لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان الزام هنيو آهي ته پارٽي اڳواڻ عثمان ڊار کي ڪرپشن ڪيس ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڪيس تيار ڪيو پيو وڃي، ڪارڪن جاويد علي تي تشدد ڪري کيس اگهاڙو ڪري شاهدي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان عمل ۾ ڊرٽي هيري ملوث آهي. چيف جسٽس ان جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي. ڪالهه وڊيو ڪانفرنس ۾ عمران خان سان گڏ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ ڪارڪن جاويد علي چيو ته مون کي اهلڪار کڻي ويا، اکين تي پٽِون ٻڌي چيو ويو ته مڃ ته عثمان ڊار کي نوڪري لاءِ پئسا ڏنا اٿئي. عمران کيس چيو ته اهو به ٻڌاءِ تي اگهاڙو ڪيو ويو جنهن تي هن چيو ته  مون کي اگهاڙو ڪري تشدد ڪيو ويو. ۽ اهلڪارن پاران گهرواري کي ۽ ٻارن کي آڻڻ جي ڌمڪي به ڏني وئي. ان بعد ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پُرامن احتجاج طور جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪئي، اسان جي ماڻهن کي کنڀي ڏورانهن جيلن ۾ رکيو پيو وڃي. رجيم چينج کانپوءِ بُنيادي حق ختم ڪري ماڻهن کي لاوارث ڇڏيو ويو آهي، عدليه جي ذميواري آهي ته اسان جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪري، حڪمران ٽولو عدليه کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اُن تي حملا ڪري رهيو آهي، پاڪستان کي بنانا ريپبلڪ بڻايو ويو آهي، هتي جيڪو ڏاڍو سو گابو جو اصول هلي ٿو، عدليه گرفتارين دوران تشدد ۽ ماڻهن کي ڊيچارڻ وارن واقعن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي. هن چيو ته عثمان ڊار کي ڪرپشن ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، منهنجي واتان شهباز گل جي معاملي تي ڪاوڙ مان ڳالهه نڪري وئي ۽ جج جي خلاف ڳالهايو ته مون تي توهين عدالت جو ڪيس هلايو ويو پر تشدد ڪنڙن کي ڪجهه نه چيو ويو آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ ائين ڪڏهن ناهي ٿيو ته ڪارڪنن کي اگهاڙو ڪري تشدد ڪيو ويو هجي، ڊرٽي هيري کي باجوه آندو تڏهن کان تشدد شروع ڪيو ويو آهي. هڪ ماءُ پي ءُ فون ڪري چيو ته سندن پٽ تي تشدد ڪيو ويو اهو اڃا تائين نارمل نه ٿيو آهي.