اسلام آباد: وزيراعظم جي هدايت تي وزيراعظم جي صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته گذريل سال جڏهن ڪورونا وبا ۾ اضافو ٿيو ته ان وقت ملڪ جي اسپتالن ۾ ساڍا 3 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو داخل هئا، پر اڄ اهو تعداد 4600 تي پهچي ويو آهي، جيڪو پهرين لهر کان تعداد تمام وڌيڪ آهي، هن چيو ته ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح لڳاتار 10 سيڪڙو تي هلي رهي آهي، ڪورونا وبا جو شديد ڦهلاءُ موجود آهي، ملڪ جا ڪجهه شهر اهڙا به آهن جن ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 20 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، اسان جي صحت جي نظام تي اهڙو دٻاءُ آهي جو خدا نه ڪري اهو وڌي وڃي، اسان پنهنجي آڪسيجن پيداوار جي 90 سيڪڙو آڪسيجن استعمال ڪرڻ تي پهچي ويا آهيون، ان صورتحال اسان کي مجبور ڪيو آهي ته اسان اڄ ڪجهه وڌيڪ سختين جو اعلان ڪريون، اگر اسان ايس او پي تي عملدرآمد نه ٿا ڪريون ته اسان ان سطح تي نه پهچي وڃون ته جنهن تي اسان کي لاڪ ڊائون ڪرڻو پئجي وڃي، جنهن سان اسان ٻٽي تڪليف ۾ مبتلا ٿي سگهون ٿا.