ارسا چيئرمين پاران پاڻي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي اعتماد ۾ نه وٺڻ جو انڪشاف

0
280
پاڻي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي
ارسا چيئرمين پاران پاڻي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي اعتماد ۾ نه وٺڻ جو انڪشاف!

حيدرآباد: ارسا چيئرمين پاران پاڻي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي اعتماد ۾ نه وٺڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي.پاڻي بابت اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين پاران استحقاق جي رٿ آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،

ان ڏس ۾ ڪميٽي جي چيئرمين يوسف ٽالپر چيو ته ارسا چيئرمين خلاف قومي اسيمبلي ۾ احتجاج به ڪيو ويندو، ارسا چيئرمين پاڻي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي نظرانداز ڪري ٿو، هن چيو ته تربيلا ۽ چشما ۾ پاڻي معاملي تي لکيل خط بابت ڪاميٽي کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، 65 سالن کان مٿي جي عمر جو ماڻهو ارسا ميمبر نٿو ٿي سگهي،

رائو ارشاد جي عمر 74 سال ٿي وئي آهي ۽ هن پاڻي ورڇ بابت غلط فيصلا ڪيا. هن مطالبو ڪيو ته حڪومت صوبن لاءِ قابل قبول چيئرمين مقرر ڪري.