اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان صحافين کي نوٽيس جاري ڪرڻ تي ايف آءِ اي مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار

0
263
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ثاقب نثار جي پٽ خلاف ڪارروائيءَ کان روڪي ڇڏيو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ثاقب نثار جي پٽ خلاف ڪارروائيءَ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان صحافين کي نوٽيس جاري ڪرڻ تي ايف آءِ اي مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو ته ايف آءِ اي سليڪٽو ڪارروائي ڪري رهي آهي ۽ ڪجهه صحافين کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، ايف آءِ اي صحافي کي نوٽيس ۾ خبر جو ذريعو پڇيو، ڇا ڪنهن مهذب معاشري ۾ ائين ٿيندو آهي؟، الزام آهن ته ايف آءِ اي رڳو حڪومتي ماڻهن جي شڪايت تي ڪاررواين ۾ رڌل آهي، ايف آءِ اي پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪنور شوزب جي درخواست تي هڪ صحافي کي نوٽيس جاري ڪيو هو.