تڪ جي ايم پي اي سيد صالح شاهه ڏانهن چٺي
سڀ پهرين اسلام عليڪم سائين! جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ نئين گاج جي تيز وهڪري سبب تباهي اچي وئي آهي پر سائين اوهان ڪٿي گم آهيو؟ ڪاڇي جي ماڻھن وٽ هن وقت ڪجهه ناهي رهيو آهي. ٻوڏ ۽ تيز برسات سبب ڪاڇي جي ماڻھن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. ڪاڇي جا ماڻهو پريشان آهن. سائين اوهان هن تڪ جا چونڊيل نمائندا آهيون، ههڙي ويل ۾ ڪٿي گم آهيون؟ واهي پانڌي جوهي رستو تباھ ٿي ويو آهي. سائين جن کي ڪا به خبر ناهي. ڪاڇي واسي تڪ جي ايم پي اي سيد صالح شاهه کي عرض ڪن ٿا ته واهي پانڌي روڊ جي مرمت ڪرايو. ڪاڇي جي مسڪين ماڻهن جي مالهي سهائتا ڪئي وڃي. 
سمير احمد بروهي / واهي پانڌي، ڪاڇو

مراد آباد يا مرادياب آباد ڪٿي آهي …؟
جڏهن سنڌ تي عربن جي حڪومت قائم ٿي ته ان بعد سنڌ جي دولت کي ڏسي مختلف قومون سنڌ تي ڪاهي آيون. سنڌ تي مختلف حڪومتون قائم رهيون عرب، عباسي، سومرا، سمان، ارغون ترخان، مغل، ڪلهوڙا ، ٽالپر، انگريز وغيره . سمن جي دور ۾ دودو سومرو مشهور هو . جنهن جي حڪومت نصرپور تائين هوندي هئي، جتي دودي سومري جنگ وڙهي شهادت ماڻي. اهو ماڳ هاڻي سم ڪلر جي ور چڙهي ويو آهي. ارغونن جي دور ۾ دولهه درياءُ خان، مخدوم بلاول ڌرتي خاطر قربان ٿيا. ارغون يا مغلن جي دور ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد مطلب تي ڪروڙين اهڙا پروانا پيدا ٿيا جن پنهنجي ڌرتي امڙ جي حفاظت لاءِ جان قربان ڪري ڇڏي . سندن ڪارناما تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهن. جن تي سنڌي قوم ناز ڪري ٿي .
جڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت آئي ته ان زماني ۾ عظيم شاعر شاهه عبداللطيف پيدا ٿيو . جنهن سنڌي ۾ شاعري ڪري سنڌي ٻولي کي قيامت تائين جيون ڏيئي ڇڏيو جنهن چيو ته جيڪو فارسي پڙهندو اهو گولو غلام ٿيندو. اڄ تائين به ڀٽائي جهڙو شاعر پيدا نه ٿيو آهي. حڪمران نور محمد ڪلهوڙو شاهه لطيف جو مخالف هو، جنهن شاهه لطيف کي مارڻ جي ڪوشش به ڪئي. شاهه لطيف جڏهن ڀٽ وسائي ته هن جي خدمتگار مائي گلان هئي. هڪ دفعي جيئن ئي حڪمران نور محمد ڪلهوڙي جي نظر گلان تي پيئي ته پاڻ اندر ۾ گلان کي وسائي ڇڏيو ۽ گلان سان نڪاح ڪيو. مائي گلان سنڌ جي راڻي بڻجي ويئي . مائي گلان جو مقبرو ڪٿي آهي، اها ڳالهه تحقيق طلب آهي پر مائي گلان کي غلام شاهه ڪلهوڙو پٽ مليو، جيڪو سنڌ جو حڪمران ٿيو، سندس پهرين گادي نصرپور ۾ هئي، پوءِ شاهپور درپور شهر ٻڌائي اتي گادي ڪئي. ان بعد خداآباد جنهن بعد حيدرآباد. حيدر آباد جو پراڻو نالو نيرون ڪوٽ هو . غلام شاهه ڪلهوڙي هن جو نالو حيدرآباد رکيو. سندس مقبرو به اتي آهي. غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڀاءُ مرادياب ڪلهوڙي پنهنجو شهر ٻڌائي ان جو نالو مرادياب آباد يا مراد آباد رکيو . جيڪو نصرپور ۽ شاهپور جي وچ ۾ هو پر هن وقت هن جو نالو نشان نٿو ملي ته اهو شهر نصرپور ۽ شاهپور جي وچ ۾ ڪٿي آهي.
رهاڻ هيرن کاڻ ۾ آهي ته باگي خان جتوئي هڪ مسجد تعمير ڪرائي هئي جيڪا مرادياب آباد ۾ هئي. جيڪڏهن اها مسجد مرادياب ۾ هئي ته باگي خان جتوئي جي نالي سان ڳوٺ باگو خان جتوئي نصرپور کان ڏکڻ اولهه طرف ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، جنهن جي ڀر ۾ ٻيا ڳوٺ به آهن. جيڪڏهن مرادياب آباد اتي آهي ته اهو به نصرپور شاهپور جو وچ آهي. ان ڳوٺ جي اولهه طرف شاهپور آهي اتر اوڀرطرف نصرپور. هي هڪ قديم ڳوٺ آهي جيڪڏهن اهو ڳوٺ اتي هو ته ان جا ڪي نشان ته هجن ها ته اهو شهر هتي هو پر اتي ڪوبه نشان نه آهي.
سنڌ جي تاريخ تي جيڪي ڪتاب لکيل آهن يا ڪلهوڙن جي دور بابت آهن، انهن ۾ به مرادياب ڪلهوڙي جو ذڪر اچي ٿو. ان جي ٻڌايل شهر جو به ذڪر آهي پر اهو شهر نٿو ملي! ڇا اهو شهر زمين دوز ٿي ويو هو؟ ڇاڪاڻ ته قدرتي آفتون اينديون رهيون آهن، ڪڏهن زلزلن جي صورت ۾ ته ڪڏهن ٻوڏ جي صورت ۾، ڪڏهن وبائي بيمارين جي صورت ۾. جيئن ته مرادياب آباد هڪ تاريخي شهر آهي، جيڪو هڪ حڪمران جو تعمير ڪرايل آهي جنهن ڪري ان بابت تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي ان بابت تحقيق ڪري معلومات هٿ ڪري نوجوان نسل کي آگاهه ڪرڻو آهي جيئن انهن کي هن تاريخي شهر جي خبر پئجي سگھي ته هن شهر جا ماڻهو ڪيئن زندگي گذاريندا هئا، هتي ڪير رهندا هئا ۽ هتي جا ڪهڙا هنر مشهور هئا ؟ ان ڪري محققن کي نماڻي نينڍ آهي ته هن شهر بابت تحقيق ڪن هي شهر ڪٿي آهي ان بابت ڳولا ڪن . ثقافت کاتي کي به عرض آهي ته هن شهر بابت کوجنا ڪن ته مرادياب آباد ڪٿي هو .
خادم گھراڻو / نصرپور

لاڙڪاڻي جي سڀ کان وڏي يوسي سيهڙ جي سار لهو…!!‎‎
يوسي سيهڙ 26 هزار آبادي سان لاڙڪاڻي جي سڀ کان وٺي يوسي آھي، جتي ستر واري ڏهاڪي کان مسلسل پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آھي. جيڪڏهن تڪ جي ايم پي جي ڳالھه ڪجي ته اهي به هڪ خاندان مان موروثي سياست تحت سلسلي وار هلندا پيا اچن. جيڪڏهن انهن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن ٻئي کي سياست ڪرڻ جي اجازت به آھي ته اهو به هڪ سياسي وڏيرڪو گروپ آھي. ڪنهن عوام دوست کي هت ڪائونسلر بيهڻ جي اجازت به ناهي! پوليس ۽ ٻيا قانوني تان جو ٻيا سرڪاري ادارا به هنن جي هٿ وس آھن جن سان هو ڪنهن کي به ڌمڪائي يا خريد ڪري سگهن ٿا. بهرحال اها ڳالھه سنڌ ۾ ڪا نئين ناهي، پر پوءِ به يوسي سيهڙ کي هنن رياست اندر رياست بڻائي رکيو آھي، جتي نه ٻڌو نه ڏسو نه ڳالهايو. غريب سياسي سماجي نوجوانن کي ڏيهاڙي تي خريد ڪري پارٽي جا ڪم ڪرايا ٿا وڃن ۽ جيڪي وڪامجن نٿا انهن کي ڌمڪايو ٿو وڃي. هر مهيني ايندڙ پنج لک رپين جي بجيٽ جيڪا بنيادي مسئلن تي خرچ ڪرڻي آھي، ان جي خبر ئي نٿي پوي ته ڪيڏانهن ٿي وڃي! ايڏي وڏي آبادي تي مشتمل يوسي ۾ نه گئس نه ڍنگ جي بجلي نه وري روڊ رستا ۽ نيڪال سسٽم موجود آھي. ٻيو ته ٺهيو پر هتي نه نياڻين لاءِ ڪو خاص اسڪول آهي نه انهن لاءِ ڪو هنري اسڪول آهي، نه ئي نوجوانن لاءِ ڪو ڪتب خانو. نوجوانن لاءِ راندين جا ميدان پڻ نه آهن جنهن سبب ڪيترائي نوجوان نشي ۽ سماجي براين جي ور چڙهي زندگيون تباھ ڪري ٿا ڇڏين. ڇوڪرين کي سهولتون نه هجڻ سبب اهي گهرن تائين محدود ٿي وڃن ٿيون. حالتون اهڙيون آھن جو خط لکڻ وقت به قلم ڏڪي ٿو. مهرباني ڪري اسان جا ٻانھن ٻيلي ٿيو ۽ اسان کي جديد سنڌ سان گڏ هلڻ ڏيو ۽ سنڌ کي دنيا سان گڏ.
امجد سرگاڻي/سيهڙ اسٽيشن

قاسم آباد ۽ لطيف آباد کي برساتي ٻوڏ مان خطرو ‎‎
حيدرآباد جي ٻن تعلقن قاسم آباد ۽ لطيف آباد کي امڪاني برساتي ٻوڏ مان خطرو ٿي سگهي ٿو . هڪ سبب  اتي جا گٽر نالا آهن جيڪي مڪمل نه آهن ۽ انهن جو مناسب نيڪال ناهي. ٻيو سبب قدرتي  واھ   واڌو  واھ ۽ ڦسادي واھ  تي قبضا ۽ گند ڪچرو آهي ٻئي واهه ڪچري سان ڀريا پيا آهن، جيڪي پاڻي جي نيڪال جو ٻيو ذريعو آهن. اهڙي حالت ۾ ضلعي انتظاميا ڪي به جوڳا اپاءُ وٺي نه سگهي آهي. هي ٻئي تعلقا اڳ ئي گٽر جي پاڻي جي عدم نيڪالي سبب هر وقت گندي پاڻي ۾ ٻڏا پيا  آهن، ٻنهي شهرن جو ڊرينيج تباھ لڳو پيو آهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته  وڏي برسات ۾ هي علائقا ٻوڏ کان ڪئين بچي سگهندا؟\ضلعي انتظاميا وٽ ان سوال جو ڪو به تسلي بخش جواب نه ٿو ڏسجي! انتظاميا اگهور ننڊ ۾ پئي آهي اڃان تائين ڪنهن به هنگامي قدمن کڻڻ يا  گهربل  نالن جو ڪم ڪرڻ يا واهن جي صفائي ڪرڻ جو ڪم  ڏسڻ ۾ نه پيو اچي! رڳو ڪمشنر صاحب اجلاس ڪرڻ ۾ پورو آهي. عملي ڪم نه ٿو ڏسجي. ان ڪري  انهن ٻنهي تعلقن جي ٻڏڻ جو خطرو موجود آهي.اهڙي حالت ۾ امير ماڻهو ته شهر ڇڏي ڀڄي وڃي ٻئي هنڌ منتقل ٿي ويندا پر مسڪين عوام متاثر ٿيندو!  جنهن کي سرڪاري امداد ملڻ جو به ڪو آسرو ناهي. انهن کي وڏي مشڪل کي منهن ڏيڻو پوندو. سرڪار کي گهرجي ته عملي طور هن امڪاني برساتي خطري کان بچڻ لاءِ گهربل جوڳا اپاءَ وٺي  ۽ شهرين کي ٻوڏ کان بچايو وڃي .
شبير کوکر/ حيدرآباد

ايس اي ايف کي ڏنل فنڊن جي آڊٽ ڪرائي وڃي !
سنڌ جنهن کي ڪرپٽ ۽ بدانتظامي جي ورچاڙهيو ويو آهي جنهن لاءِ مختلف نظريو ۽ راءِ رکي وڃي ٿي. گذريل 13 سالن کان سنڌ تي پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي. ظاهري طور سنڌ ۾ بدحالي ڪرپشن عروج تي آهي، جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جاريماڪس آهن ته سنڌ ۾ ته حڪومت نالي ڪاشي نظرئي نه پئي اچي! گذريل 13 سالن دوران سنڌ تي 4 کرب رپيه خرچ ڪيا وڃن ها ته سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ اسپتال ٺهيل هجي ها. ساڳيو ئي حشر سنڌ جي تعليم سان به آهي، جتي سنڌ جي پٺ تي پيل تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي نالي سان پروگرام هلي رهيو آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ قائم ڪري رهيو آهي. ان ۾ مختلف تعليمي تجربو رکندڙن کي آپريٽر طور ذميواريون ڏنيون ويون آهن. اٽڪل 23 هزار کان مٿي اسڪول سنڌ ۾ تعليم لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪري رهيا آهن، پر حقيقت اها آهي ته انهن اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن جا پئسا آپريٽرن کي ”ڊي ڊي“ جي صورت ۾ ملن ٿا. پر جيترا پئسا انهن ٻارن جا آپريٽرن کي ملن ٿا، انهن ۾ ڪا به سهولت ۽ تعليم جو معيار انهن پئسن جي ملهه جيترو نه آهي. آپريٽرن طرفان مقرر ڪيل استادن جو تعليم معيار ڇا آهي؟ انهن استادن کي انهن خدمتن عيوض ڪهڙي پگهار ملي رهي آهي، انهن پئسن جو خرچ ڪٿي ٿي رهيو آهي. اسڪولن ۾ سهولتون جو معيار بهتر آهي. انهن سڀني شين جو جائزو ورتو وڃي. ”ميڊم انيتا غلام علي“ بهترين شخصيتن ” ايس اي ايف“ يا سنڌ جي تعليم لاءِ جيڪي قدم کنيا، اهي خواب اڄ ساڀيان ٿيندي نظر نه ٿا اچن. ايس اي ايف جا فنڊ غلط طريقي سان خرچ ڪيا وڃن ٿا. هڪ آپريٽرن کي 1 کان وڌيڪ اسڪول نه ملڻ کپن. تعليم کي تعليم سمجهيو وڃي. ان کي روزگار جو ذريعو نه بڻايو وڃي. ايس اِ ايف اسڪول ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي ماهوار پگهار 8000/- رپيا مس ڏنو وڃي ٿو! ۽ انهن استادن کان خالي چيڪ تي”صحيح“ ڪرائي وڃي ٿي. ان ۾ امائونٽ آپريٽر پنهنجي طرفان ۽ پنهنجي مرضي سان لکن ٿا. سوال اهو آهي ته آخر ان فائونڊيشن مان سنڌ جي عوام کي ڪهڙو تعليمي لاڀ ملي ٿو؟ اداري ۾ ڪم ڪندڙ ٽيچرس ۽ نان ٽيڪنيڪل استادن کي ڪهڙو رليف ملي ٿو. ڪجهه به نه سيف آپريٽرز ڏينهون ڏينهن امير ٿيندا پيا وڃن. ٻارن جي داخلا اڄ به زيرو آهي. صرف انرولمينٽ تي ڪم پيو هلايو وڃي، جئين في شاگردن جا پئسه ملن. باقي تعليم ڏيارائڻ ان جي ذميواري نه آهي. خدارا سنڌ سان سچا ٿيو. سنڌ جي تعليم بابت سوچيو فنڊ جي فوري آڊٽ ڪرائي وڃي ۽ سنڌ جي تعليم ۽ ايس اي ايف کي ڪرپشن ۽ ڪاري رڍن کان پاڪ ڪيو وڃي. ته جئين سنڌ تعليم يافته بڻجي سگهي.
اسين ئي قوم جا ٿا استاد بڻجون
اسين ئي قوم جا اڳواڻ بڻجون
پر تعليم لاء سنڌ اڄ به سڪي ٿي
پنهنجي حقن لاء پاڻ پٽي ٿي
هوش ڪر اي حڪمران اڄ جا
سنڌ توکي سڃاڻي ٿي. توکي سڃاڻي ٿي.
ليکڪ : فقير شوق علي سومرو/ شھدادڪوٽ

سيد غلام علي شاه جي خون سان انصاف ڪيو وڃي!
28 فيبروري 2021ع تي ٻيلو شهر مان سرعام وٺي رستي تي قتل ٿيندڙ 31 سالن جو شادي شده ۽ ٻن معصوم ٻارڙن جو پيءُ سيد غلام علي شاهه پٽ سيد نياز احمد شاه جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. ٽن جوابدارن آچار ڪڙولائي، يار محمد ڪڙولائي ۽ عبدالله عرف پوپٽ ڪڙولائي ملاح نوجوان کي ٻيلي شهر جي بازار مان وٺي قتل ڪري ڇڏيو هو، پر افسوس جو سجاول ۽ ٻيلو پوليس پاران قاتلن کان ڳري رشتي ورتي وئي ۽ ڪجهه بااثر ماڻهن پاران ڪيس خراب ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي هئي، اهو ئي سبب آهي جو پوسٽ مارٽم واري رپورٽ پڻ اڃان تائين ظاهر ناهي ڪئي وئي. پوليس پاران رپورٽ وٺي ڏيڻ جا پئسا طلب ڪيا پيا وڃن. پوليس ٻن مک جوابدارن کي ڪيس مان آزاد ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪري رهي آهي. اسان ايس ايس پي سجاول، ڊي آءِ جي حيدرآباد، آءِ جي سنڌ، ڪورٽ سڳوري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان انصاف جو مطالبو ٿا ڪريون ته سيد غلام علي شاهه پٽ سيد نياز احمد شاهه جي ٽن قاتلن کي ڦاسي جي سزا ڏياري وڃي ۽ سندس ميڊيڪل رپورٽ به شفاف طريقي سان ظاهر ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اسين ايس ايس پي سجاول جي آفيس آڏو سخت احتجاج ڪنداسين.
سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول

ڪورونا وائرس سان گڏ ئي رهڻو پوندو
ڪورونا وائرس جي چوٿين لھر پکڙجڻ کانپوءِ سنڌحڪومت طرفان  ڪاروباري سرگرميون  محدود ڪرڻ ۽  تعليمي ادارا وري بند ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن. مڃون ٿا ته ڪورونا وري وڌي رھيو آھي پر انھي وائرس کي آئي ڏيڍ سال گذري چڪو آھي. ڪاروباري ماڻھن محنت ڪشن ۽ تعليم جو گھڻو نقصان پھرين به ٿي چڪو آھي، وري تعليمي ادارا بند ڪرڻ سان تعليم ۽ ڪاروبار بند ڪرڻ سان غريب ماڻھن جو  جيڪو معاشي قتل ٿيندو، سنڌ حڪومت انھن کي اھو ڀري ڪونه ڏيندي. تنھن ڪري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جو ھدايتون ڏيئي ڪاروبار ۽ تعليم کي  جاري رکيو وڃي. ڇو ته اسان کي وائرس سان گڏ  ئي ڪم ڪرڻو پوندو.
مجاھد لغاري / مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

ڪشمير جو مسئلو حل ٿيندو به يا نه !‎‎
ڪشمير جو مسئلو ٻن ملڪن جي وچم ڇڪتاڻ رھي آھي پاڪستان ء انڊيا جي آزادي دوران ريڊڪلف اھڙي طرح ورھاست ڪرائي جو ڪشمير جي رياست کي نه ورھايو. اھو ڪشمير مسئلو 73 ورھين گذرڻ بعد به حل ٿي نه سگھيو آهي. ٻئي ملڪ ان مسئلي تي سياست ڪري رھيا آھن جيڪو به پاڪستان جو وزيراعظم چوندو رھيو آھي بس ھاڻي جلد ٿا ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪيون. مٿان وري ڀارت به پنھنجي ھوڏ ۽ ڪشميرين مٿان ظلم کان نه ٿو مڙي . نه وري پنھنجون فوجي ڪيمپون واپس ٿو ڪري . ان وقت بائونڊري ورھاست جي ڪميشن جو چئيرمين ڪريل ريڊڪلف خاص ڪري پنجاب ء بنگال جو . اھڙي ورھاست ڪرڻ تي ان وقت ريڊ ڪلف ايوارڊ سان نوازيو ويو . فيروزپور ،گرداسپور رياستون پاڪستان جي حصي م اچن پيون . پر اھي ڀارت کي ڏنيون ويون . ان وقت ھندو راج ھو ۽ مھاراجا گلاب ھري سنگ ڪشمير جو ٽڪرو 750000 لک ۾ خريد ڪيو ھو . پر ڪشميرين جي مرضي آھي ته اسان پاڪستان جو حصو ٿئون .ڪافي دفعا مختلف وقتن تي پاڪستان حڪومت اقوام متحدان ۾به ڪشمير جو مسئلو اٿارو آھي. 1948ع ۾ان وقت به لارڊ مائوبيٽن ۽ انڊيا جو وزيراعظم نھرو ريفرنڊم جي لاءِ راضي ٿيو پر ريفرنڊم نه ٿي سگھيو ۽ اڄ ڏينھن تائين مسئلو ٻنھي ملڪن جي وچ تي لٽڪيل آهي.. ڪشمير جو مسئلو تڏھن ئي حل ڪيو وڃي ھا جڏھن 462 رياستن کي انگريز ۽ ھندن گڏجي پنھنجي مرضيءَ سان ورھايو ھو . ھي مسئلو ڀارت ء پاڪستان جي وچ ۾ جھيڙي جي پاڙ آھي، جيڪا باھ رکي رکي ڀڙڪندي رھي ٿي . اھو ڏينھن الائي ڪڏھن ايندو جو ھن ڪشمير جي ڳنڀير مسئلي کي حل ڪيو ويندو ء ڪشميرين جو آزادي جو خواب سانڀان ٿيندو .
شفيق حسين وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ