بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقي واسين جي مدد ڪيو!‎‎

بلوچستان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، بلوچستان جي ڌرتيءَ جا ماڻھو جن کي آسماني ٻوڏ لوڙھي لاش وڻن ۾ ٽنگي ڇڏيا آھن ۽ معصوم ٻارڙن کي ماءُ جي ٿڃ ته ڪو نه ملي سگهي پر مينهن جي پاڻي سان سندن پيٽ ڀرجي ويا ۽ ڇولين آڻي کين ڪناري تي اڇلائي ڇڏيو آھي، سچ پچ ته بلوچستان جي ڌرتيءَ جا درد ڏسي اسان کي پنهنجي وطن جا وڍ ۽ ورِهه به وسري ويا آھن. ظالمو بلوچستان جي ڦرلٽ ڪندڙ وسيلن مان ئي کڻي ھنن جو مدد ڪريو، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته بلوچستان م ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري، بلوچستان ۾ برساتي ٻوڏ سبب انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي، خلق خدا جو الھه تلھه تباهه ٿي چڪو آهي، اتان جا فصل، گھر، مال متاع مطلب سڀ ڪجھه تباهه ٿي ويو آهي. ھاڻي ته ماڻھو بکن ۾ پاهه ٿي، اڃ ۽ بيمارين سبب موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن پر سندن ڪو به پرسان حال ڪونھي. حيرت جي ڳالهه اها آھي ته انساني خدمت ڪندڙ ادارا به اتان کان غائب آهن ته حڪومتي ادارا به نالي ماتر موجود آهن. سوين ماڻھو انساني آفت سبب مرڻ جا اطلاع ملي رهيا آهن، پوءِ به سندن درد ڪنھن کي سمجھه ۾ نٿو اچي. اھڙي انساني المئي تي ھر اک آلي آهي پر ڪٺور دل الائي ڇو خاموش تماشائي بڻيل آهن؟ انسانيت جي ناطي اڳتي وڌو ۽ تباهه حال بڻيل بلوچستان جو سھارو بڻجو! بلوچستان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

سنڌ جي نوجوانن شاگردن کي ڪتابن سان دوستي رکڻي پوندي!

اڄ ڪلهه جي ٽيڪنالوجي واري دور ۾ نه ٻارن ۾ آکاڻيون ٻڌڻ جو شوق رهيو آهي ۽ نه وري نوجوانن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو، مائٽ ٻارن جي ضد تي کين موبائل فونس وٺيو ڏين، پوءِ ٻار سڄو ڏينهن ان وندر ۾ ايئن مشغول آهن جو آکاڻيون ٻڌڻ ۽ معلوماتي ڪتاب پڙهڻ ته ٺهيو پر پنهنجي اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽين جو ڪم ڪرڻ کان به قاصر آهن، پوءِ ڀلي کڻي دنيا هيڏانهن کان هوڏي ٿي وڃي پر موبائل مان اک ناهي ڪڍڻي. گھر ۾ موجود وڏڙا رات جي پهر ۾ گھر جي مڙني ٻارن کي گڏ ڪري ڏاهپ ۽ ڄاڻ سان ڀريل جنن ۽ پرين جي ڪردارن واريون آکاڻيون ٻڌائيندا هئا، جن کي ٻڌڻ سان ٻارن ۾ ڄاڻ سان گڏوگڏ سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت، ذهني سجاڳي ۽ مطالعي ڪرڻ جو اتساهه پيدا ٿيندو هو، اهو ٻار جڏهن وڏو ٿي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ قدم رکندو هو ته ڪنهن به ڏکئي موڙ تي انهن آکاڻين مان پرايل سبق سندس رهنمائي ڪندو هو، ڀلي کڻي اهي وڏڙا البرٽ آئنسٽائن جي هن چوڻيءِ کان واقف نه هئا ته جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار ذهين ٿين ته انهن کي آکاڻيون ٻڌايو ۽ جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار وڌيڪ ذهين ٿين ته انهن کي وڌيڪ آکاڻيون ٻڌايو، ان وقت جي نوجوانن جو لڳاءُ ڪتابن سان تمام گھڻو هوندو هو، هُو ڪتابن کي پنهنجو بهترين دوست تصور ڪندا هئا، ايتري قدر جو ڀلي کڻي گھر ۾ لائيٽ نه به هجي پر هو گھٽين جي لائيٽ ۾ يا وري ڏيئا ٻاري به پنهنجي ڪتاب پڙهڻ وارو شوق پورو ڪندا هئا، ڇاڪاڻ جو کين ڪتابن جو قدر هو ۽ هو ڪتابن جي اهميت کان چڱي ريت واقف هئا. ڪتابن ۾ موجود ڏاهپ ڀريون نصيحتون، معاشري ۾ اٿ ويهه جو انداز زندگيءَ کي بهترين نموني گذارڻ جا طريقا ۽ دنيا جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ پنهننجي وڌ کان وڌ علم حاصل ڪرڻ واري اڃ لاهڻ لاءِ هو هر قيمت ڏيڻ لاءِ تيار هئا. لائبريريون عام جام هيون، گھرن جي اوطاقن ۾ علمي ميڙاڪا ٿيندا هئا، هڪ نه ٻئي ماڻهوءَ کي ڪتاب گڏ ڪرڻ جو شوق هو، تحفي ۾ ڪتاب ڏيڻ جو رواج پڻ عروج تي هو. اسان جي معاشري خصوصي طور سنڌ ۾ ڪتابن جي مطالعي کان پري هجڻ جا ڪيئي ڪارڻ آهن، جن ۾ پبلڪ لائبريرين جي کوٽ، معياري مواد جي کوٽ، معياري ليکڪن جي گھٽتائي، يونيورسٽين ۽ اسڪولن ۾ ڪتابي ميلن جو نه لڳڻ، والدين ۽ اُستادن جو ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي اهميت بابت آگاهي نه ڏيڻ اهم ڪارڻ آهن. ٻيو ته ڪتابن جون آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ قيمتون ڏسي هر ڪو سوچڻ تي مجبور ٿيو پوي، اهو مسئلو گهڻي حد تائين وري انٽرنيٽ تي ڊجيٽل ڪتابن يا اي بُڪس جي اچڻ سان حل ٿي ويو آهي، هفتي ۾ هڪ ڏينهن مطالعي کي ضرور ڏيڻ گھرجي ۽ پنهنجي ٻارن کي سٺا معلوماتي ڪتاب پڙهڻ جي تلقين ڪئي وڃي ته اهو ڏينهن پري ناهي جو اسان جا رَويا ۽ اسان جون زندگيون تبديل ٿي وينديون ۽ معاشري ۾ هڪ صحتمند علمي ماحول جو بنياد ٻيهر پئجي ويندو.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

سنڌ جي تعليم جو اڀرندڙ سج!

ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ ۾ ٿيندڙ نون استادن جي ڀرتي سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ بهترين مستقبل جي لاءِ سفر جو پهريون سج ثابت ٿيندو، ڇو ته هن ڀرتي تحت ايندڙ نوجوان استاد سٺن ادارن مان اعليٰ تعليم يافتا ۽ جديد دور جي طرز تي پڙهائي ويندڙ ڪريو ڪليم مان خوب واقف آهن، انهن مان هڪ بهترين قوم جو بنياد رکڻ جي اميد رکون ٿا. ڇوته اڄ دنيا ڊجيٽل دور مان گذري رهي آهي، جتي هڪ ننڍڙي ڪلڪ سان ڌرتي جي ذري ذري جي ڄاڻ اسان جي اڳيان پيل انڊرائيڊ موبائل ۽ ليپ ٽاپ جي اسڪرين تي اچيو وڃي، هن زماني جي تيز ترين ترقي جي مناسبت سان اڄ اسان جي مستقبل جي معمارن ننڍڙن ٻارن کي تعليم جهڙي زيور کان محروم رکڻ ڪنهن قسم جي جهالت کان گهٽ ناهي. اڄ توهان ۽ اسان جي اسڪولن ۾ بهترين استاد پهچي ويا آهن جيڪي توهان کي جديد طرز جي تعليم کان آراستا ڪري سگهن ٿا. اڄ هن آءِ بي اي جي استادن جي ڀرتي کان پوءِ اها اميد رکون ٿا ته سنڌ ۾ ٻٽي تعليمي معيار جو خاتمو اچي سگهي ٿو ۽ اسان جي نوجوان استادن کان تعليم حاصل ڪيل ٻار ملڪي سطح ٿيندڙ چٽاڀيٽي مقابلن ۾ پرائيويٽ اسڪول، ڪاليجن ۽ يونيورسين جي مقابلي جي تعليم حاصل ڪندا، ڇو ته هاڻي اسان جي سرڪاري اسڪولن جو معيار بهتر ٿي ويندو ۽ اسان پرائيويٽ تعليمي ادارن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائڻ جي پوزيشن اچي وينداسين، جتي لکين رپين عيوض پرائيويٽ تعليم حاصل ڪندا هئا پر اڄ ان کان بهترين تعليم توهان جي ڳوٺن تائين نوجوان استادن جي تصور ۾ پهچي چڪي آهي، بس هاڻي پنهنجن ٻارن کي وڌ کان وڌ سرڪاري اسڪولن ۾ انرول ڪرايو، جيئن اسان پنهنجي قوم جو هڪ مضبوط ۽ زبردست بنياد رکي سگهون، جيڪي دنيا جي هن جديد دور جو مقابلو ڪري سگهن ۽ اسان هن ڀرتي تحت ايندڙ استادن مان اها اميد ٿا رکون ته اهي نوجوان جذبا پنهنجي قوم جو مضبوط بنياد رکڻ ۾ ڪا به ڪسر باقي نه ڇڏيندا.

مظفر بهاول لغاري/گلاب لغاري

راڻيپور محرم الحرام جو مهينو ۽ ٽائون انتظاميا جي نااهلي!

راڻيپور ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ عزاداري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، شهر جي مک پڙن تي علم پاڪن ۽ سيجن کي سينگاري ٻيهر لڳائڻ وارو سلسلو جاري آهي. ڪربلا جي شهيدن جي نالن تي شربت ۽ ٿڌي پاڻي جو سبيلون لڳي ويون. هر طرف ياحسين جون صدائون بلند آهن، راڻيپور ۾ محرم الحرام جي حوالي سان سان ڪربلا جي شهيدن جي ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ عزاداري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، شهر جي مک امام بارگاھن، پڙن ۾ علم پاڪن ۽ سيجن ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڪيترن ئي علم پاڪن کي رنگ روغن ڪري سينگاري ٻيهر نصب ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته شهر اندر مختلف چوڪن، چورائن، پڙن، گلين ۽ روڊن رستن تي ڪربلا جي شهيدن جي نالن سان شربت ۽ ٿڌي پاڻيءَ جون سبيلون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته راڻيپور ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ننڍن وڏن پڙن ۽ امام بارگاهن تي مجلس ۽ ماتمداريءَ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، هر طرف ياحسين جون صدائون بلند ٿي رهيون آهن. راڻيپور شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ مختلف پڙن تي علم پاڪن راڻيپور شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ عزادارن امان حسين عليه السلام جي گهرن تي لڳل ننڍن علمن کي رنگ روغن ڪري سينگارڻ جو ڪم تيزي سان جاري آهي، پهرين محرم کان اڳ گهرن مان لاٿل ننڍن علمن کي 5 محرم الحرام جي رات تائين رنگ روغن ڪري سينگاري سجائي لڳايو ويندو آهي، راڻيپور ۾ عشره محرم الحرام دوران هر رات جو مجلسون ۽ ماتم هئڻ باوجود گهٽين ۾ روشنيءَ جا انتظام نه هئڻ ڪري ماتمي روٽن تان ماتمن جو گذر ڏکيو ٿي ويو آهي، جڏهن ته شهر جي مختلف رستن، چوڪن، چوراهن ۽ گهٽين ۾ انداهيءَ جو راڄ قائم ٿيل آهي، هر جاءِ گندگيءَ جا ڍير پيل آهن، شهر اندر ڪيترين ئي پاڙن، گهٽين ۾ صفائي نظر نه پئي اچي، جنهن ڪري شهر گندگي جو ڊير بڻجي چڪو آهي. ٽائون آفيسر کان انتظامن لاءِ چئون ٿا ته جواب ۾ چوي ٿو ته اسان وٽ ٽائون ۾ پئسا ئي ناهن ۽ نه وري ان سلسلي ۾ ڪا بجيٽ رکيل آهي. اسان جي ڄاڻ موجب ٽائون ڪاميٽي کي ماهوار هڪ ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ بجيٽ هئڻ باوجود خبر ناهي ته اهي پئسا ڪيڏانهن ٿا وڃن جو شهر ۾ صفائي، سٿرائي، لائٽينگ جي نظام سميت ڪو به ڪم نه ٿي رهيو آهي. ان جو حساب ٿيڻ گهرجي. اسان جي ايم پي اي پير سيد پيار علي شاهه جيلاني ۽ ڊي سي خيرپور سميت وس وارن کان گهر آهي ته ان مها ڪرپٽ ٽائون آفيسر کي هٽائي سندس جاءِ تي ڪنهن ايماندار آفيسر کي مقرر ڪري شهر اندر صفائي سٿرائي سان گڏ ماتمي روٽن ۽ چوڪن چوراهن تي روشني جا انتظام مڪمل ڪرايا وڃن، جيئن محرم الحرام نهايت عقيدت ۽ احترام سان ڪرائي سگھجي.

فياض حسين راڄپر/راڻيپور

کپري تعلقي ۾ مڇرمار اسپري ڪرائي ڏيو!‎

کپري تعلقي ۾ لاڳيتي برسات کان پوءِ علائقي ۽ ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيھڻ کان پوءِ ڪچي ۾ رھندڙ مارو ماڻهن جي گھرن ۾ پاڻي بيھڻ جي ڪري ڳوٺ ۾ ڄڻ ته ٻوڏ اچي وئي آهي. ٻئي پاسي کپري تعلقي جا ذميوار پنهنجي زمينن مان پاڻي نيڪال ڪري وري غريبن، ھارين جي گھرن کي ٻوڙي انهن کي لڏائڻ ۾ پورا آهن . ھڪڙي پاسي گهرن ۾ پاڻي جو عذاب آهي ته ڪٿي وري مڇرن جو آزار وڌي وڃڻ جي ڪري غريب مسڪين مارو ماڻهو مختلف بيمارين ۾ پڻ وٺجي ويا آهن . کپري تعلقي ۾ مڇرمار اسپري نه ٿيڻ جي ڪري مينهن، ڳئن ۽ بي زبان جانور به مڇرن سان مقابلو ڪري مرڻ لڳيون آهن. کپري تعلقي جي مختلف علائقن جھڙوڪ ھٿونگو، ڍليار، رتوڪوٽ، ڀٽ ڀائٽي، روڻجھو، غزين آباد ۽ کاھي ۾ مڇرن جو آزار وڌي وڃڻ جي ڪري عوام مٿان مايوسي ڇانيل  آهي . اسان انتظاميا کان گذارش ٿا ڪريون ته کپري تعلقي جي سمورن يوسين جي سمورن  وارڊن جي ھڪ ھڪ ڳوٺ ۾ روزانون جي بنياد ته 2 مھينا لاڳيتو مڇرمار اسپري ڪرائي عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

ظفر حسين مري/کپرو

اعليٰ اختيارن کان اوجهل منهنجو اسڪول!

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪانڪيو (مين) يوسي ھيرار تعلقو ڇاڇرو ضلعو ٿرپارڪر قديمي ۽ تاريخي اسڪول آھي، ھي اسڪول انگريز دور ۾ 1933ع ۾ شروع ٿيو ۽ اڃا ھلندڙ آھي، ان وقت اسڪول کولرائڻ ڪو سولو ڪم نه ھو، پوري ضلعي ۾ فقط 12 اسڪول کليا، ان وقت مرحوم سائين شير محمد ۽ مرحوم سائين مير محمد (مبارڪ رند) بطور پهريان استاد مقرر ٿيا، جن پنهنجي صلاحيت ۽ ايمانداريءَ سان ھن علائقي جي ٻارن کي تعليم جي زيور سان سنواريو. ان وقت ھن علائقي ۾ اسڪول جو ڪو به وجود نه ھو، پسگردائيءَ جا ٻار ھن اسڪول مان تعليم پرائي پنهنجو مثال پاڻ بڻيا، انهن مان ڪي سياستدان، ڪي اديب، ڪي استاد، ته ڪي وري ڊاڪٽر ۽ انجنئير وغيره بڻيا، جن ۾ مرحوم سائين محمد سچل جنجهي، سگهڙ حاجي الهداد جنجهي، حافظ محمد ادريس جنجهي، مرحوم سائين دوست محمد جيسر، مرحوم سائين عبدالصمند سنگراسي، مرحوم محمد الف ھاليپوٽو، مرحوم محمد حيات ھاليپوٽو، سائين حاجي محمد صديق ھاليپوٽو، مرحوم محمد حسن رند (مبارڪ رند، مختيارڪار) مرحوم راجو خان رند (ٽائون آفيسر) سائين ساھو مل، ڊاڪٽر جيون راٽوڙ، سائين امولک ٿري، سائين نولراءِ ساھومل، محمد سليم ٻهپار، مرحوم سائين سومرو خان جوڻيجو، سائين محمد عرس ساند ۽ ٻين جا نالا ذڪر لائق آھن. ھن اسڪول کي 1992ع ۾ ڇهون ڪلاس جو درجو ڏنو ويو، 1993ع ۾ ستون ڪلاس جو درجو مليو، 1994ع ۾ 8 ڪلاس جو درجو مليو، ھن وقت گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول آھي. ڪل داخلا 300 آھي، 1992ع ۾ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان ھڪ ڪمرو مليو، ان کان پهريان ڪکائين چونري تي هلندڙ هو. اسان سڀني سياستدانن، اعليٰ اختيارن ۽ آفيسر وٽ دانهيندا رھيا آھيون پر افسوس جو اسان جي ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي. ھن وقت نوان استاد ڏئي خالي پيل جاين ڀرڻ وارو سلسلو شروع ٿيو ۽ جاري آھي، اسان کي به خوشي آهي ته اسان جو به ڪڻو نڪرندو پر صد افسوس جو اسان لاڳاپيل اعليٰ اختيارن وٽ استاد ڏيڻ لاءِ عرض ڪيوسين پر وري به ساڳئي موٽ ملي ته اوھان کي استاد نه ملندا، ڇو جو اسان وٽ ڪو سگهارو سهارو ڪونهي، اسان جي لاءِ ڪا فون ڪال ڪانه آئي آھي، منهنجو باشعور ڌرتي ڌڻين کان نماڻو عرض آھي ته اسان جو ھي آواز ڪنهن وس واري تائين پهچائڻ ۾ ساٿ ڏين، شل اسان سڀني جي ڪوشش سان ڪو گلاب گل ڪوماجڻ کان پهريان تعليم جي زيور سان سجي ھن معاشري جو ڪارائتو فرد بڻجي پوي. خدارا اسان به ان وطن جا واسي آھيون، اسان جي دانهن به ٻڌو، اسان جي اسڪول کي اپگريڊ ڪري مڊل جو درجو، عمارت، فرنيچر ۽ عملو ڏيڻ جي عنايت ڪيو.

ساجد حبيب ٻهپار/ڪانڪيو،ٿرپارڪر

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا!

(حصو پهريون)

وسري سارو لوڪ، پر شال نه وسرين تون،

توکي ڪيڏو مون، سانڊيو آهي ساهه ۾.

مون کان  هيئر به اهو ڏينهن اهو پل نٿو وسري جڏهن بابا وڏي جي موت جي خبر ٻڌم، مان اسڪول جي تيارين ۾ مصروف، گانا پئي ڳاتا، تياري پي ڪيم، اوچتو جو  بابا وڏي جي موت جي خبر پئي مان هڪڙي هنڌ سن ٿي ويس، چيم ايئن ٿي نٿو سگهي، بابا وڏي رات به سڀني سان فون تي ڳالهايو آ. بلڪل صحيح سلامت. اڇا ان رات الائي ڇو بابا جنهن ڪنهن سان وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي پيو ڳالهايو، مون کي پڪ نه پئي ٿي چاچا راشد کي چيم ته چاچا مهرباني ڪري پڪ ڪريو ايئن نه هوندو! پر چاچا به ڳوڙها وهائيندي چيو خبر سچي آ، مون کان ته رڙ نڪري وئي. اسان جي سڄي ڪٽنب کي ساهه ۾ سانڊڻ وارو بابا اڄ اسان کي ڀنل اکين سان ڇڏي ويو. هي اهو خراب پل آ، جيڪو نه ساريندي به هر هر ياد ايندو آ. اڄ مان در محمد ڪمال تي سندس پوٽي جي ناطي نه پيو لکان پر ٺٽ پراڻي جي رهاڪو ۽ سنڌ جي رهواسي هجڻ جي ناطي لکي رهيو آهيان. اسان لاءِ انھن جي محبت، غريبن لاءِ انھن جي شفقت ۽ سنڌ ۽ ثقافت لاءِ انھن جي خدمت تي لکڻ يقينن مون جھڙي ننڍڙي ماڻھو جي حيثيت کان گھڻو مٿانھون ڪم آھي پر ايترو ضرور لکندس ته سنڌي لوڪ ادب کي وري نئين سر جيئارڻ، لاڙ ميوزيم قائم ڪرائڻ، ٿر جي تاريخ ۾ پھريون بين الاقوامي ميلو (مارئي جو ميلو ١٩٩٧) لڳرائڻ، ھزارين ثقافتي پانڌيئڙن (سگھڙن) کان ويندي غريب راڳين ۽ سازندن تائين جا وظيفا مقرر ڪرائڻ، لاڙ ۾ ماڻھن کي ھزارين ڳوٺ ۽ لکين ايڪڙ زمينون رجسٽر ڪرائي ڏيڻ، سگھڙن، ملھه پهلوانن ۽ ٻين ثقافت ۽ ادب سان لاڳاپيل شخصيتن ۽ تنظيمن جي مالي سھائتا ۽ ان جھڙا ٻيا عوامي ڀلائيءَ جا ھزارين ڪم ڪرڻ لاءِ ھڪ نه پر ڪيئين زندگيون، بي انتھا دولت ۽ اثر رسوخ کپي، بابا وڏو ھڪ حياتي ۾ ڪئين حياتين جيتري خدمت ڪري ويو، سندن زندگي جي ڪل ڪمائي ماڻھن جون محبتون ۽ دعائون ھيون. پاڻ پنھنجو اثر رسوخ پنھنجن کي نوازڻ ۽ پنھنجي عيش عشرت لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ سدائين سنڌ، ثقافت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيائون (جنھن تي اڪثر دوست ۽ مائٽ ناراض به ٿيندا ھئن). سندس جنم ڏينھن جي موقعي تي الله  سائين کان اھا دعا آھي ته خدا اسان سڀن کي بابا وڏي وارو بي لوث خدمت وارو جذبو عطا ڪري، آمين. انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا طرفان در محمد “ڪمال” سولنگيءَ جي زندگي جو ڇپيل مختصر خاڪو سڀاڻي جي پنهنجي اخبار ۾ پڙهندا. (جاري)

احمد رضا ماڇي/ ٺٽ سولنگي، نوشهروفيروز

منهنجي ڪاليج جو سفر، (سفر نامون)!

(حصو پهريون)

01.07.2019 تي مان سئوٽ شيراز، سئوت علي، پڦاٽ گل، پڦاٽ سردار عرف جينٽل ماڇي ۽ منهنجي ڀيڻ ۽ چند ٻيا ڇوڪرا هئا جيڪي 2019 جي نئين سيڪشن جي پهرين ڏينهن تي آيا، انهن ڏينهن ۾ اسان جو سلپون اڃا نه آيون هيون ۽ فرسٽ ايئر جا ٻار به ڪونه ايندا هئا، سو اسان جا ڪلاس نه هلندا ه.ا ۽ اسان 12هين وارن جي ڪلاس ۾ ويهندا هئاسين. هڪ ڏينهن سائين حاجن لاڙڪ عرف سائين صوفي ڪلاس ۾ آيو ۽ مون کان ٻه ٽي ميٿ جا فارمولا پڇيائين سو تڏهن ته ميٿ فيوريٽ سبجيڪٽ هئي، پنهنجي سو منٽ ڪيامانس، سو چيائين ته مس ڪو هوشيار شاگرد مليو آ، سو تڪڙ ۾ گل ٻڌايس ته سر هي اڃا فرسٽ ايئر ۾ آهي، سو سر چيو اٿ، نڪر ڪلاس مان! فرسٽ ايئر وارو انٽر جي ڪلاس ۾ ڇا ٿو پيو ڪرين؟ سو ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيائين، اها منهنجي ڪاليج ۾ پهرين بي عزتي هئي. پوءِ اسان سڄو مهينو سائين صوفي جي ڪلاس وقت ٻئي ڪلاس ۾ وڃي ويهي رهندا هئاسين ۽ وري سائين جي ڪلاس کان پو وري وڃي انٽر ۾ ويهندا هئاسين. اسان جا ريگيولر ڪلاس آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ شروع ٿيا، انهن ڏينهن ۾ سڀ ڇوڪرا منهنجي لاءِ نوان هئا ۽ منهنجي آواز تان کلندا هئا ۽ مان ڏاڍو شرمندو ٿي ماٺ ٿي ويندو هئس، هروڀرو نه ڳالهائيندو هئس، سائين وارن کان سوال به نه پڇي سگهندو هئس، ڇوڪرن جي کلڻ جي ڪري! اسان جي ڪلاس جي انگلش ڪورس ۾ My Bank Account چوٿون سبق هئو ۽ اسان جي انگلش سر علي گوهر مهيسر وٺندو هئو، ان سبق جي پريزنٽيشن منهنجي ڪيريئر جي پهرين پريزنٽيشن هئي ۽ اها به انگلش ۾. ڪاليج ۾ ته موقعا ملندا هئا پر ڇوڪرن جي منهنجي آواز تان کلڻ جي ڪري همت نه ٿيندي هئي، ان ڏينهن وڏي همت ڪري مان ڊائيس تي آيس ۽ پريزنٽيشن ڏنم ۽ جيڏي مهل ڏئي ختم ڪيم ته سر علي گوهر مون کي ڪلهي وٽان ڀاڪر پائي چيو ته هن ننڍڙي جي پريزنٽيشن ٿيل سڀني پريزنٽيشنز کان بيسٽ پريزنٽيشن آهي، هن لاءِ تاڙيون وڃايو ته مون کي ان وقت جيڪا خوشي ٿي هئي اها هتي بيان ڪرڻ جهڙي ناهي ۽ ايئن اڳتي ڪلاس هلندا رهيا ۽ سائين امداد وارن جو سينٽر به شروع ٿيو ۽ ان ۾ به اسان سڀني داخلا ورتي. اسان اٺ ڄڻا هوندا هئاسين ۽ پنهنجي ڪيري وين تي ڪاليج ۽ سينٽر تي ويندا هئاسين، جيئن ته اسان ڪاليج ۾ ڊريس پائي ويندا هئاسين سو جڏهن کان اسان سينٽر شروع ڪيو ته اسان 5 ڇوڪرا پنهنجو هڪڙو هڪڙو وڳو، چپل ۽ ماني به کڻي ويندا هئاسين، مطلب صبح جو گهران نڪرندا هئاسين ۽ شام جو واپس ايندا هئاسين. (جاري)

عبدالسيمع سولنگي/حيدرآباد