اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت قانون جِي بالادستي لاءِ تاريخي جنگ وڙهي رهي آهي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، پاڪستان قرضي آهي، عوام جي ترقي تي خرچ لاءِ گهٽ رقم بچي ٿي. وزيراعظم عمران خان راولپنڊي ۽ اسلام آباد کان پوءِ پشاور، فيصل آباد ۽ لاهور شهرن ۾ “ڪوئي بک تي نه سمهي” پروگرام جي شروعات ڪري ڇڏي، وڊيو لنڪ ذريعي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پشاور، لاهور ۽ فيصل آباد ۾ ڪچن ٽرڪ ذريعي انهن علائقن ۾ کاڌو فراهم ڪيو ويندو، جن علائقن ۾ غريب ماڻهو آهن، پوري پاڪستان ۾ ڪچن ٽرڪ پروگرام جو ڄار وڇائينداسين، ان پروگرام جو فلسفو اهو آهي ته اسان جي وڏن وزيرن ۽ وزيرن کي اهو احساس هجي ته سڀ کان وڏي ذميواري اسان لاءِ غريب طبقو آهي، هن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو، جنهن جو نعرو پاڪستان جو مطلب ڇا لا الٰه الا الله هو، پاڪستان جنهن مقصد تحت وجود ۾ آيو اسان ان رستي تي هلي نه سگهياسين، اڄ اسان مٿان وڌيڪ قرض آهن ۽ عوام مٿان پيسو خرچ ڪرڻ لاءِ وسيلا محدود آهن، هن چيو ته غريب ماڻهن جو خيال رکڻ وارو رستو قانون جي بالادستي ۽ انسانيت جي خدمت جو رستو آهي، جڏهن رياست معاشري جي غريب ماڻهن کي فائدو پهچائيندي ته الله تعاليٰ جي برڪت ايندي، پاڪستان پيرن تي بيهندو، وزيراعظم سيلاني ٽرسٽ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته توهان وڏا خوش قسمت آهيو جو ماڻهن کي ماني کارائڻ وارو ڪم ڪري رهيا آهيو، هن چيو ته دنيا ۾ پاڪستان انهن چند ملڪن مان اهي جيڪي سڀ کان وڌيڪ خيرات ڏين ٿا، هن ٻڌايو ته جڏهن شوڪت خانم اسپتال ٺاهي رهيو هئس ته ماڻهن چيو ته اها نه هلي سگهندي، هاڻي پشاور ۽ ڪراچي ۾ به اسپتال ٺهي رهي آهي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته پناهه گاهون به ٺاهي رهيا آهيون، جيڪي انهن شهرن ۾ وڌيڪ ٺاهيون وينديون جتي مزدوري لاءِ ماڻهو اچن ٿا هن چيو ته جن ٻن صوبن ۾ اسان جي حڪومت آهي انهن ٻن صوبن ۽ اسلام آباد ۾ پهريون ڀيرو سمورن شهرين کي هيلٿ انشورنس جي سهولت ڏئي رهيا آهيون، اسان کان امير ترين ملڪن ۾ به اهڙي سهولت ناهي، ان کان اڳ وزيراعظم جي سماجي تحفظ بابت خصوصي معاون سينيٽر ثانيه نشتر چيو ته پشاور، لاهور، فيصل آباد ۾ کاڌي جا ٽرڪ رمضان کان اڳ کاڌو پهچائڻ جو ڪم شروع ڪندا، اهو ڪم اسان نجي شعبي جي سهڪار سان ڪري رهيا آهيون اڄ سومر ڏينهن ان مقصد لاءِ چندو جمع ڪرائڻ لاءِ اڪائونٽ نمبر جاري ڪيو ويندو، چندو ڏيندڙ شهري کي رقم خرچ ڪرڻ بابت تفصيل فراهم ٿيندا، تقريب دوران وڊيو لنڪ ذريعي لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير، پشاور ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير “ڪو به بکيو نه سمهي” پروگرام جو افتتاح ڪيو، جڏهن ته وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي اسلام آباد مان ان تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. هوڏانهن وزيراعظم سان جامعه رحيميه ڪراچي جي مفتي رحيم ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ، رفيع الدين، زبير موتي، ڪرنل (ر) عبدالغني ۽ خليل الرحمان به موجود هئا، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت قانون جي بالادستي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ڪمزور ۽ طاقتور لاءِ هڪ جهڙو قانون ۽ آفيسن ۾ سزا ۽ جزا ذريعي ئي نظام ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ته ڪرپٽ عنصرن جي سهولتڪاري واري نظام کي درست ڪري قانون جي گرفت کي مضبوط ڪيو وڃي.