خضدار(م ڊ) بلوچستان ۾ فورسز تي بم حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا. بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ روڊ ڪناري بم ڦاٽڻ سبب اتان گذرندڙ اهلڪارن جي گاڏي تباهه ٿي وئي ۽ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.