ڪراچي(م ڊ) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي حيدر زيدي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي تي پلي بارگين جو الزام هڻندي چيو آهي ته نيب سان پلي بارگين ڪندڙ، زرداري مافيا جي فرنٽ مين محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏووزير بڻايو ويو آهي جيڪو پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هي ملڪ خراب کان خراب تر هلائي رهيا آهن. اسان اڃا ڪيترو هيٺ ڪرنداسين.