محرابپور (ن پ ا) محرابپور واسي ناميارو راڳي فقير برڪت سمون جي واهر نه ٿي سگهي، ان ڏس ۾   ڳوٺ ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي واسي سريلي راڳي فقير برڪت علي سمون روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته غريب فنڪار آهيان، 5 معصوم ٻارڙا آهن، محفلن ۾ راڳ ڳائي انهن جي پرورش ڪندو آهيان، جڏهن ته سرڪار پاران ڪوبه فنڊ هن وقت تائين ناهي مليو، برساتن سبب غريباڻو جهڳو پڻ ڊهي پيو، جنهن کي ٺهرائڻ جي سگھه ناهي، هن وڌيڪ چيو ته راڳ ڳائي معصوم ٻچڙن جو پيٽ گذارن ڪندو آهيان، برساتن بعد محفلون به گهٽجي وڃڻ سبب سخت مالي پريشاني جو شڪار آهيان، هن ثقافت کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري طور تي فنڊ جاري ڪري مالي سهائتا ڪئي وڃي.