اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف تي حملي جي جوابدار رانا نويد کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي حملي جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار کي سزا پوري ٿيڻ باوجود آزاد نه ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل حشمت حبيب چيو ته سندس اصيل رانا نويد عمر قيد جي سزا پوري ڪري چڪو آهي، سزا مڪمل ٿيڻ باوجود کيس آزاد نه پيو ڪيو وڃي. وڪيل چيو ته عمر قيد جو مدو 14 سال آهي، منهنجي اصيل کي جيل ۾ قيد ٿئي اٽڪل ويهه ورهيه ٿي چڪا آهن. عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي وفاق ۽ پنجاب سرڪار جون آزادي خلاف داخل اپيلون رد ڪندي اڳوڻي صدر تي حملي جي جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته رانا نويد کي 2005ع ۾ سپريم ڪورٽ عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، رانا نويد کي 31 ڊسمبر 2003ع تي پنڊي پمپ حملي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.