لنڊن (م ڊ) نوازشريف جي لنڊن ۾ قيام ۾ واڌ بابت اپيل واپس وٺي ڇڏي، ذريعن موجب نواز شريف جي اپيل هوم آفيس ۾ ٻڌڻي هيٺ هئي، اڃا تائين جج اپيل نه ٻڌي هئي ۽ مختلف تاريخون ڏنيون پئي ويون، برطانيا ڇڏڻ بنا ترسڻ ۾ واڌ جي درخواست هوم آفيس رد ڪري ڇڏي هئي ۽ نواز شريف فيصلي خلاف برطانوي هوم آفيس ۾ اپيل داخل ڪرائي هئي، واضح رهي ته لنڊن ۾ موجود ن ليگ قائد نواز شريف کي ڪجهه ڏينهن اڳ سفارتي پاسپورٽ جاري ڪيو ويو هو