زندان جي جھروڪن مان!

 

(حصو ٻيون)

امام الدين قمبراڻي جھڙن بيگناهن سان گڏ ڪافي سنگين ڏوهن جي ڏوهارين کي به سزائو مليون هيون، جنهن ۾ شهه سوار بلوچ، صولت مرزا جھڙن قيدين کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو، شهه سوار بلوچ جيڪو جهاز هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڦاهيءَ جي سزا ڪٽي رهيو هو، جنهن کي سندس ساٿين سميت 2015ع ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي. ان کان سواءِ دادو شهر سان واسطو رکندڙ سڪندر جوکيو قيدي جنهن پنهنجي ڀائٽي سان زنا ڪرڻ بعد هن کي قتل ڪري ڇڏيو هو، تنهن کي به حيدرآباد ۾ ڦاهي وئي. جنهن ڏينهن ڪنهن کي ڦاهي ڏيڻي هوندي آهي ته ٻين ڦاهي جي سزا آيل قيدين کي ته ننڍ نه ايندي آهي نه سڪون، هر ڦاهيءَ جو قيدي انهيءَ ڊپ ۾ ورتل هوندو آهي ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ سزاءِ موت قيدين لاءِ هڪ وڏي سزا آهي، جيل ۾ رهندڙ قيديءَ کي جڏهن ڪورٽ سڳوري موت جي سزا ٻڌائيندي آهي ته اُن سزا جو قيديءَ تي وڏو اثر ٿيندو آهي، قيدي کي موت جي سزا ملڻ کان پوءِ ان قيدي کي موت جي سزا مليل ٻين قيدين جي وارڊ ۾ موڪليو ويندو آهي، ايئن سمجھو ته جيل اندر اهو هڪ ٻيو مني جيل ٺهيل هوندو آهي، موت جي سزا وارن قيدين کي ٻين قيدين کان الڳ ڪري پري هڪ ڪنڊ ۾ رکيو ويندو آهي، انهن سان گڏ ٻين عام سزا وارن قيدين کي نه رکيو ويندو آهي. موت جي سزا وارن قيدين کي عام آزادي ناهي هوندي جيئن ٻين قيدين کي هوندي آهي، بس انهن کي پنهنجي وارڊ ۾ گھمڻ ڦرڻ جي آزادي هوندي آهي، هو کولين ۾ رهندا آهن جيڪي تمام ننڍيون هونديون آهن، جن ۾ رهڻ تمام ڏکيو هوندو آهي، پر اهي مجبور هوندا آهن، اڳ ۾ ته انهن قيدين کي ملاقاتين سان ملائڻ لاءِ به ٻاهر نه ڪڍندا هئا، سندن ملاقاتي اتي کولين ۾ وڃي پنهنجن پيارن کي ڏسندا ۽ ملندا هئا پر هاڻ انهن کي ٻين عام قيدين جيان بوٿ تي ملاقات ڪرائي ويندي آهي. ملاقات دوران انهن جو جيل انتظاميه طرفان خاص خيال رکيو ويندو آهي. اڌ ڪلاڪ بجاءِ انهن کي ڀائو بدر طرفان هڪ ڪلاڪ ڳالهائڻ لاءِ ملندو آهي جيڪا رعايت عام قيديءَ کي ناهي ملندي، جيل سپرنٽينڊنٽ طرفان انهن کي سٺي رهنمائي ملندي رهندي آهي.(جاري)

 

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

سنڌ جي ماضيءَ ۽ هاڻوڪن حڪمرانن ۾ ڪھڙو فرق آهي؟

 

ان ۾ ته هاڻ ڪو شڪ ئي نه رهيو آهي ته موجوده حڪمرانن کان ڪنهن حقيقي عوامي ڀلائيءَ جي منصوبن تي عمل درآمد جي اميد رکڻ ٻبرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي، ان جو مظلب اهو به ڪونهي ته ماضيءَ جي حڪمرانن ڪو عوام لاءِ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهائي ڇڏيون هيون، مطلب اهو ته گذريل توڙي هاڻوڪن حڪمرانن ۾ ڪو به فرق نظر نٿو اچي، اهي سڀ سٺا، پارسا، هڏ ڏوکي ۽ همدرد رڳو تڏهن هوندا آهن جڏهن اقتدار کان ٻاهر هجن ٿا، باقي اقتدار جي پنهنجي مستي ۽ پنهنجو خمار آهي، جنهن کان بچڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي، اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين خان صاحب ۽ سندس رفيق خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون هامون هڻندا رهندا هئا، پاڻ کان سواءِ ٻين سمورن حڪمرانن توڙي سياستدانن کي نااهل ڪرپٽ ۽ ڪوڙو سڏيندي سڏيندي سندن نڙيون سڪي ٿي ويون، توڙي جو خيبر پختون خواهه ۾ پورا 5 سال حڪومت جا مزا ماڻڻ باوجود به اتي عوامي ڀلائيءَ جي شعبي ۾ ڪي بنيادي تبديليون ڏسڻ ۾ نه آيون پر سندن ڪارڪردگيءَ کي انهن پاڻ سوشل ميديا، خاص طور تي ۽ عام ميڊيا عام طور تي ايترو ته مٿي تي کنيو جو ايئن محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ خيبر پختونخواهه يورپ بڻجي ويو هجي، پوءِ خان صاحب جي اها ئي فرمائش رهي ته کيس وفاق ۾ پڳ ٻڌائي ويهاريو وڃي، پوءِ ڏسو ته ڪيئن ٿو پوري ملڪ ۾ خوشحالي انصاف ۽ عوامي ڀلائيءَ وارو انقلاب اچي، حالت اها آهي جو بجليءَ جو گذريل نظام ذرو به سڌرڻ بدران ويتر تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي، روزاني لوڊ شيڊنگ جو عرصو جيڪو پهرين ڳوٺن ۾ اٺ ڪلاڪ هو سو هاڻ 16 کان 20 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ کي سندس گئس هوندي به گئس جي لوڊ شيڊنگ برداشت ڪرڻي پئجي رهي آهي، سي اين جي اسٽيشنون بند پييون آهن، تيل جا اگھه چوٽ چڙهيل آهن، کاڌي پيتي جون شيون ايستائين جو اٽو به مهانگو ٿي ويو آهي، خبر ناهي ڪهڙي خوشحالي پئي اچي ۽ اها ڪهڙي پنڌ ۾ آهي؟

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

 

کپرو واسي نوجوان دوست علي ڀٽي کي بازياب ڪرايو!

 

ڪجھ ڏينهن اڳ کپرو واسي قومي ڪارڪن دوست علي ڀٽي کي حيدرآباد مان نامعلوم ماڻھن پاران کنڀي گم ڪيو ويو آھي، جنهن جو ڪافي ڏينهن گذرڻ باوجود ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو، جنهن جي ڪري سندس گهر ڀاتي انتهائي پريشاني ۾ وڪوڙيل آھن، کين ڪو به ڏڍ ڏيڻ وارو ناهي. دوست علي ڀٽي جي پيرسن امڙ ابي پٽ جي جدائي ۾ روئي روئي بيحالي واري زندگي گذاري رهيا آھن، جن جو چوڻ آھي ته اسان ٻھراڙي جا مسڪين ماڻھون آھيون، اسان ڪڏهن به ڪو ملڪ ۽ معاشري کي نقصان ڏيندڙ ڪم ناهي ڪيو، پٽ جي جدائي جيءُ کي جهوري ڇڏيو آھي، جن جو چوڻ آھي ته دوست علي ڀٽي جي وني ۽ 2 معصوم ٻارڙا تمام گهڻو پريشان آھن، جڏهن ته دوست علي ڀٽي جي گهر ڀاتين سرڪار کان گهر ڪئي آھي ته دوست علي ڀٽي کي ظاهر ڪيو وڃي، پوءِ جيڪڏهن ڪو ڏوھ آھي ته عدالت ۾ مٿس ڪيس هلايو وڃي.

 

ذاڪر علي شر/ کپرو

 

پ پ پ جي تباهي وارا 15 سال!

 

سنڌ ۾ حڪومت ڪندي پ پ پ کي 15 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آھي ۽ گذريل 15 سالن ۾ ترقي يافته دنيا ته خبر ناھي ڪٿي وڃي دنگ ڪيو ھوندو پر پاڪستان ۾ پنجاب يا ڪي پي ڪي ۾ به رڪارڊ ترقي ٿي آھي، جيئن ته اسان جو ضلعو ڪشمور پنجاب ۽ بلوچستان جي دنگ تي آھي، تنھن ڪري اسان کي چڱي طرح ڄاڻ آھي ته پنجاب ۾ ھر سطح تي ڪم ٿيو آھي پوءِ ڇو نه پنجاب جا روڊ رستا ھجن يا خاص طور تي اتان جا اسڪول ڏسڻ وٽان آھن پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اسان جي ضلعي ڪشمور ۾ مشرف دور کان پوءِ ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿيا آھن، ڪشمور ضلعي جو اھم شھر بڊاڻي جيڪو واپاري لحاظ کان تمام اھم مرڪزي شهر آھي ان کي ۽ ان جي پسگردائي کي ته مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آھي، ڇو ته انڊس ھاءِ وي کان بڊاڻي ايندڙ روڊ جيڪو اڄ کان شايد 30 سال اڳ ٺھيو ھو، اھو مڪمل تباھ ٿي چڪو آھي ۽ صحيح روڊ نه ھجڻ ڪري ان روڊ تي حادثن سان گڏوگڏ ڌاڙا ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آھن پر چونڊيل نمائندن کي ڪا به پرواھ نه آھي. بڊاڻي جي پسگردائي ۾ وسندڙ ڳوٺن ۾ زندگيءَ جي ڪا به بنيادي سھولت موجود ناهي پوءِ اھو روڊ ھجي، بجلي يا گئس پر ھتان جا ماڻھو ڄڻ دقيانوسي دور جا ھجن، انھن کان ڪير به پڇڻ وارو ناھي، بس موسمي ڏيڏرن جيان اليڪشن جي موقعي تي وڏيرا ۽ سردار ظاھر ٿي وري 5 سالن تائين سليماني چادر اوڍي غائب ٿي ويندا آهن. اسان جو ڳوٺ محمد صادق ڇڄڻ جيڪو بڊاڻي کان 3 ڪلوميٽر اولھ طرف آھي، انگريز دور جي ھڪ عاليشان پر ھاڻ مڪمل تباھ گودي بنگلو جي ڀرسان آھي، اسان جي ڳوٺ ۾ به زندگي جي ڪا به بنيادي سھولت ناھي، بڊاڻي کان اسان جي ڳوٺ تائين ايندڙ روڊ مشرف دور ۾ ٺھيو ھو پر برساتن، سيلابن ۽ ٻوڏ جي ڪري ڪجھ ئي سالن اندر ختم ٿي ويو ۽ بعد ۾ رپيئر وغيرہ جو ٽينڊر به اخبار ۾ آيو پر شايد صرف ڪاغذن ۾ ٺھيو ۽ پئسا ھڙپ ٿي ويا. تنھن ڪري وقت جي حڪومت کي گذارش آھي ته خدارا صرف وڏيرن، سردارن، ميرن ۽ پيرن جا پيٽ ڀرڻ بدران ڪجھ عام عوام لاءِ به سوچيو ۽ انھن کي گھٽ ۾ گھٽ زندگيءَ جون بنيادي سھولتون ته مھيا ڪيو.

 

عبدالغفار ڇڄڻ/ ڳوٺ ڇڄڻ بڊاڻي، ڪشمور

 

ڀٽو جو شيدائي ڪامريڊ محمد خان انڙ!

 

مون ھن شخص کي ڪلھ به ويڙه ڪندي ڏٺو، اڄ به اهو شخص ويڙھاند ۾ آهي، ھو سياسي ورڪر کان به سماجي ورڪر وڌيڪ آهي، ھن ۾ اھا خوبي آهي ته ھو دلير آهي بزدل ناهي، پوئتي ھٽڻ وارن مان ناهي، ھن جي زندگي جاکوڙ ۾ گذري آهي، ھن سماج ۾ تبديلي لاءِ عملي جدوجهد به ڪئي، ھو نه رڳو ڀٽي جو شيدائي پر هڪ نظرياتي ڪارڪن به آهي. جھرجھنگ ھر پيرن اگھاڙي مظلوم سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺل ڪامريڊ محمد خان انڙ، دوست محمد انڙ جي گھر ۾ جنم ورتو، ڳوٺ دوست محمد انڙ يوسي خليفو قاسم تعلقو ٽنڊوباگو ضلعي بدين سان لاڳاپيل ڪامريڊ محمد خان جو سياسي مرشد ڀٽو هو، ھن جو اھو نعرو ھر واھڻ وستي مشهور آهي ته “ڀٽو کو مين کيون نا مانو، ڀٽو تو ميرا باپ ھي جو لاڙکاني والي بيبي شھيد بينظير کو نھين مانتا، محمد خان اس پر لعنت بھيجتا ھي.” ھي سماج جنهن ۾ مظلومن سان ناحق آهي، اتي ڪامريڊ محمد خان انڙ جھڙن باڪردار ۽ نظرياتي ڪارڪنن جي ھن معاشري کي سخت ضرورت آهي، جيڪي ظالمن سان اکيون اکين ۾ وجھي ڪڙو سچ چون ٿا، ڪامريڊ محمد خان انڙ ھميشه پارٽي سان سچو رھيو، نه رڳو اقتداري دور ۾ پر جنهن وقت پارٽي خلاف آمريت جي ڪارن دورن ۾ ڪات ڪھاڙا کنيا پي ويا ان وقت به اسان کيس پارٽي توڙي مظلوم ماڻهن سان گڏ ڏٺو، ھن ٽارچر به برداشت ڪيا، جيل جون سختون، پوليس جا ڏنڊا کاڌا، ان ڪري جو ھو ڀٽي جو سچو سپاهي آهي، توڙي جو پارٽيءَ کي رت ست ڏيندڙ محمد خان انڙ کي پارٽي سندس بيروزگار پٽ لاءِ نوڪري به نه ڏئي سگھي آهي پر ھن ماڻهو ان جي پرواھ نه ڪندي شھيدن سان ڪيل وچن اڄ ب پاريو آهي. ڪامريڊ محمد خان انڙ جھڙا ڪردار اسان لاءِ فخر آهن، اھي ماڻهو سماج ۾ جس لھڻن جيڪي ٻين جا ڏک سر تي کڻي پنهنجا درد لڪائي مسڪرائن ٿا. پ پ قيادت کي گذارش آهي ته ھن فقير منش ڀٽي جي عاشق ۽ نظرياتي ڪارڪنن محمد خان انڙ جي سار لھندي سندس پٽ کي سرڪاري نوڪري ڏني وڃي ۽ اھڙن پارٽي جي سرماين ماڻهن جي پرگھور لڌي وڃي، جيڪي ڪڏهن به وڪيا آهن نه ھنن وفاداريون تبديل ڪيون آھن.

 

گلزار احمد درس/ٽنڊو باگو

 

سنڌ صوبي سان زيادتيون!‎‎

 

سنڌ صوبي سان زيادتيون بند ٿين گهرجن، سنڌ صوبي مان پيٽرول، گئس ۽ معدنيات ۾ ڪوئلو نڪري رهيو آهي، سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي جنهن هوندي به ڌرتيءَ جا اصل وارث بکو ڪاٽڻ تي مجبور آهن، سنڌ جا نوجوان غربت ۽ بيروزگاريءَ سبب آپگھات ڪري رهيا آهن، سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڪا به بنيادي سهولت موجود ناهي، سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ انساني زندگيءَ جي هر بنيادي سهولت کان محروم آهن، افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ جا چونڊيل نمائندا سنڌ سان سچا ناهن، سنڌ ۾ هن وقت پاڻي جي سخت کوٽ آهي، اهڙن مسئلن تي وفاقي حڪومت ۾ ويٺل سنڌ جا چونڊيل نمائندا ڇو خاموش آهن، سنڌ صوبي سان هر حڪومت زيادتيون ڪيون آهن، آئون سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، وس وارين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿو ڪريان ته سنڌ جي موجوده مسئلن جو نوٽيس وٺي سنڌ صوبي جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

هڪڙي چٽي ايم پي اي خان محمد ڏاهري جي نانءُ!

 

مانوارا سائين! ملڪ جي ڪنهن به خطي جي ترقيءَ کي جاچڻ لاءِ سڀ کان پهريان اتان جي چونڊيل نمائندي جي ترقياتي منصوبن کي ڏسڻ کان پوءِ ئي پتو پئي پوندو آهي ته هتان جو چونڊيل نمائندو ايماندار آهي يا ڪرپٽ، ان لاءِ هتان جي نمائندن جي ڪارگردگيءَ جو جائزو ۽ اندازو لڳائڻ جي لاءِ تڪ جي ننڍي وڏي شهر، وسندي واهڻ ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن جهر جهنگ ۽ گهٽي گهٽيءَ ۾ بهترين روڊ رستا، شاهراهه تعمير ڪرڻ، پاڻِي، بجلي، امن روزگار، صحت ۽ بهترين تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ مان ئي بهتر راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي. ڇا توهان اهڙي ڪاڪردگيءَ تي پورا لهو ٿا؟ خير، مانوارا سائين! تعليم ۽ صحت کي جيڪڏهن هڪ پاسي رکي جيڪڏهن روڊ رستن جي ڳالھ ڪيون ته ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ دولتپور جا روڊ رستا خاص ڪري لنڪ روڊ جيڪي هزارين آبادين کي ڳنڍين ٿا انتهائي زبون حالي جو شڪار آهن، جنهن ڪري هتان جو عوام آزار ۾ آهي. مانوارا سائين! حڪومت ڇوٿون ڀيرو ٻيهر 2021ع ۾ هن روڊ جي نئين سر تعمير ڪرائڻ لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا پر گذريل سال کان هن روڊ جو تعميراتي ڪم رولڙي جو شڪار آهي، نتيجي ۾ هن روڊ تي روزانو هلندڙ سوارين کي عذاب کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، مصيبتن کي منهن ڏيندڙ هتان جي عوام دانهن ۽ فرياد ڪري ته ڪنهن وٽ ڪري؟ مانوارا سائين! ننڍي الڪيشن مٿان آهي، هاڻ ٻڌڻ ۾ اهو پيو اچي ته ٺيڪيدار ۽ واسطيدار انجنيئر ناقص مٽيريل استعمال ڪري جيئن تيئن روڊ جي مرمت ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ايئن ئي آهي ته اها عوام سان وڏي زيادتي ٿيندي. سائين! 50 سال کان وٺي يوسي کڙ اوهان جو ڳڙھ رهيو آهي. هتان جي عوام هر ڀيري اوهان ۽ اوهان جي خاندان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائي اسيمبلي ۾ موڪليندي رهيو آهي ته سندن مسئلا فقط اوهان ئي حل ڪندا، اوهان ڪيتريون ئي پارٽيون تبديل ڪيون پر جي نه بدلي ته هتان جي عوام جي قسمت نه بدلي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اوهان عوامي نمائندن کي عوام جي بنيادي مسئلن تڪليفن، درد ڪٿائن ۽ مصيبتن جو ڪو فڪر ئي ناهي ۽ نه ئي کين سندن حال پڇڻ وارو بڻجي دردن ۽ زخمن تي مرهم پٽي رکو ٿا. مان اوهان کي هن چٽي وسيلي نماڻي گذارش ڪندس ته کڙ روڊ جي سست رفتاري ۽ ناقص تعميراتي ڪم جو نوٽس وٺي هتان جي عوام ۽ پنهنجي ووٽرن کي وڏي تڪليف مصيبتن ۽ تڪليفن کان تُرت نجات ڏياريو. والسلام.

 

ايازهاشم ڀٽو/ ۽ يوسي جو باشعور نوجوان

قيد خاني جي ڪٿا!

شاعري ڇا آهي؟

 

شاعري اڻ کٽ هيرن جواهرن جو سمنڊ آهي، شاعري احساسن جو جذبو آهي، شاعري امن، مساوات جو پيغام آهي، شاعري ادب آهي، انداز ۽ آواز آهي، شاعري عبادت آهي پوڄا آهي ۽ بندگي آهي پرين جي. شاعري حسرت آهي، عشق جي باهه آهي، شاعري جنت ۽ دوزخ جي چو واٽي جي پل آهي، شاعري ڏکن جو گھوارو آهي، سکن جي سيج ۽ خواب آهي، شاعري حسن جو سينگار آهي ۽ سيرت جي سونهن آهي، شاعري محبت جو افسانو آهي، شاعري دلبر آهي دلاسو آهي، شاعري اندر جي پيڙا آهي، شاعري الحام آهي، شاعري التجا آهي، هو عرض آهي، آرزو آهي، شاعري دعا آهي، دوا، درس آهي، درشن آهي، شاعري سهڻو سخن آهي، عهد آهي، فرياد آهي، شاعري سُر الاهي آهي، پيار آهي انڪار آهي، اقرار آهي، شاعري اندر جو آواز آهي، روح جي غذا آهي، شاعري جهاد آهي، صبر آهي، حق آهي، شاعري ٻئي جهان آهي، شاعري فيض آهي، شاعري لطيف آهي، شاعري اياز آهي، شاعري نوجوان نسل جو آصف آهي، شاعري ديدار آهي، آئون پنهنجي شاعري جا ڪجھه لفظ سمورن سنڌ واسين جي نظر ڪيان ٿو.

پري ڪونه ٿيندس تو کان پل پيارا،

ڀلي ڏين سزائون تنهنجي شهر وارا،

نڪو ڇنبو ناتو، نڪو دل ئي پلبي،

چڱي دل چري ٿي، وطن ويو آ وسري.

 

دلدار علي بخش وساڻ/سينٽرل جيل حيدرآباد

Criminal Appeal 51 of 2018

تاريخ مون کي بيڏوهي قرار ڏيندي!

 

(حصو ٽيون)

اُن مرحوم  رزاق جي عمر 24 کان 25 سال ٻڌائي آهي، بيان ۾ جيتوڻيڪ مرحوم جي ڪارڊ ۾ هُن جي پيدائش 1975ع جي آهي، هُن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڀاءُ رزاق ڇلگريءَ تي ڪراچي ۾ ڪيس ڪيو هو جنهن ۾ آصف ضمانت تي هو، آصف اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيو هو، هاڻ ياد هجي ته اُن وقت آئون رڳو 13 ورهين جو هئس ۽ رزاق ڇلگري 38 سالن جو هو، 13 ڀيرا جيل ۾ رهي آيو هو ۽ 31 ڪيسن ۾ مفرور هو، ان لاءِ ئي رزاق ڇلگري مان رضا خان ٿي ڪراچي شفٽ ٿي ويو هو ۽ آئون اُن کي ڌمڪائي رهيو هئس؟ شير خان ڇلگريءَ وڌيڪ چوي ٿو ته هڪ ڏينهن منهنجو ڀاءُ رزاق ڪراچيءَ مان حيدرآباد پنهنجي زال سان گڏ گھمڻ آيو، اسان پنهنجي ڀيڻ جي سس ماميءَ جي گھر ۾ پوري فيمليءَ سان گڏ ويٺا چانهه پي رهيا هئاسين ته ملزم آصف پنهنجي والد جي بندوق سان گڏ داخل ٿيو. About 2:40 P.M I along with named brother and nephew murtaza was sitting in a room of the house. where accused Asif duly armed with repeter which has licensed one o his father توهان غور سان پڙهو ته اتي License سان گڏ منهنجي والد جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته جيئن ان کي ڦاسايو وڃي ۽ ان کان وڌيڪ پئسا اوڳاڙيا وڃن. وڌيڪ چوي ٿو ته: Came and made fire and my brother received a fire on his head, when he got up, then my brother fall down on the ground and his brain mater came out. Then we Raised Cries and Accused ran awaly. جڏهن ته فرحاد علي ابڙو صاحب (منهنجو وڪيل) ان کان سوال ڪيو ته آصف ڪٿان کان فائر ڪيو؟ ته هو چوڻ لڳو ته آصف ڪمري ۾ دا خل نه ٿيو پر هُن ڪمري جي ٻاهران دريءَ مان فائر ڪيو. ماما شير خان ڇلگري صاحب جي ان ڳالهه (بيان) تي عدالت جي ڪمري ۾ جج صاحب ۽ سمورن وڪيل حضرات کلڻ لڳا ڇو جو بندوق ۾ ڪارتوس پوندو آهي ۽ ڪارتوس جا ڇرا وکري ويندا آهن پر هن ڪيس ۾ ڪنهن به ٻئي شخص کي ڇرو نٿو لڳي. منهنجي وڪيل سوال ڪيو ته ٻيو ڪير زخمي ڇو ناهي ٿيو؟ ته مدعي گھٻرائجي چوي ٿو ته: ويجھو اچي آصف رکي ڌڪ هنيو، هو وري چوي ٿو ته آصف ٻاهران فائر ڪيو پر لڳو نه.(جاري)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد