سڄڻ تنهنجي سارَ، صديون رهندي ساهه ۾!

 

امام القراءَ حضرت سائين محمد علي مدني رحه اڻلڀ شخصيت ۽ امُلھ استاد گمبٽ تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ ڦلو ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ ٻار جيڪو اکين کان نابين هوندي به جڳ کي قرآن جي نور سان روشن ڪري ويو. 1958ع ۾ مدينه منوره ڏانهن علم حاصل ڪرڻ جي  اٽل ارادي سان روانا ٿيا، ڪافي ڏينهن جي ٿڪائيندڙ سفر بعد اڳ ۾ مڪي پاڪ پهتا، اهي ڏهاڙا حج جا هئا پاڻ حج به ڪيائون، ان کان پوءِ حرم نبويءَ ۾ تحصيل علم لاءِ داخلا وٺڻ آيا، حرم نبويءَ ۾ سندن داخلا جو واقعو به عجيب آهي، پهرين ته اکين جي معذوري سبب کين استاد داخلا نه ڏني ۽ پڙهائڻ کان انڪار ڪيو، ٻئي ڏينهن صبح سان ئي استاد سڏ ڪرائي، وڏي محبت سان پاڻ پڙهائڻ شروع ڪيو، اهو راز 14 سالن جي ڊگهي عرصي کان بعد سندن اُن استاد حسن بن ابراهيم الشاعر پاڻ ظاهر ڪيو، چيائين ته پهرين ڏينهن جڏهن مون داخلا نه ڏني ۽ پڙهائڻ کان انڪار ڪيو ته ان رات مون کي خواب ۾ نبي ﷺ جي زيارت نصيب ٿي ۽ پاڻ ﷺ فرمايو ته پاڪستان مان جيڪو نابين آيو آ، ان کي پڙهاءِ الله پاڪ ان نابين جي هٿان قرآن جي فيض کي ملڪن ۾ ڦهلائيندو. سبحان الله، ان نبوي بشارت قدم قدم تي پنهنجو اثر ظاهر ڪيو، هن شخصيت جي هٿان واقعي دنيا ڏٺو ته قرآن جو فيض سنڌوءَ جي وهڪري جيان وهندو ۽ علم جي اڃايل سينن کي سيراب ڪندو رهيو، 14 سال نبوي حرم ۾ پڙهي حافظ، عالم ۽ شعبه عشره جي قرعتن جي ڪامل سند حاصل ڪرڻ بعد شروعات ۾ اتي ئي استاد مقرر ٿيا، ڪجھ وقت مدينه يونيورسٽيءَ ۾ به پڙهايائون، ان کان پوءِ سنڌ جي عالمن ۽ بزرگن جي وڏي اسرار تي سنڌ آيا، ان وقت سنڌ ۾ تجويد ۽ قرئت جي تعليم صفانه هجڻ برابر هئي، قاري ته پنهنجي جاءِ تي پر عام حافظن جي به ايتري کوٽ هئي جو رمضان جي تراويحن پڙهائڻ لاءِ به پنجاب مان حافظن جي ريل ڀرجي ايندي هئي، جيڪي سنڌ ۾ اچي تراويح جي نماز پڙهائيندا هئا، الله جي مدد ۽ پنهنجي همت سان شڪارپور شهر ۾ علم تجويد ۽ قرئت جو بنياد وجهي ڏينهن رات محنت ڪري لکن جي تعداد ۾ قرآن جا بهترين مجود ۽ قاري تيار ڪيائون، ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ سندن شاگردن جو ڪثير تعداد علم تجويد جي خدمت ۽ علم القرئت جي ترويج ۾ مصروف آهي. مڪه مڪرمه، مدينه منوره، ايران، افغانستان، سائوٿ آفريقه، گڏيل عرب امارات ۽ قطر ۾ سندن هزارين شاگرد مدرس آهن، جيڪي هن وقت اتي سنڌ مان پرايل فيض ونڊي رهيا آهن، خوش نصيبي جي هيءَ ڳالھ به حيران ڪندڙ آهي ته عرب جا وڏا وڏا قاري به سندن قرئة جا ڪجهه معاملات پڇڻ ايندا هئا پر افسوس ان ڳالهه جو ته سائين اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

 

معاذ حسني/لاڙڪاڻو

 

منهنجي آتم ڪٿا!

 

رات جا 4 ٿي رهيا آهن ٽيوب لائيٽ منهنجي مٿان لٽڪيل آهي ۽ آئون ٽيوب لائيٽ ۾ لٽڪيل آهيان، قلم منجھيل ذهن جيان منهنجي هٿ جي آڱرين ۾ وڦلي رهيو آهي. اوهان جي ذهن ۾ ان سوال ضرور جنم ورتو هوندو ته آئون ٽيوب لائيٽ ۾ ڪيئن لٽڪيل آهيان ۽ قلم منهنجي هٿ جي آڱرين ۾ ڪيئن وڦلي رهيو آهي. ان ڳالهين جي وضاحت آئون ايندڙ آٿم ڪٿا ۾ ڪندس، في الحال آئون جيڪو لکڻ چاهيان ٿو اهو امان ۽ منهنجي وچ جي ڳالهه آهي. ڪاش! امان حيات هجي ها ۽ هيءَ آتم ڪٿا پڙهي ها ۽ ورائي ورائي مون کي پنهنجي آتم ڪٿائون ٻڌائي ها، امان رات جو سمهڻ وقت مون کي اڪثر پهريون ڪلمون پڙهائيندي هئي ۽ نانا جون ڳالهيون ٻڌائيندي هئي. امان جي آتم ڪٿا جو آئيڊيل فقط نانا هو. امان نانا جي ٻيو نمبر ڌيءُ هئي، ان ڪري امان کي نانا جي زندگي جو وڏو حصو ياد هو. امان اڪثر چوندي هئي ته توکي ناناڻو خاندان ڇڪي ويو آهي، شام ٽاڻي امان گاهه ڪري آئي. ٿوري اوندهه هئي، آئون پلاسٽڪ ٻاري هلڪي روشني تي پڙهي رهيو هئس ۽ وڦلي رهيو هئس ته ڦٽل قسمت ۽ ڀوري ذهنيت وارا ماڻهو، ڇا پڙهي سگھن ٿا؟ منهنجي وڦلڻ جو آواز امان جي ڪنن تي پيو. امان اتان کان جواب ڏنو ته ها بلڪل پڙهي سگھن ٿا. محنت سان ڪافي ڪجھ ڪري سگھجي ٿو، صرف انسان جا ارادا پختا هجن، مون وراڻيو امان هوندو، پر مون کي پڙهائي پلئه نٿي پوي. آئون سڀاڻي تون سان گڏ گاهه ڪرڻ هلندس. امان وراڻيو ته ڀلي هلجان، آئون ٻئي ڏينهن گاهه تي ويس، امان چيو ته تون صرف ڏس ته آئون گاهه ڪيئن ٿي ڪريان. آئون امان کي گاهه وڍيندي ڏسندو رهيس. لڳ ڀڳ هڪ هفتو کن آئون اسڪول نه ويس صرف امان سان گڏ گاهه ڪرڻ ويندو رهيس. هڪ ڏينهن امان جي طبيعت خراب ٿي پئي. امان چيو ته پٽ اڄ تون وڃ گاهه جي هڪ ڀري ڪري اچ. مون وراڻيو ته جي امان پر گاهه جي ڀري کڻڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، امان وراڻيو ته محنت سان ڪافي ڪجھ ڪري سگھجي ٿو. صرف انسان جا ارادا پختا هجن، بابا کان پوءِ گھر ۾ فقط امان هئي جيڪا گاهه ڪري گھر جي ڏهن ڀاتين جو پيٽ پاليندي. هئي، مون کي امان جي اها نصيت تڏهن سمجھ ۾ آئي جڏهن مون بکئي پيٽ سان گاهه جي ڀري پنهنجي مٿي کنئي.

 

عزيزالله خاصخيلي/ميرپورخاص

 

زندگيءَ جون يادگار گھڙيون!

 

وقت جي ايڏي تيز رفتاري سان هلي پيو ته خبر ئي نٿي پوي، هو اسان کان 60 سال چند سيڪنڊن ۾ کسي ٿو وٺي، ٽريزري جو ڪمپوٽر کي 60 سال مڪمل ٿيڻ تي اسان جي زندگي جو وهنوار تبديل ٿو ڪري ڇڏي ۽ اسان جو زريعه معاش جو تالو بند ٿي وڃي ٿو ۽ اسان هڪ اداري کان پاسيرا ٿي وڃون ٿا، زنده قومن جا فرد پوڙهائپ ۾ به ٿڪجندا ناهن، جيستائين سندن ساهه جو سڳو ساٿ ۾ هوندو اهي پنهنجي زندگيءَ کي هر موڙ تي جاکوڙ ۾ گذاريندا آهن، هي زندگي هجي جا نوڪري هڪ سفر جيان آهي جيئن ڪو بس جو سفر هجي، ڪو ڪٿي ٿو لهي ته ڪو ڪٿي! اسان به واري واري رٽائر ٿي پنهنجي ٻئي ڪم ۾ لڳي ويندا آهيون، جستائين زندگي جو سفر ساٿ ۾ آهي ۽ هي ادارا هميشه ان ماڻهو کي ياد ڪندا آهن جن ادارن ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو ۽ ڏکيائين کي منهن ڏئي ادارن جي سنوارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو، ايئن ڊاڪٽر ممتاز حسين ڏهر جنهن پنهنجي زندگي جو هڪ وڏو عرصو هيلٿ کاتي کي ارپيو ۽ جتي به رهيو اتي هن پنهنجي قابليت سان ان سينٽر کي سنواريو، حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو ادارن لاءِ فخر جو سبب هوندا آهي. مون ڊاڪٽر ممتاز حسين سان ٿورو وقت گذاريو پر ڊاڪٽر وقار حسين ڏهر جيڪي ڊاڪٽر ممتاز حسين جا فزند آهن هن سان گڏ لڳ ڀڳ هڪ سال کان گڏ ڪم ڪندي گذريو، جنهن ۾ گهڻو ڪجھ سکيو ڇو ته اولاد پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي مون کي ان جو اندازو آهي ته هو هڪ بهترين گهراڻي سان تعلق رکن ٿا ۽ بهترين آفيسر آهن، جيڪي بااخلاق ۽ محنتي آهن، هو پنهنجي اداري جي بقا لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندا آهن. ڪالھ ڊي سي گهوٽڪي محمد عثمان عبدالله پاران هڪ پروگرام ڪرايو ويو جنهن ۾ رٽائر ڊاڪٽرن کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ شيلڊ ڏني وئي، پروگرم جا آرگنائزر پوري ڊي اوسي ٽيم هئي، جن ۾ ڊاڪٽر ممتاز حسين ڏهر، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، ڊاڪٽر يوڊسٽر لعل ۽ ڊاڪٽر عبدالرزاق مرڻاس کي شليڊون ڏنيون ويون، اهڙن پروگرامن جو ٿيڻ بهترين سلسلو آهي، ان سلسلي جي صلاح ڊاڪٽر وقار صاحب ڏني ۽ سڀ ان تي متفق ٿيا ڇو جو جڏهن ماڻهو رٽائر ٿئي ٿو ۽ هن جي حوصلا افضائي ٿئي ٿي ته هن کي فخر محسوس ٿيندو آهي ته مون جنهن اداري کي زندگي جا 25 سال ارپيا ۽ ان اداري منهنجي رٽائرمينٽ تي مون کي محبتون ڏئي روانو ڪيو ۽ هي گھڙيون يادگار بڻجي وينديون آهن ۽ ڊي سي صاحب خطاب ۾ چيو ته اوهان خوش نصيب آهيو جو رب پاڪ اڃا اوهان کي صحت ڏني آهي ۽ اوهان رٽائر ٿي ويا آهيو، اها به خوش نصيبي آهي اوهان هڪ اداري کان الڳ ٿيا آهيو پر ذميوارين کان نه، سرڪار کان پري آهيو سماج ۾ هڪ نئين جذبي سان ڪم ڪرڻو آهي ۽ اڃا هن ديس لاءِ اوهان کي گھڻو ڪجھه ڪرڻو آهي.

 

علي حسن “احسن” چڍڙ/ميرپورماٿيلو

سپلا جي جدوجھد ۽ ڪاليج ايجوڪيشن جا ساراھ جوڳا قدم!‎‎

 

سپلا سنڌ پروفيسر ۽ ليڪچرارن جي تنظيم جنھن جي لاڳيتين ڪوششن سان ڪاليج جي استادن جون ترقيون ٿيون آھن ۽ ٿي رھيون آھن. ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي هاڪاري موٽ سپلا کي ڏني آهي. 17 گريڊ کان 18 گريڊ 19 گريڊ ۽ 19 گريڊ کان 20 گريڊ ۾ ترقي ٿيا آھن پر ھن وقت اميد آھي ته ڪاليج ايجوڪيشن 17 گريڊ کان 18 گريڊ ۾ 1000 اي سي آر گھرائي ڪاليج ايجوڪيش ۾ تاريخ رقم ڪندي ڪو به ليڪچرار ترقي کان رھندو. سپلا تنظيم فورٽئير تي عملن عمل ڪرايو آھي جو ڪاليج جي استادن جو جمھوري حق آھي جو ھن وقت سنڌ جي ڪاليجن جي استادن کي ملي رھيو آھي پر ڪاليج جي استادن جون سڌيون ڀرتيون اڃا تائين ايڊورٽائيز نه ٿيون آھن جيڪي ايم فل ۽ پي ايچ ڊي جي شرطن گھربل گھرج ھوندي آھي. ان کي 5 سالن کان مٿي وقت ٿي ويو آھي. اميد ته ڪاليج ايجوڪيشن ان تي نظرثاني ڪري جلد سيٽن جو اعلان ڪندي. سنڌ جي ڪاليج جي استادن کي فائدو ملندو، ڪافي وقت کان ڪاليج جي استادن سان ستم ظرفي اھا آھي ته ايم فل جو الائونس ڪاليج جي استادن کي 2500 رپيا ملي ٿو ۽ جڏھن ته يونيورسٽيءَ جي استادن کي 15000 ھزار ملي ٿو ۽ ڪاليج جي پي ايچ ڊي جو الائونس 10000 ھزار ملي ٿو جڏھن ته يونيورسٽيءَ جي استادن کي 25000 ھزار ملي ٿو، جڏھن ته ڊگري به ساڳيءَ آھي ڪو به فرق ناھي، ھيڪ جھڙي يونيورسٽي کان ويريفاءِ ٿيل آھي، تھڙيءَ وري ڪاليج جي استادن جي. سنڌ ڪاليج ايڪوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي ڪاليج جي استادن کي يونيورسٽين جي برابر الائونس ڏنو وڃي. ڪاليج جي استادن جو ميڊيڪل الائونس تمام گھٽ آھي ميڊيڪل الائونس به وڌايو وڃي. سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن ۽ تعليم جي وزير سردار شاھ جي هاڪاري قدم ۽ تعليم کي بھتر ڪرڻ لاءِ قدم کي ساراھجي ٿو، سپلا جي لاڳيتي جاکوڙ ۽ سپلا جي صدر جي پوري ٽيم ۽ سکر ريجن جي صدر کي سرخ سلام جن جي اڻ ٿڪ ڪوششن سان ڪاليج استادن جون ترقيون ڪرايون آھن، اميد ٿا ڪريون ته سنڌ جي ڪاليج جي استادن کي فائيو ٽئير فارمولا به ڏنو ويندو، جيڪو ھن وقت خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب صوبي جي ڪاليج جي استادن کي مليل آھي. سمورن صوبن جي ڪاليج جي استادن جون مراعاتون ھڪ جيتريون ھڪ جھڙيون ھجڻ گھرجن ۽ ھڪ جھڙي پاليسي ھجڻ گھرجي.

 

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

سيوهڻ جو سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ ڪوس گھر بڻجي ويو!

 

سيوهڻ جي سيد عبدالله شاھ انسٽيٽوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جو ڊائريڪٽر معين الدين صديقي هڪ ته ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي ان سان ادارو به ڪرپشن جي ور چڙھيل آهي ۽ ٻيو ته عام مريضن کي دوائون به ٻه نمبر ڏنيون ٿيون وڃن ۽  آپريشن ۾ استعمال ٿيندڙ عام ڌاڳو به ٻه نمبر آھي، سيوھڻ لڳ ڳوٺ ڪرمپور جي ھڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ نوجوان جو آپريشن ٿيو، هن قوس خاني جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي ڪري اهو نوجوان زندگي جي جنگ هاراي ويو آهي، نوجوان جو آپريشن ٿيڻ کان پوءِ ان نوجوان جي آپريشن واري جڳھ تي استعمال ٿيل ڌاڳو نقلي هئڻ سبب اهو ٽٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان جي طبيعت تمام گھڻي خراب ٿي پئي ۽ ان کان پوءِ ان نوجوان جا غريب وارث ان کي حيدرآباد توڙي ڪراچي جي خانگي اسپتالن جا چڪر ڪاٽيندا رهيا ۽ نوجوان جي صحتيابيءَ جي لاءِ لکين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود به نوجوان جي زندگي بچي نه سگهي. غريبن سان ظلم ٿيو آهي، ان جي قتل جي ايف آءِ آر هن انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر معين الدين صديقي تي داخل ٿيڻ گهرجي. سيوھڻ تعلقي جي ماڻهن اينٽي ڪرپشن ۽ نيب کان مطالبو ڪيو آهي ته هن اداري ۾ مريضن کي ٻه نمبر دوائون ڏنيون ٿيون وڃن ۽ هر روز ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ جي زندگي داءَ تي لڳل ٿي رهي، ان جي ڪري هن اداري جي ڊائريڪٽر خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. شهرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته سيوھڻ شھر ۾ اوهان جي والد صاحب جي نالي سان سيد عبدالله شاھ انسٽيٽوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ڊائريڪٽر معين الدين صديقي ڪنهن جي چوڻ تي شھرين جا ٻچا موت جي منهن ۾ ڏئي رهيو آهي، ان جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪري ان کي جلد ان اهم عهدي تان هٽائي، کيس هتان جي غريبن جي جانين سان وڌيڪ کيڏڻ کان روڪيو وڃي.

 

صفدر علي هاليپوٽو/ سيوھڻ شريف

 

چمڙي جي ڊاڪٽرن به فيسون وڌائي ڇڏيون!

 

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جو پروفيسر چمڙيءَ جو ڊاڪٽر عبدالمنان ڀٽو جنهن ٻوڏ جي صورتحال کي نظرانداز ڪري 600 مان فيس وڌائي 800 رپيا ڪري ڇڏي آهي، سنڌ ۾ آيل برسات ۽ ٻوڏ جي ڪري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ چمڙيءَ جو مرض وڌي وڃڻ تي پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪن جي فيس 800 رپيا ڪئي وئي آهي، نئين سال جي اچڻ سان ئي چمڙيءَ جي مريضن جي ڦٽن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، ڊاڪٽر منان ڀٽو پاران دوائن جي ڪمپنين يا ميڊيڪريپن طرفان مليل ڪميشن جي لالچ ۾ مريضن کي انهن ميڊيڪريپ جي ڏنلن ٻه نمبر دوائون لکي ڏيندو آھي، جن جي قيمت ھزارين رپين ٽائين جي آھي، توھان ٻڌايو ته ٻوڏ متاثر يا غريب ماڻهو ڪٿان دوا وٺي سگھندا؟ ايتري قدر انهن جي صورتحال مرڻ جهڙي ٿي ويندي آھي، ھزارين رپين جي دوا کين لکي ڏيندو آھي، جيڪي دوائون سندس پنهنجي ذاتي ميڊيڪل اسٽور تي ملنديون آھن، ان اسٽور کان سواءِ لاڙڪاڻي جي ٻئي ڪنهن به ميڊيڪل اسٽور تان اهي دوائون ناھن ملنديون، اڪثر سنڌ ۾ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آھن، اھي مريضن کي دوائون لکي ڏيندا آھن بعد ۾ چوندا آهن ته ڀرسان اسٽور آھي، توھان اتان دوا وٺو يا خريد ڪيو، ٻي ڪنهن اسٽور تي توھان کي اها دوا نه ملندي، انهن ظالم ڊاڪٽرن کان ته نصيرآباد جا ڊاڪٽر، ڊاڪٽر منير ٿلهو، ڊاڪٽر شهاب الدين ڪلهوڙو، ڊاڪٽر گلزار احمد شابراڻي، ڊاڪٽر ڪمليش ڪمار، بهترين طبعيت جا مالڪ ۽ ھر غريب جو خيال رکندڙ نصيرآباد جا بهترين ڊاڪٽر آھن، انهن ڊاڪٽرن نصيرآباد کان ويندي وارھ، گاجي کهاوڙ ۽ آسپاس جي ڳوٺن تائين نالو ڪمايو آھي. ٻوڏن جا ماريل مسڪين ماڻھو جن جا گهر، فصل، مال متاع سڀ ٻوڏ ۾ ختم ٿي ويا، مٿان وري چمڙيءَ جي بيماري ڦهلجڻ لڳي آهي، مسيحا جي روپ ۾ لاڙڪاڻي جو ھي ڊاڪٽر منان ڀٽو مسڪين مريضن جي جيئري چمڙي لاھي رھيو آهي پر ھن چنگيز خانن کي ڪو رحم ئي نٿو اچي. دولت جو پڄاري ڊاڪٽر مصيبت جي ھن گهڙي ۾ مينهن جي ماريل ۽ ٻوڏ جي سٽيل چمڙي جي مرض ۾ وڪوڙيل مسڪين مريضن جي حال تي رحم کائي پنهنجي فيس گهٽ ڪري سستيون دوائون فراھم ڪري ته جيئن ھر عام ماڻهو به پنهنجو علاج ڪرائي سگهي.

 

شيراز تنيو/نصيرآباد

 

ٿر جا بنيادي مسئلا هاڻ حل ٿيڻ گُھرجن!‎‎

 

ٿرپارڪر ضلعو ستن تعلقن تي مشتمل وڏو ضلعو آھي پر اهو اڄ به ٽيڪنالاجيءَ واري هن جديد دور ۾ به ڪيترين ئي بنيادي سھولتن کان محروم آھي. هتي صحت جي شعبي جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته هتي ڪروڙين رپيا هارڊ الائونس طور ملڻ باوجود به اسپتالن توڙي ان سان لاڳاپيل مسيحائي عملي مان عوام کي ڪو خاص لاڀ ملندي نظر نه ٿو اچي. مٺيءَ جي سول اسپتال اڄ به شفا گهر کان وڌيڪ ريفر سينٽر ۽ ڪوس گھر جو ڏيک ڏئي ٿي. اسپتالن ۾ چيڪ اپ کان وٺي ليبارٽريز تائين سھولتن ۽ نيتن جي اڻ هوند آھي. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ تعليمي ادارا عمارتن سان ته سينگاريا ويا آهن پر پيغمبري پيشي سان وابستا استاد پنھنجي ذاتي ڪاروبارن ۾ مصروف نظر اچن ٿا ۽ انهن عمارتن ۾ وڏيرن جون سياسي بيٺڪون لڳل ھونديون آهن. هتي پيئڻ جي پاڻيءَ جي سھولتن کي ڏٺو وڃي ته مٺيءَ ۾ پاڻي جي ته ھونئن به ڪا سھولت شروع کان ئي موجود ناهي پر ٿر جا مارو ماڻھو اڄ به جَر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن! ٿرڪول جي ٻن پاور پلانٽس مان ايجاد ڪيل بجلي به سڀني ٿرواسين جي لاءِ فائديمند ثابت ٿي نه سگھي آهي، فقط ٿرڪول جي ايريا ۾ رھندڙن ڪجهه ڳوٺن کي 100 يونٽ مفت ۾ ملي رهيا آهن، ٿر جا ماڻھو اڄ به صحت، تعليم، بجلي ۽ روڊن جھڙين بنيادي انساني سھولت کان محروم بڻيل آهن. هتي پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ واڪا ڪري رھيا آھن، ڪاش! ڪو هنن مسڪين ماروئڙن جي به ٻڌڻ وارو ٻڌي ۽ نيڪ نيتيءَ سان هتان جي انسانن جا بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ جي لاءِ ھمت ڪري.

 

سجاد الرحمان سمون/ ٿرپارڪر

ڌارين جو سنڌ جو ڊوميسائيل حاصل ڪرڻ جو منصوبو!‎‎

 

اٺ تڏھن ٿي رڙيا جڏھن ٻورا پئي سبيا، اڃا ڪالهوڪو ڏينھن آھي جو بلدياتي اليڪشن جي ٻئين مرحلي ۾ سنڌ جي عوام پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڀرپور مينڊيٽ ڏئي بلدياتي اليڪشن ۾ڪامياب ڪرايو آهي ۽ اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ ڪراچي جي ايم پي اي قادر مندوخيل قومي اسيمبلي ۾ سنڌ دشمن بل پيش ڪيو آھي، جنھن مطابق، “سنڌ ۾ ڪنھن به صوبي جو شھري جيڪو 6 مھينا سنڌ ۾ رھندو اھو سنڌ جو ڊوميسائل حاصل ڪري سگھي ٿو.” صاف ظاھر آھي، ھي ڏکويل، ٻوڏ ۾ ٻڏل سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي ۽ سنڌ دشمني جو ھڪ نئون باب آھي خدا نه ڪري ھي بل پاس ٿي ويو ته سنڌ ھن دنيا جي نقشي تي ٻيو فلسطين ثابت ٿيندي ۽ اسين صرف مذمت ڪرڻ ۾ پورا ھونداسين. ھتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان قسم جا بل پنجاب يا خيبر پختونخواهه ۾ ڇو نه ٿا پيش ڪيا وڃن؟ صرف سنڌ ڇو چٽيون ڀري؟ عالمي يتيم خاني طور صرف سنڌ کي جي ڇو چونڊ ڪئي ٿي پئي وڃي؟ صرف سنڌ کي ڇو ٿو رھڙيو وڃي؟ سنڌ جي وحدت کي ڇو ٿو ڇيھو رسايو وڃي؟ پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪڏهن واقعي به سنڌ دوست پارٽي آھي ته اها ان بل تي ووٽنگ ٿيڻ کان پھريان ان کي فوري طور رد ڪرائي ۽ سنڌ دوست پارٽي ھجڻ جو ثبوت ڏئي، جيڪا سنڌ جي عوام جو پاڪستان پيپلز پارٽي تي بنيادي حق آھي. تاريخ ثابت ڪيو آھي ته ھر شيءِ کي، ھر عمل کي وقت ساڻ عروج حاصل ٿيندو آھي، يقينن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ھينئر ڀليان ڀلي لڳي پئي آھي پر ھر عروج کي زوال ضرور ايندو آھي. ايئن نه ٿئي جو تاريخ ڪڏھن به پاڪستان پيپلز پارٽي کي بخش نه ڪري، ايئين نه ٿئي جو ذولفقار علي ڀٽي جي پاڪستان پيپلز پارٽي کي سنڌ جو ايندڙ نسل ضياءُ الحق طور ياد رکي.

 

شيراز چانگ/ٽنڊو غلام حيدر