اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد جي سڀ کان وڏي پمز اسپتال ۾ ڪورونا وارڊن ۾ مريضن کي داخل ڪرڻ جي گنجائش ختم ٿي وئي آھي، پمز اسپتال جي جوائنٽ ڊائريڪٽر پمز جي ڊين کي لکيل خط ۾ چيو آھي ته ڪورونا ڪيسن ۾ اضافي بعد پمز اسپتال تي دٻاءُ وڌي ويو آھي جنهن ڪري طئي ٿيل سمورا آپريشن اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيا وڃن، خط ۾ چيو ويو آھي ته موجوده صورتحال بابت اوهان کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته ڪورونا مريضن کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جي گنجائش ختم ٿي چڪي آھي، ڪيترائي مريض هن وقت ايمرجنسي روم ۾ آڪسيجن تي آھن، وفاقي صحت وزارت سان رابطو ڪري هن صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي، صحت وزارت اسلام آباد جي ٻين اسپتالن ۾ سهولتون وڌائي ته جيئن ڪورونا مريضن جو علاج ٿي سگهي.