سياسي بداعتمادي مان جان ڇڏائي سگهنداسين؟

0
240
سياسي بداعتمادي مان جان ڇڏائي سگهنداسين؟

ملڪ ۾اڃا تائين عام چونڊن جو ماحول نه پيو جڙي پر گهٽ ۾ گهٽ پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽٽڻ کانپوءِ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي 70 ميمبرن جون استعيفائون قبول ڪرڻ کانپوءِ اتي ته چونڊون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن ۽ انهي لاءِ ڪم به شروع ٿي ويو آهي.پر اهو سڀ ڪجهه هوندي جيڪو سڀني کان اهم سوال آهي اهو اِهو آهي ته ڇا اسان وٽ سياسي بداعتمادي ختم ٿي سگهي ٿي جنهن جي خاتمي سان ئي سياسي استحڪام ممڪن ٿي سگهندو ،جيڪو ئي ساسي ڌرين جو اصل امتحان آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن اسٽيبلشمينٽ دعويٰ ڪري ٿي ته اها نيوٽرل ٿي وئي آهي ته هاڻي اصل ذميواري انهن سياسي ڌرين جي آهي جيڪي سدائين سياسي انجنيئرنگ کي  سياسي بحران  جو سبب ڄاڻائينديون آهن.هن وقت جيڪا صورتحال نظر اچي ٿي اها اِها آهي ته ڪا به ڌر ٻي ڌر تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري ئي اهي پاڻ ۾ ويهي ڳالهين ذريعي ڪو مسئلي جو حل نه ٿيون  ڪڍن، جنهن ڪري ڪجهه ڌريون وري طاقتور ڌر کي مسئلي جو حل ڪڍڻ جي دعوت ڏئي رهيون آهن جڏهن ته ٻيون ڌريون وري انهي دعوت کي ئي خرابي جو سبب سمجهن ٿيون. انهي بدگماني ۽ بداعتمادي جو اظهار تازو سنڌ ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ نظر آيو جو خاص ڪري ڪراچي ۾ ڪجهه ڌريون نتيجا قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ ٻيهر چونڊن جو مطالبو ڪري رهيون آهن.  اهڙي صورتحال ۾ پنجاب،ڪي پي جي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبلي جي خالي ٿيل 70 سيٽن تي چونڊ تي ڪهڙي خبر ته وري انتشار پيدا نه ٿيندو ۽ سڀ نتيجا قبول ڪندا ؟اهو سوال ئي هن بي اعتمادي کي جنم ڏئي ٿو.

پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽٽڻ کانپوءِ جيڪا هڪ مثبت ڳالهه نظر آئي آهي اها ڪي پي ۾ نگران حڪومت جي جوڙجڪ آهي جيڪا آئين مطابق حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏجي ويهي ڪئي آهي جنهن انهي سڄي سياسي عمل ۾ هڪ اميد پيدا ڪئي آهي ته ڀلي سياسي ڌرين ۾ ڪيترا به اختلاف هجن يا اهي هڪٻئي جون ڪيترون به مخالف هجن پر جيڪڏهن نظام کي اڳتي هلائڻ جي ڳالهه اچي ته اهي هڪٻئي سان گڏجي ويهي آئين ۾ ڏسيل واٽ مطابق عمل ڪن ٿيون جيڪو ڪي پي جي نگران وڏي وزير جي چونڊ  ۾ نظر آيو ۽ اتي خوش اصلوبي سان وڏي وزير جي نامزدگي ٿي وئي  پر جڏهن پنجاب ۾ نظر ڦيرائجي ٿي ته اتي وري صورتحال بلڪل ابتڙ نظر اچي ٿي جتي اڃاتائين نگران سيٽ اپ جي نامزدگي نه ٿي سگهي آهي باوجود انهي جي ته اها اسيمبلي ڪي پي اسيمبلي کان به اڳ ۾ ئي ٽوري وئي هئي پر حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ بي اعتمادي سبب ڪنهن نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي ۽ معاملو اليڪشن ڪميشن حوالي ٿيل آهي. جڏهن ته سرڪاري ڌر اها ڌمڪي به ڏئي چڪي آهي ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن سندن مرضي خلاف ڪنهن  ماڻهو کي وڏي وزير طور نامزد ڪيو ته ان کي هلڻ نه ڏنو ويندو.اليڪشن ڪميشن  کي ته آئين اختيار ڏئي ٿو ته هو موڪليل نالن مان ڪنهن کي به وڏي وزير طور نامزد ڪري اها ته سياسي ڌرين جي پنهنجي ناڪامي آهي جو اهي ڪنهن نالي تي متفق نه ٿي سگهيون آهن نه ته اليڪشن ڪميشن وٽ معاملو وڃڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿئي ها جيئن ڪي پي ۾ خير خوبي سان اهو مسئلو حل ٿي ويو.

اسان سمجهون ٿا ته هن سياسي بحران مان نڪرڻ جو واحد حل سياسي ڌرين جي هڪٻئي سان مشاورت ئي آهي جنهن جو ثبوت ڪي پي ۾ ملي چڪو آهي ته جڏهن سياسي ڌريون مسئلو حل ڪرڻ چاهين ته وڏي ۾ وڏو مسئلو به ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهي ٿو اڳتي ڪنهن کي اختلاف ڪرڻ جي گنجائش به نه ٿي رهي.تنهن ڪري جيڪڏهن ايندڙ چونڊن کي غير تڪراري بنائڻو آهي ته ڌرين کي پنهنجا مسئلا پاڻ ۾ ويهي حل ڪرڻا پوندا ٻي صورت ۾ پنجاب جهڙي صورتحال پيدا ٿيندي جنهن سان تڪرار حل ٿيڻ بدران وڌندا ويندا ۽ چونڊن جي نتيجن کي ڪير به قبول نه ڪندو