ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ڪراچي ۾ سنڌين ۽ بهارين جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاهيو، فيصلو وزيراعظم ڪندو، ڪالهه ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس دوران پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو ته ڪراچي ۾ سنڌين ۽ بهارين جي سڃاڻپ ڪارڊ جو مسئلو آهي پر اهو مسئلو مون کان مٿين سطح جو آهي، آئون ڪجهه نٿو ڪري سگھان. هن چيو ته سنڌين ۽ بهارين جي سڃاڻپ ڪارڊن بابت 2 راءِ آهن، هڪ راءِ اها آهي ته سنڌين ۽ بهارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا وڃن، ٻي راءِ آهي ته سنڌين ۽ بهارين کي سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاهي ڏنا وڃن، ميٽنگ ۾ بحث ٿي رهيو آهي، وزيراعظم ان تي وڌيڪ فيصلو ڪندو. وفاقي گھرو وزير وڌيڪ چيو ته ڊسڪا ۾ جمهوريت کٽي وئي، عمران خان جو بيانيو زنده آهي، ان ڪري پي ٽي آءِ اميدوار کي اڳي کان وڌيڪ ووٽ مليا آهن. هن چيو ته ڊسڪا اليڪشن جي نتيجن مان اهو ثابت ٿيو ته پنجاب ۾ ايندڙ اليڪشن نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ٿيندي، خبر ناهي ته فضل الرحمان کي خيرات ۾ ڪيتريون سيٽون ملن. هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ مڙهيل قانون واپس نه وٺندو ته ساڻس واپار سميت ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون. هن چيو ته ايف آءِ اي ۾ ڊگھي عرصي تائين مقرر آفيسرن کي بدلي ڪيو ويندو، شهزاد اڪبر جو ميڊيا ٽرائيل ٿي رهيو آهي، جهانگير ترين سميت ڪو به اڳواڻ پي ٽي آءِ نٿو ڇڏي. هن چيو ته مهانگائي تي ضابطو آندو ويندو. هوڏانهن شيخ رشيد جي بيان تي سنڌ جون سڄاڻ ڌريون سراپا احتجاج بڻجي ويون، سنڌ جي صحافين، اديبن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن سوڌو مختلف شعبن جي ماڻهن سوشل ميڊيا تي سخت رد عمل ڏنو، وفاقي گھرو وزير کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ويو ته ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني وارو شهر آهي، راڄڌاني واري شهر ۾ ڌرتي ڌڻين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ يا نه ٺاهڻ جو فيصلو وزيراعظم به نٿو ڪري سگھي، ڪراچي سنڌين جو شهر آهي، سنڌي شهر جا مالڪ آهن.