ لاءِ مظلوم ماڻهن جي ذخيرن کي ملڪي توڙي غير ملڪي لٽيرن سان گڏ لٽي رهيا آهن، ڪجهه وڏيرن، ڀوتارن جا چمچا گهر ويٺي پگهارون کڻندا آهن، هي ڪمپني ڪاڇي واسين لاءِ ڪي به ڪم ناهن ڪيا، ان لاءِ وفاقي سرڪار سميت انساني حقن جي تنظيمن توڙي پولش ڪمپني انتظاميا کان اسان ڪاڇي واسي اها گهر ٿا ڪيون ته جيڪڏهن ڪاڇي واسين کي توهان ڪجهه نٿا ڏئي سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ واهي پانڌي، ڳوٺ پريو جمالي، ڳوٺ فضل جمالي، ٽنڊو رحيم خان، گاجي شاهه، ٽوڙي، ڇني، ڪاڇي واسين جي وسيلن کي ابن ڏاڏن جي جاگير سمجهي لٽيندڙن کان پائي پائيءَ جو حساب ورتو وڃي. ڇا ڪاڇي واسين جو تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ڪمپنيون عوام کي پيئڻ جو پاڻي جي به سهولت نه ڏيڻ جو پابند ناهن؟ سپريم ڪورٽ، نيب، ايف آءِ اي ڪاڇي مان تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ڪمپنين جي فنڊن جي ڦرلٽ جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي ڪاڇي جي دانهن ٻڌن.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
ڪاڇي ۾ قهر جي گرمي ۽ سيپڪو گردي!
اسان جي ملڪ ۾ عوامي بنيادي سهولت وارين شين جي ضرورت گهڻي ٿئي ٿي ته پوءِ ان کي ڪامورا ۽ مافيائون هٿ وٺي لڪائي ڇڏين ٿيون يا ان جو بحران پيدا ڪري عوام کي ذليل ڪيو وڃي ٿو، جيئن هاڻ گرميءَ جي موسم ۾ واڌ بعد بجلي بحران ۽ ھٿرادو لوڊشيڊنگ وڌائي وئي آهي، بحران ۽ لوڊشيڊنگ جو اصل ذميوار ڪير آهي؟ بجلي کاتو جنهن ۾ سيپڪو سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ کاتو آهي، جنهن خاص طور ڪاڇي جهڙن علائقن کي پنهنجي ڪرپٽ ملازمن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، جن رشوت عيوض هزارين غيرقانوني ڪنيڪشن ڏئي گهريلو ۽ ميٽر صارفن جون زندگيون قهر جي گرمي ۾ زهر ڪري ڇڏيون آهن. ڪاڇي ۾ سيپڪو گردي جو راڄ قائم آهي، بجلي لائينن تي پرائيويٽ ۽ ڊيلي ويجز پنهنجا ڇاڙتا مقرر ڪري بنا ميٽر ريڊنگ جي هر مهيني لکين رپيا اوڳاڙي رهيا آهن، سيپڪو جي ڪرپٽ ۽ نااهل ملازمن دادو ضلعي جي چئني تعلقن توڙي ڪاڇي تائين بجلي لائين کي وڏي گهوٽالي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. دادو، جوهي ۽ ڪاڇي مان ڪروڙين رشوتون وٺي بلن جو بار ميٽر صارفن جي کاتي ۾ لکي ڇڏين ٿا، سيپڪو عملدارن جي ڪرپشن ۽ رشوتخوري جي اڄ تائين ڪا به جاچ نه ٿي آهي، سيپڪو عملدارن جي عذاب ۾ ورتل علائقي واسي تنگ ٿي پيا آهن، جوهي گرڊ مان ڪاڇي جي سوين ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪندڙ لائينن تي سيپڪو ايس ڊي او جوهي، لائين سپرنٽينڊنٽ، لائين مين ۽ سندن مقرر پرائيويٽ ملازمن ڪاڇي جي مختلف شهرن ڊرگھ بالا فيڊر جي صارفين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، رشوت عيوض ٽيوب ويل کي ڏنل ڪنيڪشنن تان هر مالڪ کان 25 کان 30 هزار رپيا رشوت ورتي وڃي پئي وڃي ۽ علائقي واسي سيپڪو عملدارن جي ظلم ۾ پيڙجي رهيا آهن. سيپڪو چيف سميت سمورين اعليٰ اختيارين کان پرزور مطالبو آهي ته گرڊ اسٽيشن جوهي ۽ دادو ضلعي جي ڪرپٽ عملدارن جي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي ڪاڇي ۾ بجلي بُحران ختم ڪيو وڃي.
محمد اسماعيل لانگاهه/ ڊرگھه بالا، ڪاڇو 
سنڌين کي ديوار سان لڳائي بحريا سان ونگار وهندڙ سنڌ حڪومت!
بحريا ٽائون خلاف ڌرڻي کان پوءِ پوليس ملڪ رياض جي  ونگار وھندي قومپرست اڳواڻن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي، سنڌ ۾ قومپرست اڳواڻن جي گھرن تي چڙھائيون ڪري اڳواڻن کي گرفتار ڪري سندن گھر ڀاتين کي حراسان ڪيو پيو وڃي. تاريخ شاهد آهي ته سنڌي قوم رحمدل، صوفي عزم جا قائل، انساني امن ۽ ترقي جي نظرئي جا قائل آھن، ڪڏھن به ڪنھن تي ظلم نه ڪيو اٿن، بحريا ٽائون خلاف ھلايل تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڌرتي ڌڻين جي ملڪيت ڦٻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ پوليس ملڪ رياض جي ونگار وھندي قومپرست اڳواڻن جي خلاف وٺ پڪڙ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آھي. سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ قومپرست اڳواڻن جي گھرن تي چڙھايون ڪيون پيون وڃن، بحريا ٽائون خلاف ھلايل تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ملڪ رياض جي ونگار وھي رھي پنھنجا سڀ حيلا ھلائي رھي قومپرست اڳواڻن مٿان ڪيسن داخل ڪري کين جھڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن اڳواڻ خاموشي اختيار ڪن، بحريا ٽائون جي نالي تي اتان جي مقامي ماڻھن جون زمينون ڦٻايون وڃن، جيڪو ڌرتي ڌڻين سان سراسر ظلم آھي، ڪڏھن سنڌ جي زمينن تي والار ڪئي ٿي وڃي ته ڪڏھن سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جون سازشون ڪيون ٿيون وڃن، جتي ظلم ٿيندو ته ان جو ردعمل به ضرور ٿيندو، جڏھن ته سنڌ جي زمينن تي والار ٿئي پئي، ان خلاف ڌرتي ڌڻين احتجاج ڪيو ته اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي، اعليٰ عدالتون معاملي جو نوٽيس وٺي قومپرست اڳواڻن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
سنڌ حڪومت پيپلز پورٽل متعارف ڪرائي!
پاڪستان پيپلز پارٽي کي لاڳيتو سنڌ ۾ حڪومت ڪندي 15 سال ٿيڻ وارا آھن پر سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي خاطر خواھ سهولتون ملي ناهن سگهيون، سنڌ مسئلن جي ڄار ۾ وڪوڙيل آھي، اهو ڪو مسئلو ئي ناهي جيڪو سنڌ ۾ موجود نه هجي، هتي بنيادي صحت، تعليم، روڊ رستا، ڊرئنيج نظام، ڪرپشن، زراعت سان لاڳاپيل مسئلن سميت مختلف مسئلا فهرست آھن. سنڌ ۾ سنڌ حڪومت ڪم به ڪيو آھي پر جيترو ڪرڻ کپندو هو اوترو ناهي ڪيو، ان جي ڪري حڪومتي پارٽيءَ جي ساک کي ڪافي ڌڪ رسيو آھي. مسئلن جو تڏھن ئي حل نڪرندو آھي جڏھن مسئلن ۽ ان جي نوعيت کان واقفيت هجي. سنڌ ۾ مسئلن جي تيز رفتاريءَ سان حل نه ٿيڻ جو سبب هڪ ته اهو به آھي ته وزير اعليٰ سنڌ صرف ڪراچي شهر کي سنڌ سمجهي فيصلا ڪري رهيو آهي. ان سان گڏ سڀ وزير هڪ شهر تي ڌيان ڏيڻ ۾ مصروف آھن، جڏھن ته انهن کي صرف هڪ شهر جي حڪومت نه پر پوري صوبي جي حڪومت مليل آھي. سنڌ جي سڀني شهرن جا ماڻهو ايترا معاشي طور مضبوط ناھن جو اهي هن مهانگائي جي دور ۾ ڪرايا ڀري وزيزن مشيرن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽين. سنڌ جي مسئلن جو حل سنڌ حڪومت ۽ عام عوام جي وچ ۾ رابطو بحال ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي، اهو رابطو جيڪو سستو ۽ سولو هجي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پنهنجي ڪرندڙ ساک جي بحاليءَ لاءِ پيپلز پورٽل ۽ صلاحن واري موبائيل ايپ جي شروعات ڪري. اهو پورٽل سنڌ جي عوام ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ رابطو بحال ڪندو، هن پورٽل کي سرڪاري حيثيت حاصل هجي، جيئن هر آفيسر، وزير، وڏي وزير سميت ٻين ذميوارن سان رابطو ڪري مسئلن کي سولائيءَ سان حل ڪيو وڃي، ان سان سنڌ حڪومت جي عوام ۾ مقبوليت پڻ وڌي ويندي.
مير عقيل عباس ٽالپر/سوڀوديرو
هي حسن درس آ چريو ماڻھو!
5 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ هوتي مشائخ لڳ ٽنڊي الهيار جي خمير مان جنم وٺندڙ “ساري سنڌ پرين جو پاڇو” جهڙي شاهڪار تخليق ڪندڙ ڌرتيءَ جو محبوب شاعر حسن درس نئين ٽھيءَ جو نمايان شاعر هو. حسن درس کي جڏهن پڙھجي ٿو ته سندس شاعري ۾ جتي غم جانان جو ذڪر آھي اتي غم دوران مطلب سماج جي عڪاسي توڙي سماج جو درد بيان ٿيل آھي. حسن درس کي بظاهر ته رومانوي شاعر سڏيو وڃي ٿو پر حسن جون جڏهن تخليقون پڙھجن ٿيون ته سنڌ هر تخليق مان ڌرتيءَ جي خوشبو ۽ ڌرتي وارن جا ڏک سور نظر اچن ٿا. سندس نظم ساري سنڌ پرين جو پاڇو پڙھجي ٿو ته ان ۾ جتي لڪي شاهه صدر تي سانجهيءَ جي سج لهڻ جي منظرڪشي آھي اتي وري سجاول جي بازارن جي خوشبو توڙي ماڃر جي مهڪار جو ذڪر پڻ آھي، هن جي شاعري فطرت جو حسن هئي، وطن سان پيار جي معاملي ۾ ھو انتهائي عاشق شاعر هو، هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سڄي ديس جون فطرتون پوئي ورتيون هيون، ساري سنڌ پرين جو پاڇو، سندس اها تخليق آھي جيڪا سندس سڃاڻپ بڻي. حسن هڪ نرالي طبيعت جو مالڪ هو، سندس لکڻين ۾ سماج جي فطري حسن، سماج جي بيحسي توڙي ڌرتي وارن جا اهنج نمايان آھن. سندس هڪ ٻيو شاهڪار نظم “ڪانڊيري نالي هڪڙو هاري ڪالهه مري ويو سيءَ تپ ۾” پڙھجي ٿو ته بدن مان سيسڙاٽ نڪريو وڃن ٿا. هن نظم ۾ سماجي حقيقت کي حسن بهترين انداز سان موتين جي مالا ۾ پوئيو آھي، شاعري سندس ٻيو عشق هو، عالمگير شھرت رکندڙ ھن شاعر کي ڏتڙيل ڏيھ جي ماڻھن توڙي ٻھراڙي جي رنگن سان بي پناهه عشق هو، سندس شاعري اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حسن ڪيڏو نه وڏو شاعر هو، 16 جون 2011ع تي ٽاڪ منجهند جو  پونم پمپ قاسم حيدرآباد ڀرسان سندس روڊ حادثو ٿيو، گهڻو رت وهڻ ۽ بروقت علاج نه ٿيڻ ڪري 44 سالن جي ڦوهه جواني ۾  هي محبوب شاعر  اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
غلام علي گل ٻجورو/ سجاول
جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
مزمل قريشي ۽ رشيد ڏيٿو تاريخ تي هلي ويا، 10هين وڳي ناشتو ڪري آئون لائبريري پهتس، جتي مون کي عيسيٰ ڪاتيار صاحب چيو ته هاڻي ڪڏهن به ممتاز لاشاريءَ سان ڪڏهن ڪو رابطو ناهي ڪرڻو. هن اڄ ملڻ جو واعدو ڪيو هو پر صبح کان آئون هن کي چار ڀيرا فون ڪري چڪو آهيان پر هو فون ئي نٿو کڻي. ڪاتيار صاحب وڌيڪ چيو ته جڏهن هي قيدي هوندا آهن ته ڪيڏي اسان جي عزت ڪندا آهن آزاد ٿيڻ کان پوءِ جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ. شبير ٻرڙو ۽ آئون بي ڪلاس ۾ فقير جاويد انڙ سان ڪچهريءَ لاءِ وياسين، فقير اڄ به موتين جو ڪم ڪري رهيو هو. ٻن پهرن جو مصطفيٰ حجم کان شيو وڃي ٺهرايم ۽ سائين لياقت لغاري سان به ملاقات ٿي. سائين مون کي ۽ شبير کي وڏا انب وغيره ڌوئي کارايا ۽ مون کي چيائين ته ٻيلي هاڻ تون پنهنجي ڪاوڙ ڇڏ جو ان سان تنهنجي ماسيءَ ۽ الله به تو سان راضي ٿي ويندو. سائين چيو ته هن وقت تنهنجي عمر گھٽ آهي ان لاءِ توکي اهي ڳالهيون وڃي اسان جي عمر ۾ سمجھه ۾ اينديون، سائين ڪجھه سوچڻ بعد چيو ته ماسي تنهن سڳي آهي يا نڳي؟ مون چيو سڳي آهي، ان تي چوڻ لڳو ته اڙي ڇورا پوءِ ته اها تنهنجي ماءُ آهي، ماسيءَ کي راضي ڪر جيئن رب به راضي ٿيئي. سائين چيو ته تو هڪ ڏينهن پنهنجي پيءُ سان به سامهون ٿيو هئين، مون چيو ته بابا سائينءَ مون کي چماٽون هنيون هيون، صرف سبب پڇيومانس ان دوران منهنجو آواز ٿورو وڌي ويو. سائين لياقت منهن ڦٽائي چيو ته تون ٿيندو ڪير آهين وڏي کان سبب پڇڻ وارو. مون چيو ته پوءِ مون ٿورڙي دير ۾ معافي به ورتي هئي، بابا جو دوست ڪاوڙ ۾ شبير سان مخاطب ٿيو ان ڪري غلام رسول جو سڀ ڪجھه برباد ٿيو، بنگلا، ڪاروبار، زمين، واڙا وغيره، هن ننڍي عمر ۾ هڪ کان وڌيڪ قومن سان جھيڙا ڪيا. سائين چڱو ڀلو ڪلاس وٺي پوءِ ٻچن جيان ويهي سمجھايو ته هاڻ ماسيءَ کي پيار سان ٺاهه نه ته چڱو نه ٿيندو، کوليءَ ۾ اچي ٻانهنج جي ورزش ڪيم، شام جو پارڪ ۾ وڃي پسار ڪيم، رئيس عبدالله چانڊئي جي عيادت ڪيم، هو تازو ڪراچي مان گڙدن جو آپريشن ڪرائي آيو آهي، علي شير ۽ خادم سان به مليس. هن وقت طالب ۽ مزمل سج لٿي جي نماز پيا پڙهن ۽ رشيد تيز آواز ۾ ٽي وي ويٺو ڏسي، نمازين کي تڪليف پي ٿي، منهنجي خيال ۾ ضمانت ٿيڻ باوجود تڏهن ئي گھر نٿو وڃي، شايد هن کي اڃا هدايت جي ضرورت آهي.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد 01 جون، 2021، رات جا 07:30 وڳا.
رتيديري ۾ بجليءَ جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺو!
رتوديرو شھر ۾ بجلي جي ھٿرادو لوڊشيدنگ جي ڪري عوام سان وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي، تقريبن چار چار ڪلاڪ منجھند جو اھڙي گرمي ۾ بجلي جي ھٿرادو لوڊشيدنگ ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، ان کان سواءِ محلا فتحپور ۾ 200 ڪي وي وارو ٽرانسفارمر ڪيترن ڏينھن کان سڙيل آھي، پر واپڊا وارن کي ڪو چوڻ وارو ناھي، ھي محلو شروع کان پ پ پ کي ووٽ ڏيندو آهي، خدارا ڪجھ عوام تي رحم ڪريو، رتوديرو شھر ۾ بجليءَ جي ھٿرادو لوڊشيدنگ ختم ڪريو نه ته عوام روڊن تي نڪري اچڻ تي مجبور ٿي ويندو.
ثقلين حيدر/ رتوديرو‎