برمنگهم (اسپورٽس نيوز) ڪامن ويلٿ گيمز 2022ع ۾ پاڪستان پهريون گولڊ ميڊل کٽي ورتو. پاڪستان جي نوح دستگير بٽ 109+ ويٽ لفٽنگ ڪيٽيگري ۾ گولڊ ميڊل کٽيو. نوح دستگير بٽ گڏيل طور تي 405 ڪلو گرام وزن کڻي گولڊ ميڊل کٽيو. هن اسنيچ ۾ 173 جڏهن ته ڪلين اينڊ جرڪ ۾ 232 ڪلو وزن کنيو. نوح دستگير بٽ جي اسنيچ ۾ 173 جڏهن ته ڪلين اينڊ جرڪ ۾ 232 ڪلو وزن جي لفٽس ڪامن ويلٿ گيمز جي 109+ ويٽ ڪيٽيگري جي رڪارڊ لفٽس آهي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف گولڊ ميڊل کٽڻ تي نوح دستگير بٽ کي مبارڪ ڏني آهي. وزيراعظم سوشل ميڊيا تي ٽوئٽ جاري ڪندي لکيو ته “ويل ڊن بٽ صاحب”. ٻئي طرف قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ٽوئٽر تي ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ميڊل کٽيندڙن لاءِ لکيو ته مونکي پنهنجي سپر اسٽارز تي فخر آهي. هوڏانهن پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ڊائريڪٽر جنرل آصف زمان پاران نوح دستگير بٽ لاءِ 50 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي. نوح دستگير بٽ جو گولڊ ميڊل ڪامن ويلٿ گيمز جي تاريخ ۾ پاڪستان جو صرف ٻيو گولڊ ميڊل آهي. ان کان اڳ 2006ع ۾ شجاع الدين ملڪ پاڪستان لاءِ ويٽ لفٽنگ ۾ گولڊ ميڊل کٽيو هو.