لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو انتظاميا بجليءَ جي لوڊشيڊنگ وڌائي ڇڏي آهي، شهر جي ايوب ڪالوني ، ڀينس ڪالوني ،نظر محلي، خدا آباد، الھه آباد محلي سميت ٻين علائقن ۾ 14 کان 16 ڪلاڪ بجلي بند ٿيڻ ڪري ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻيءَ جو پڻ سنگين بحران ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪري رهواسي اڃ وگهي تڙپي رهيا آهن، ٻئي طرف ڪارخانيدارن بجلي لوڊشيڊنگ جو جواز ڄاڻائي برف جي في ڪين جو ريٽ 330 ۽ ننڍو ڪين 180رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته عام ماڻهن کي 30 ۽ 40 رپين کان گهٽ برف فروخت نه ٿي ڪئي پئي وڃي، جنهن جي ڪري غريب ماڻهن لاءِ ٿڌو پاڻي پيئڻ به مسئلو بڻجي ويو آهي، ان حوالي سان شهرين محمد انور، عبدالجبار، توصيف احمد، علي رضا ،حيدر علي کهاوڙ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سيپڪو عملدار ظلم پيا ڪن، لوڊشيڊنگ، پاڻي بحران ۽ برف مهانگي ٿيڻ سبب سخت پريشان آهيون، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري برف سستي ڪئي وڃي، ٻي طرف برف ڪارخاني جي مالڪن جو چوڻ آھي ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جي ڪري ڊيزل تي ڪارخانن کي هلايو پيو وڃي، سندن وڌيڪ چوڻ ھو ته بجلي جا اگھه به وڌي ويا آھن جنهن ڪري برف جي اگهن ۾ واڌ ٿي آھي.