لاهور(م ڊ) اينٽي ڪرپشن پنجاب اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ عثمان بوزدار جي دور ۾ ٿيل ترقياتي ڪمن جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. جڏهن ته فرح گوگي جو ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن اماڻيو ويندو. ڊي جي اينٽي ڪرپشن سهيل ظفر چٺا چيوته فرح گوگي خلاف سمورا ڪيس نئين سر کوليا ويا آهن شيخ رشيد خلاف انڪوائري به وري کولي وئي آهي. شيخ رشيد رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ روڊ جو رخ پنهنجي زمين طرف موڙيو آهي ۽ زمين مهانگي ڪئي هئي. هن چيو ته فرح گوگي اثر رسوخ سان زمين سستي وڪرو ڪرائي. هن چيو ته پنجاب جي سمورين هائوسنگ سوسائٽين جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي ۽ ڏٺو پيو وڃي ته عثمان بوزدار ۽ پرويز الاهي ڪيترين هائوسنگ سوسائٽين کي رليف ڏنو. هن چيو ته انڪوائريون ۽ گرفتاريون ايندڙ هفتي کان شروع ٿي سگهن ٿيون. محمود الرشيد، راجا بشارت، مراد راس، ياسمين راشد ۽ ٻين وزيرن جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي.