پنجشير ۾ ويڙه جو خطرو ٽري ويو، احمد مسعود پاران طالبان جي حمايت

0
363
احمد مسعود پاران طالبان جي حمايت
پنجشير ۾ ويڙه جو خطرو ٽري ويو، احمد مسعود پاران طالبان جي حمايت

ڪابل: افغانستان جي پنجشير صوبي ۾ جنگ جو خطرو ٽري ويو  ۽ اڳوڻي جهادي ڪمانڊر احمد شاهه مسعود جي پٽ احمد مسعود ، طالبان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

طالبان پاران ڪابل جو ڪنٽرول سنڀالڻ بعد افعانستان جي نائب صدر امر الله صالح سميت ڪيترائي مخالف پنجشير وادي ۾ پهچي ويا هئا. پنجشير صوبي ۾ ، جيڪو ھن وقت تائين ناقابل تسخير سمجھيو ويندو ھو ، اتي طالبان جي خلاف سخت مزاحمت جو خطرو موجود ھو. راحمد شاهه نه رڳو ويڙهه جي تياري شروع ڪري ڇڏي هئي پر امريڪا کان مدد پڻ طلب ڪئي هئي.

بهرحال ، تازين رپورٽن مطابق ، احمد مسعود ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن ۽ هن طالبان جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.