ڏکيا فيصلا عام نه خاص لاءِ ڪيو

0
208
ڏکيا فيصلا عام نه خاص لاءِ ڪيو

اڳوڻي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ملڪ لڳاتار معاشي خراب حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته سياسي عدم استحڪام وري ان معاشي بحران کي  وڌائڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.موجوده حڪومت جڏهن اپريل ۾ قائم ٿي ته ان وقت کان وٺي اها اڳوڻي حڪومت جي معاشي پاليسين تي تنقيد ڪندي چوندي رهي ته ملڪ کي معاشي طور بحال ڪرڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو ناهي.اسان رياست کي بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ڏئي رهيا آهيون جنهن جو مطلب ته اهي عوام تي مسلسل اهو بار وجهي رهيا هئا جنهن سان اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽين جي مقبوليت ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي هئي. جيڪا حڪومت آئي ئي ان بنياد تي هئي ته اڳوڻي حڪومت عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ وجهي ڇڏيو هو ان حڪومت جي دور ۾ به مهانگائي گهٽجڻ بدران مسلسل وڌي رهي آهي ۽ ملڪ جون معاشي حالتون خراب کان خراب تر ٿي رهيون آهن ۽ جيڪڏهن ڪٿان ڪو قرض يا مدد جو آسرو ملي ٿو ته ملڪ جون سياسي حالتون ان آسري آڏو به رڪاوٽ بڻجي وڃن ٿيون. ڪڏهن پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن ڪي پي اسيمبلي ٽوڙي وڃي ٿي ته ڪڏهن قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي لاٽ جي صورت ۾ استعيفائون قبول ڪرڻ سان اهو تاثر قائم ٿئي ٿو ته هن ملڪ ۾ سياسي بحران ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندو جنهن کانسواءِ ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.

ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال کي ڏسي آءِ ايم ايف سميت عالمي ادارا ۽ دوست ملڪ به مدد لاءِ اڳواٽ شرط رکي رهيا آهن جنهن ڪري پاڪستان کي ڪٿان به تڪڙي امداد يا قرض جو آسروناهي.ان جو هڪ سبب اڳوڻي حڪومت طرفان آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جي ڀڃڪڙي به چيو وڃي ٿو، جنهن ڪري آءِ ايم ايف بجلي گئس جا اگهه وڌائڻ سميت نوان ٽيڪس لڳائڻ لاءِ چئي رهي آهي، جڏهن ته سعودي عرب جهڙا دوست ملڪ به چئي رهيا آهن  ته  جنهن ملڪ کي قرض ڏجي يا مدد ڪجي ته انهن آڏو شرط رکجي ته اهي معاشي سڌارا آڻين.اسان وٽ معاشي سڌارن يا نوان ٽيڪس لڳائڻ جو مطلب غريب هيٺئين ۽ وچين طبقي تي وڌيڪ بار وجهڻ ئي هوندو آهي،ڇاڪاڻ ته جڏهن به نوان ٽيڪس لڳايا وڃن ٿا ته اهي سڌا ٽيڪس پگهاردار طبقي تي لڳن ٿا يا وري اڻ سڌن ٽيڪسن جو بار غريب ماڻهن تي پوي ٿو جڏهن ته هن ملڪ ۾ اميرطبقو سدائين انهي ٽيڪس جي پئسن مان مراعتون حاصل ڪندو رهيو آهي.اسان جي ملڪ ۽ عوام جي اها بدقسمتي رهي آهي ته غريبن کان ٽيڪس وٺي اهو اميرن تي خرچ ڪيو وڃي ٿو انهي ۾ حڪمران ڪلاس به اچي وڃي ٿو ته وڏا صنعتڪار به ته بيوروڪريسي به انهن مراعت يافته طبقي  ۾ شامل آهي.هن وقت گئس ۽ بجلي جا اگهه وڌيل آهن جڏهن ته آءِ ايم ايف اڃا به اهي وڌائڻ جي فرمائش ڪري رهي آهي پر جڏهن زميني حقيقتن تي نظر ڦيرائبي ته اڄ به بيوروڪريسي کان وٺي حڪمران طبقي کي اهي سهولتون مفت ملي رهيون آهن ۽ وڌيڪ اگهن جو بار عوام برداشت ڪري رهيو آهي.ايئن ٽيڪس ڇوٽ وري وڏن صنعتڪارن،ريئل اسٽيٽ وارن ،واپارين کي ڏني وڃي ٿي جڏهن ته حڪمرانن جي رهڻي ڪهڻي اٿڻي ويهڻي تي به ملڪي معيشت جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ بي تحاشا خرچ ڪيو وڃي ٿو جنهن ڪري ئي ملڪي معيشت سدائين قرضن تي ڀاڙيندي رهي آهي ۽ هاڻي قرض ڏيند ڙ به معاشي سڌارن جا مطالبا ڪري رهيا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته معاشي سڌارن  تي ٻين جي مطالبي بدران اسان کي پاڻ ئي قدم وڌائڻ گهرجي پر اهي معاشي سڌارا سدائين وانگر اهڙا نه هجن جن مان امير ۽ حڪمران طبقو پاسيرو ٿي وڃي ۽ سڄو بار عام ماڻهو ۽ مڊل ڪلاس تي پئجي وڃي جيڪو اڳ ئي هن مهانگائي جي طوفان ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.تنهن ڪري جيڪڏهن ملڪ کي معاشي طور پاڻڀرو ڪرڻ ڏانهن وٺي وڃڻو آهي ته اميرن کان وٺي غريبن کي ڏيڻو پوندوٻي صورت ۾ معيشت جي بهتري جو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي.