برازيليا(م ڊ)  برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا آرمي چيف کي برطرف ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب صدر لولا ڊي سلوا ملڪ جي راڄڌاني برازيليا ۾ ٻن هفتن کان جاري احتجاج کانپوءِ آرمي چيف جنرل جوليو سيزر ڊي اروڊا کي عهدي تان هٽايو. ميڊيا رپورٽس موجب آرمي چيف جنرل جوليو سيزر ڊي اروڊا 30 ڊسمبر کي پنهنجو عهدو سنڀالڻو هو. جنرل اروڊا جي جاءِ تي صدر لولا ڊي سلوا جي ويجهي ڪمانڊر جنرل ٽومس ربيريوپيويا کي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو جنهن مظاهرين کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪندي عوام کي صدارتي چونڊن جا نتيجا تسليم ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. صدر لولا ڊي سلوا جو چوڻ آهي ته کيس شڪ آهي ته آرمڊ فورسز جا اهلڪار به احتجاج ڪندڙن سان مليل هئا، ان سلسلي ۾ هن  ويجهڙائي ۾ فوج جي ڪيئي آفيسرن کي برطرف ڪيو آهي. ياد رهي ته برازيل جي اڳوڻي صدر جيربو بولسونارو جي هزارين حمايتين 8 جنوري تي راڄڌاني برازيليا ۾ مظاهرو ڪيو هو ۽ سرڪاري عمارتن تي حملا به ڪيا هئا.