سيالڪوٽ (م ڊ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 ڊسڪا ۾ ننڍي چونڊ جو سرڪاري نتيجو جاري ڪري ڇڏيو ۽ چونڊ عمل تي اعتماد جو اظهار ڪندي انتظاميا کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اين اي 75 تي نواز ليگ جي اميدوار نوشين افتخار پاڻ رٽرننگ آفيسر جي آفيس وڃي سرڪاري نتيجو وصول ڪيو، جڏهن ته تحريڪ انصاف اميدوار علي اسجد ملهي نتيجو وصول ڪرڻ نه پهتو. سرڪاري نتيجي موجب نوشين افتخار هڪ لک 10 هزار 76 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي علي اسجد ملهي 93 هزار 433 ووٽ کنيا. کيس مجموعي طور تي 16 هزار 643 ووٽن تان شڪست ملي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو حاجي خليل سنڌو 8 هزار 268 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو. ياد رهي ته 2018ع جي چونڊ ۾ نواز ليگ جي افتخار الحسن هڪ لک هڪ هزار 617، پي ٽي آءِ جي علي اسجد 61 هزار 432 ۽ آزاد اميدوار عثمان عابد 57 هزار 571، تحريڪ لبيڪ جي ارسلان ظفر 14 هزار 772 ووٽ کنيا هئا، هن ڀيري عثمان عابد به پي ٽي آءِ جي اميدوار جي حمايت ڪئي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اين اي 75 ڊسڪه سيالڪوٽ تي ضمني چونڊ صاف ۽ انتهائي پرامن ماحول ۾ ٿي، ان حوالي سان ڊويزنل ۽ ڊسٽرڪٽ انتظاميا توڙي پوليس جو ڪردار قابل تحسين آهي، خاص طور تي ڪمشنر ۽ ريجنل پوليس آفيسر گجرانوالا، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر سيالڪوٽ ان حوالي سان ذاتي دلچسپي وٺي تڪ ۾ موجود رهيا. جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته رينجرز ۽ پاڪ فوج به ضمني چونڊن کي پرامن ڪرائڻ لاءِ مک ڪردار ادا ڪيو. پولنگ اسٽاف پنهنجا فرض انتهائي احسن طريقي سان نڀايا، اليڪشن ڪميشن تمام ادارن سان گڏ تڪ جي ووٽرن جو خاص طور تي شڪرگذار آهي، جن پنهنجي ووٽ جو حق آزادي سان استعمال ڪيو.