اسلام آباد: وزيراعظم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ٽن شهرن ۾ “ڪوئي بکيو نه سمهي” پروگرام تحت هر ٽرڪ مخصوص ٿيل هنڌ تي روزانو 1500 کان 2000 ماڻهن ۾ ماني ورڇ ڪندي، ماني جي تياري ۽ فراهمي ڪچن ٽرڪ ذريعي ٿيندي، 10 مارچ 2021ع تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ شروع ڪيل ان پروگرام تحت 37827 ڄڻن ۾ هن وقت تائين ماني ورڇ ٿي چڪي آهي، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان سان سيلاني ٽرسٽ جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، وفد ۾ بشير فاروق، افضل چمڊيا، منظر عالم، فرخ امين، عرفان واحد، سلمان اقبال، امتياز حسين ۽ يوسف لاکاڻي موجود هو.