زمين سوڌو هر شيءِ گردش ۾، قطب تارو هڪ جڳهه تي ڇو؟

0
94
زمين سوڌو هر شيءِ گردش ۾، قطب تارو هڪ جڳهه تي ڇو؟

 سوال:- جيڪڏهن زمين سميت ھر شيءِ گردش ۾ آھي ته پوءِ قطب تارو ھڪ ئي جڳھه تي ڇو آھي اھو پنھنجي جڳھه ڇو تبديل نٿو ڪري ….؟

  جواب:- زمين پنھنجي محور تي گھمي رھي آھي ۽ عين اتر قطب تي قطب تارو موجود آھي،  يا اھو سمجھو زمين جي مٿي تي آھي: ان کي سمجھڻ لاءِ ھڪ تجربو ڪيو توھان ھيئن ڪيو مسجد وڃو اتان ٽي ٽوپيون کڻون “پر ھڪ اھا مھرباني ڪجو ٽوپيون چوري نه ڪجو” انھن ٽن ٽوپين مان ھڪ مٿي تي رکو ۽ ٻه ٽوپيون ھڪ، ھڪ ھٿ ۾ رکو ھاڻ ٻئي ٻانھون  کولي سڌيون ڪريو پرن وانگر ھاڻ ڪنھن قلندر جي ملنگ وانگر ڦرڻ شروع ڪيو ڦيريون پائيندا رھو، ھاڻ ڏسندا ته ھٿ واريون ٽوپيون ته پنھنجي جڳھه بدلائي رھيون آھن ان ڪري جو توھان ڦيريون پائي رھيا آهيو پر مٿي واري ٽوپي قطب تاري وانگر جيڪو زمين جي مٿان ھئڻ جي ڪري گھمي ته رھيو آھي يا گردش ۾ ته آھي پر عين اتر قطب جي مٿان ھئڻ ڪري جڳھه تبديل ڪندي نه پيو ڏسجي يا ائين محسوس ٿي رھيو آھي ته اھو پنھنجي ھڪ ئي جڳھه تي آھي…ھاڻ سمجھي ويا ته مھرباني ڪيو ٽوپيون رکي ڇڏيو ٽوپيون پائي ڦيريون ٿا پايو متان ڪو توهان کي چريو سمجھي گدو نه موڪلي ڇڏي… مھرباني (فيس بوڪ وال تان ورتل)