يوسي واھي پانڌيءَ جا ڪيترائي ڳوٺ بجليءَ ۽ پاڻي کان محروم آهن!‎‎

 

يوسي واھي پانڌيءَ شھر ڀرسان تقريبن اڌ ڪلوميٽر پري اوطر طرف ڳوٺ غلام علي رستماڻي، ڳوٺ مريد خان لغاريءَ، ڳوٺ رئيس قربان رستماڻي، ڳوٺ سليمان رستماڻي ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ آھن، جيڪي ھن نئين صدي 2023ع ۾ به بجليءَ ۽ پاڻي کان محروم آھن سو آخر ڇو؟ گذريل 6 مھينن کان لاڳيتو ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي ڪٽيل آهي، افسوس ھن جديد دور ۾ به ڪيترن ئي ڳوٺن جا ماڻهو پريشانين کي منهن ڏئي رھيا آهن، يوسي واھي پانڌيءَ جي لڳ ڳوٺ غلام علي رستماڻي، ڳوٺ مريد خان لغاري، ڳوٺ عرس لغاريءَ ۽ لڳ ڀڳ 300 سئو کان 400 سئو گھرن جي 6 مھينن کان بجلي ڪٽيل آهي ۽ ڳوٺاڻن موجب اسان جي ڳوٺن ۾ ٽي کان چار مسجدون به آھن انهن ۾ بجليءَ نه هجڻ جي ڪري ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ مسجد ۾ آذان به نٿا ڏئي سگهو. انھن مسجدن ۾ صبح جو ٻار قرآن پاڪ پڙهڻ ايندا آهن ۽ ڳوٺ جا نمازي ماڻھو پنج وقت نماز پڙھندا آھن ۽ انھن جي لاءِ پاڻي جي ڪا به سھولت موجود ناھي. ٻارڙن ۽ نمازين کي مسجد ۾ پيئڻ يا وضون ڪرڻ جي لاءِ به پاڻي ناھي ھوندو، ايترو ته پاڻي جي لاءِ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آھي جو روزانون مسجدن يا پنھنجي گھرن جي لاءِ مزدورن کان پئسن تي پاڻي پيئڻ يا وضو ڪرڻ جي لاءِ ڀرائيندا آھيون.  ڳوٺاڻن موجب واپڊا وارن کي بار بار اطلاع ڏيڻ باوجود به ڪو به ايڪشن نه ٿا کڻن ۽ نه ئي ڪا اسان جي ڳالھ تي غور ڪندا آھن. واپڊا وارا اهو ئي بهانو ڪري چون پيا ٿا ته اسان اڄ ٿا اچون يا ھروز ڪو نه ڪو بھانو ڪري اسان جي ڳالهه کي ٽاري ڇڏيندا آهن. اسان تازو ئي پيپلز پارٽيءَ کي پنھنجا قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو آهي، اسان وقت جي چوڊيل نمائندن کان صرف ھڪ ئي اپيل ڪريون ٿا ته اسان کي بجليءَ ۽ پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ ضلعي دادو جي ايم اين اي ۽ تعلقي جوھي جو ايم پي اي کان ۽ يوسي واھي پانڌيءَ جو نئين چونڊيل يوسي چيرمين کان اھو ئي مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا جلد اسان جي ڳوٺن جي بجلي بحال ڪرائي وڃي ۽ پاڻيءَ جي سھولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪا قدم کنيا وڃن ته جيئن اسان پنهنجي زندگي جا ڪار وهنوار بهتر نموني سان گذاري سگهون.

 

امتياز احمد لغاري/ يوسي واھي پانڌي

 

خدارا بي گھر برسات متاثرن جي واهر ڪريو!

 

گذريل سال 2022ع جي چوماسي سانوڻيءَ جي مھا برسات سڄي سنڌ جي ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن مٿان تباهي برپا ڪري ڇڏي، برسات ته ھر سال چوماسي جي موسم ۾ وسندي آهي پر گذريل سال تاريخ ۾ رڪارڊ ٽوڙ برسات سنڌ واسين جو انفراسٽرڪچر ئي ختم ڪري ڇڏيو، جنھن ۾ گھر، فصل، چوپايو مال، سميت جاني توڙي مالي تباھ ڪاريون ٿيون پر افسوس جو دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن امدادي مدد ڪرڻ باوجود مستحق برسات متاثرين اڃا تائين بي گھر ۽ بي يارومددگار بڻجي سخت سيءَ جي موسم ۾ ڪٿي کلئي آسمان ھيٺ ته ڪٿي ٽينٽن خيمن ۾ سياري جون ٿڌيون راتيون سورن ۽ سخت تڪليفن ۾ گھاري رھيا آھن. برسات کي ڇھ مھينا گذرڻ باوجود به برساتي خراب پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل ھجڻ ڪري مختلف بيمارين ۾ پڻ واڌ اچي چڪي آهي، جنھن ۾ مليريا، گيسٽرو، ٽائيفائيڊ، چمڙيءَ جي بيمارين ۽ ھيپاٽائٽس جھڙين موذي مرضن ماروئڙن جي اھنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، حڪومتي اعلان ھميشه جيان اعلان ئي رهجي ويا، ٽي مھينا اڳ برسات متاثرين بي گھر ماروئڙن جي گھر ڊھڻ واري سروي پڻ ٿي چڪي آهي پر اڃا تائين انھيءَ سروي ۽ حڪومتي مالي امداد جي آسري ماروئڙا کلئي آسمان ۾ بي گھر بڻيل آهن پر حڪومت سنڌ اڃا تائين ڊٺل گھرن کي ٺھرائڻ لاءِ سنجيدھ نظر نه اچي رھي آھي، جنھن جي ڪري ماروئڙا مالي حالت بھتر نه ھئڻ ڪري حڪومتي مالي امداد جا منتظر ھئڻ ڪري اڃا تائين بي گھر بڻيل آهن، وزيراعظم پاڪستان، وزير اعلي سنڌ، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو آهي ته خدارا سنڌ جي برسات سٽيل بي گھر مستحقين ماروئڙن جي ڊٺل گھرن جي ڪيل سروي موجب انھن جي جلد مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن اھي اڳ جيان پنھنجن گھرن ۾ آباد ٿي سڪون واري زندگي گذاري سگھن،

 

غلام نبي مڱريو/ڪنڊيارو

 

ايماندر واپاري ۽ نئون ڪوٽ جا وياجي!‎‎

 

هو هڪ مال مويشي جو واپاري هو، مال جي واپار ۾ حد کان وڌيڪ ڪوڙ جو استعمال ڪيو ويندو آهي پر هن وٽ ڪوڙ وارو فن نه هن ڪڏهن به ڪوڙ دوکي جو واپار نه ڪيائين، زبان جو پابند هو، ان ڪري هن جي زندگي هڪ خوبصورت نموني سان گذري رهي هئي پر اوچتو ڪنهن جي نظر لڳي وئي هن جي گهر واري بيمار ٿي پئي، مٿي ۾ سور جي شڪايت شروع ٿي چار کان پنج مهينا نئوڪوٽ جي جاهل ڊاڪٽرن پينڪلر تي هلايو پر مسئلو پينڪلر سان هل ٿيڻ جوڳو ڪونه هو، رڳو ڊاڪٽرن جي دڪانداري هلي رهي هئي، نيٺ وڃي حيدرآباد جي ڊاڪٽرن سان صلاح ڪيائين جتي برين ٽيومر ظاهر ٿي، جنهن جو خرچ کان ڪجھ مٿ ڀرو هو، انهن چار پنجن مهينن ۾ هن جي واپار جا پئسا پورا ٿي ويا، هن وڃي گهر واري کي لمس ۾ ايڊمٽ ڪرايو ۽ پاڻ زندگي فٽ پاٿ تي گذارڻ لڳو. ان هاسپيٽل بقيه خرچ نه هئڻ برابر هو پرکاڌي پيتي جو خرچ ته ڪرڻو ٿي پيو، ڪجهه ٻاهر جي دوا جو خرچ به هو ۽ هن وٽ اهي به پئسا نه هئا. ڪجهه ڏينهن بک تي به گذاريا، نيٺ مجبور ٿي هڪ نئوڪوٽ جي بڪ ڊيپو واري سان مشهورو ڪيو جيڪو هن جو ڪجهه واستي وارو هو، هن دلداري ڏني چئي پريشان نه ٿي، آئون پئسا موڪليان ٿو پر ڏيندس وياج تي، انهن پئسن جو سيڪڙو مون کي ڏيندو رهجان ۽ جڏهن پئسا ٿين ته ڏئي وياج بند ڪرائجان. بهرحال خيرن جو آپريشن ٿي ويو ٻه مهينا لمس هاسپيٽل ۾ لڳي ويا وياج وڌي ويو. وياج جا پئسا ڪجه ٻين سيٺن کان به کنيائين بيماري مان  ڪجهه جان ڇڏائي ويو پر قرض لکن ۾ وڃي پهتو. هن جي گهر اچڻ کان پوءِ ڪجهه (مال ڍور) اوڌار تي وٺي مزدوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين پر چانس نه لڳس. مٿان ٻوڏ اچي وئي، جنهن ۾ ٽي مينهيون مري ويون، قرضي گهر تائين پهچي ويا. وياجين هن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، روزانون هن جي گهر تي بيٺا هوندا هئا، شايد انهن وياجين جي پوليس توڙي ٻين ادارن سان ڏيت لييءَ جو ڪم هلي پيو جنهن جي ڪري نئوڪوٽ شهر ۾ وياج جو ڪاروبار عروج تي هلي رهيو آهي. هاڻ هن ماڻهو جي گهر جون حالتون ڏکوئيندڙ آهن، گهر واري اڃا مڪمل سيٽ ناهي، هو وياجين کان لڪندو رهيو، پنهنجي جان ڏيڻ تي مجبور به ٿيو پر وياجي بيرحرم هن هن جي جان وٺڻ جي پٺيان پئجي چڪا آهن، هو وياجن کان لڪي ڪنهن ٻي شهر ۾ مزدوري ڪري پيو، جتي 10 هزار رپيا پگهار اٿس پر هن جي جان کي وڏو خطرو آهي، جيڪو وياج خور ۽ ٻيا قرضي وٺي سگهن ٿا. هن لکيل ليک تي جي ڪو ادارو نوٽيس وٺي ته جيئن هن کي ڪجهه رعايت ملي سگهي، هو عزتدار ماڻهو آهي قرض به ادا ڪري سگهي.

 

اورنگزيب ڪنڀر/نئون ڪوٽ

بدترين ڌانڌليءَ باوجود سموريون پارٽيون متفق ڇو؟

 

سنڌ جي انتظامي ورهاڱي لاءِ ڪوشان پي ٽي آءِ، متحده، جماعت اسلامي هڪ نقطي تي گڏجي يا اڪيلي سر واويلا ڪنديون رهيون آهن پر ڪجهه اقتداري ورهاست تي اختلاف رکندڙ پ پ پ به گهڻي حد تائين سندن جي همنوا رهي آهي، گذريل وقت ۾ پيپلزپارٽي مشرف وارو ناظمي نظام ختم ڪندي صوبي ۾ وڏو انتظامي انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي سنڌ جي سجاڳ ڌرين سنڌ بچايو پليٽ فارم تان ڀرپور مزاحمت ڪئي، سنڌ جا ننڍا وڏا شهر مڪمل بند ئي نه رهيا پر ڪراچيءَ جا وسيع علائقا مڪمل بند رهيا، ڏٺو وڃي ته 2012ع ۾ جڏهن متحده جو عروج هو اها به هڙتالن جي ڪال ڏيندي هئي پر ڪراچي ۽ حيدر آباد جا ڪجهه علائقا بند ٿيندا هئا، پي ٽي آءِ ان وقت نئون ڄاول ٻارڙو هئي، فيڊر وسيلي کير پئي پيتائين پر ٻٽي نظام واري فارمولي تي سنڌي قوم هڪ پيج تي بيهي رهي ۽ قومپرستن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو سنڌي عوام توڙي سنڌ ۾ رهندڙ اردو آبادي وارا هڪ پيج تي آهن. ڌانڌلا ٿيڻ جو ڳالهيون ڪندڙ پي ٽي آءِ توڙي جماعت اسلامي وارا به ميئرشپ جي حاصلات لاءِ هڪ ٻئي ۾ جنبي ويا آهن، جوڙ توڙ جو عمل تيز ٿي ويو آهي ان ڪري پ پ پ جي ڪجهه حلقن مان اهي ڳالهيون به ٻڌجي رهيون آهن ته سنڌ سرڪار پنهنجي وڏن واري فارمولي کي ورجائڻ وڃي رهي آهي، جيئن شيخ مجيب جي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪري هڪ جنگ وڌي وئي، جنهن سان ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو، هاڻي به ان طرز تي سوچ ويچار جاري آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪراچيءَ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ٻه ميئر آندا وڃن، جيئن ادهر هم ادهر تم، تي عمل ڪري ڪجهه اختيار پ  پ وٽ هجڻ کپن، ان عمل تي سنڌ جي قومپرست ڌرين خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي، هن وقت مرڪز ۾ پ پ پ متحده اتحادي آهن، متحده مڇرجي پئي ۽ آسمان مٿي تي کڻي ڏنو، انهن کي راضي ڪرڻ لاءِ وفاقي وزير سهڪندا اچي ڪراچي پهتا، جڏهن موجوده بلدياتي نظام تي اتفاق نه ٿيو ته ڪجهه ڏوڪڙن عيوض متحده جي رٻڙ اسٽيپ قيادت کي مڪاني چونڊن جو بائڪاٽ ڪرائي پ پ پ ۽ جماعت اسلامي کي مصنوعي ڪاميابي ڏياري وئي، پي ٽي آءِ سڀني کان وڌيڪ سنڌ دشمنيءَ تي ٻڌل پاليسي روا رکي آهي. شڪر جو ان کي به شڪست نصيب ٿي، هاڻي حالت اها آهي پ پ پ کي ميئرشپ نصيب ڪونه ٿئي پئي، ڊپ آهي ته ميئرشپ جي حاصلات لاءِ ڪو سنڌ دشمن فيصلو نه ڪري وجهي. جماعت اسلامي توڙي پ پ پ پي ٽي آءِ فراڊ اليڪشن کي قبول ڪري ڳجهن جيان ميئرشپ کي لامارا ڏئي رهيون آهن، اهڙي صورتحال ۾ ڪٿي سنڌ ڪاز کي ڪو ڇيهو نه پهچي، قومپرست وحدتن کي ڪرڙي نظر رکڻي پوندي.

 

ابراهيم خليل جتوئي/شڪارپور

 

پاڪستان ۽ صنفي امتيازي سلوڪ

 

پاڪستان جي حوالي سان صنفي امتيازي سلوڪ هڪ  اهم مسئلو آهي. گذريل سالن ۾ ڪجهه ترقي جي باوجود، پاڪستان ۾ عورتن کي برابري ۽ بااختيار بڻائڻ جي لحاظ کان اهم رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. سڀ کان اهم مسئلن مان هڪ ڇوڪرين جي تعليم تائين پهچ جو فقدان آهي. يونيسڪو موجب پاڪستاني ڇوڪرين جو صرف 39 سيڪڙو پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿئي ٿو، جڏهن ته ڇوڪرن جو تناسب 52 سيڪڙو آهي. اهو تفاوت ثانوي ۽ ثانوي سطح تي اڃا به وڌيڪ آهي، جتي ڇوڪرين جو صرف هڪ ننڍڙو سيڪڙو تعليم حاصل ڪري ٿو. تعليم تائين پهچ کان سواءِ، عورتون روزگار ڳولڻ ۽ مالي خودمختاري حاصل ڪرڻ جي لحاظ کان وڏي نقصان ۾ آهن. ٻيو وڏو مسئلو پاڪستان ۾ عورتن تي تشدد جي بلند شرح آهي. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان موجب ملڪ ۾ هر سال 1000 کان وڌيڪ عورتن کي ”غيرت“ جي نالي تي قتل ڪيو ويندو آهي. اضافي طور تي، گهريلو بدعنواني ۽ زنا عام آهن ۽ اڪثر ڪري اڻ ڄاڻايل ۽ غيرقانوني ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. آخرڪار، پاڪستان ۾ عورتن کي ڪم جي جڳهه تي صنفي امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ملڪ جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي تي مشتمل هجڻ جي باوجود، عورتون ڪم ڪندڙ قوت جو فقط 24 سيڪڙو آهن. جيڪي ڪم ڪن ٿيون تن کي اڪثر ڪري پگهار ۽ پروموشنز جي لحاظ کان صنفي امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ۽  جنسي ڏاڍائي جو شڪار به ٿين ٿيون. اهو نوٽ ڪرڻ ضروري آهي ته پاڪستان جي حڪومت تازن سالن ۾ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه قدم کنيا آهن. مثال طور، حڪومت قانون پاس ڪيا آهن جن جو مقصد عورتن کي تشدد ۽  صنفي امتيازي سلوڪ کان بچائڻ آهي. بهرحال، پاڪستان ۾ حقيقي صنفي برابري حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جون تنظيمون به عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي حقن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، پر انهن کي وڌيڪ سهڪار جي ضرورت آهي. نتيجي ۾، پاڪستان ۾  صنفي امتيازي سلوڪ هڪ سنگين مسئلو آهي، ۽ اهو عورتن کي انهن جي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ متاثر ڪري ٿو. ان مسئلي کي حل ڪرڻ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ انتهائي ضروري آهي. صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ حڪومت، سول سوسائٽي ۽ اين جي اوز کي وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي.

 

محمد آصف/ لاهور

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري هر فرد لاءِ رهنمائي آهي!

 

سنڌ جي ڌرتي الله لوڪ بزرگ هستين جو مسڪن ۽ ماڳ اصل کان آهي، جنهن ۾ هڪ کان هڪ اولياءَ الله، ڪامل، صوفي بزرگ، درويش عارف باالله ملن ٿا، انهي خوش نصيب سنڌ جي ڌرتيءَ تي پوري دنيا جي مڃيل شاعر، شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه پهرين رجب 1102 هه بمطابق 18 نومبر 1689ع تي حيدرآباد ضلعي جي هالا تعلقي ۾ هالا حويلي جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه هڪ درويش، الله لوڪ، ڪامل اڪمل هستي هئا، ساڻن اڪثر ٽي ڪتاب گڏ هوندا هئا، جن ۾ قرآن شريف، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو هوندو هو. ڀٽائي سرڪار رحه سمورو وقت رياضت، عبادت، شعر گوئي ۽ قدرت جي جمال پسڻ ۾ صرف ڪندو هئا. قدرت جا من موهيندڙ نظارا مٿن وجد طاري ڪري ڇڏيندا هئا، شاهه سائين جا وڏڙا هالا بعد ڪوٽڙي رهائشي ٿيا پر شاهه سائين خلوت جي عشق ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ بجاءِ پنهنجي سير سفر دوران اچي ڪراڙ ڍنڍ کي وساريو، فقيرن سان گڏ انهي واريءَ جي دڙي مٿان چيڪي مٽيءَ تي پنهنجي لاءِ هڪ جهوپڙي اڏيائين. اتي هڪ ننڍڙي مسجد ۽ پنهنجي ابي امڙ لاءِ هڪ حويلي به اڏرايائين ۽ فقيرن کي رهڻ لاءِ حدون مقرر ڪري ڏنائين. شاهه لطيف سائين رحه جو وصال پهرين جنوري 1752ع بمطابق 14 صفر 1165 هجري ۾ ٿيو. سندن جي مزار ڀٽ شاهه حيدرآباد ۾ آهي جتي لکين عقيدتمند، زائرين، پانڌيئڙا سڄي دنيا مان عقيدت سان حاضري ڀرين ٿا. ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ، هنئون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ماڻ، هوءِ ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالهو رهين. سنڌ جي سونهن ۽ شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جي شاعريءَ جا رنگ ڍنگ، مزاج ۽ ڪيفيتون سنڌ جي ماروئڙن جي چٽي عڪاسيءَ جو اظهار ۽ درد جو واضع نمونو آهن، تنهن ڪري فرمايائون ته ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ، هنئون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ماڻ، هوءِ ثابوتي ساڻ ته پسڻ کان پالهو رهين. شاهه حضرت عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله تعاليٰ عليه جيتوڻيڪ باطن ۾ هڪ ڪامل ولي الله، عارف باالله ۽ عظيم روحاني هستي هئا، انهيءَ ڪري هو پنهنجي آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ ڪريم ﷺ جي پاڪيزه شريعت مطهرهه کي خلق خدا ماڻهن جي صحيح هدايت دڳ سڏيندي واضع ڪيو آهي ته طريقت ۽ شريعت جي دامن سان ٻئي جهان ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿين ٿا، جڏهن اهي ٻئي نعمتون ملي وڃن ٿيون ته پوءِ ماڳ معرفت ماڻ ۽ پوءِ جڏهن اهي ٻئي طريقت ۽ شريعت جي ثابوبي ساڻ هجئي ته پوءِ پسڻ کان پالهو رهين، سهڻي لطيف روحاني رمز جا راز بيان ڪندي فرمايو ته “تن تسيبح، من مڻيون، دل دنبورو جن، تندون جي طلب جون، وحدت سر وڄن، وَحدهُ لا شريڪ له، اهو راڳ رڳن، سي ستائي جاڳن، ننڊ عبادت تن جي. جن جو جسم مالها آهي ۽ من مالها جو ڌاڻو ۽ دل تنبورو جنهن جي طلب جون تارون، مولا ڪريم رب العالمين جي هيڪڙائيءَ جي راز سان پيئون وڄن.

 

عبدالفتاح عباسي/لاڙڪاڻو

اٽي، لٽي ۽ اجهي جو واعدو ڪندڙ پ پ پ ۽ ٻن ڳڀي لاءِ پريشان ماروئڙا!

 

جيئن ته اسان جي سنڌ ۾ گذريل 14 سالن کان پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت هلي رهي آهي جنهن پارٽيءَ جو نعرو ۽ منشور ئي اٽو، لٽو ۽ اجهو هو پر افسوس جو موجوده صورتحال ۾ سنڌ جي غريب عوام کي سهانگو لٽو ته پري جي ڳالهه آهي پر انهن کان سسٽو اٽو جنهن سان غريب رکي ماني کائي ئي گذارو ڪندو هو اهو به ميسر ناهي، اهو به غريبن جي پهچ کان پري ڪيو ويو آهي ۽ غريب ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ به پريشان ٿي ويو آهي. ٻئي طرف اسان جي سنڌ حڪومت صرف ڪوڙيون ۽ خبري ڳالهيون ڪرڻ ۽ ڪرسيءَ جي جنگ ڪرڻ ۾ پوري آهي، ڇا انهن جي قائدن جو اهو فڪر ۽ فلسفو هو ته غريب عوام سان اهڙي جٺ ڪئي وڃي؟ ڪڏهن نه اهي ته غريب عوام ۾ ئي مقبول هئا ڇو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هجي يا محترمه شهيد بينظير ڀٽو هجي انهن ٻنهي غريب عوام لاءِ هميشه اهڙا ڪم ڪيا هئا جيڪي تاريخ ۾ هڪ باب بڻجي ويا آهن پر اڄ جي پ پ پ جي وزيرن اميرن ۽ ڪبير کي اها خبر ناهي ته هن وقت اٽي جو اگھه ڪهرو ٿي ويو آهي جو هو عوام کي بي يارو مددگار ڇڏي رڳو پنهنجي پوزيش ٺاهڻ ۾ پورا آهن. اسان جو سنڌ حڪومت سميت پ پ پ چيئرمين کان پرزور مطالبو آهي ته خدارا سنڌ جي عوام جي سار سنڀال لهي مهانگائي تي ڪنٽرول ۽ منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ هر شهر ۾ ٽيم مقرر ڪئي وڃي ته جيئن غريب عوام لٽجڻ کان بچي وڃي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ان کي ٻن ويلن جي ماني سڪون سان نصيب ٿي سگھي.

 

آصف علي عباسي/سکر