ڪراچي(م ڊ) سنڌ اسيمبلي جي آڊيٽوريم هال ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تقريب ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه، آصفا ڀٽو زرداري، شازيا مري، نثار کهڙي سميت ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جي گارڊ مبينا طور تي صحافي اڪرم بلوچ تي تشدد ڪندي بدتميزي ڪئي جنهن تي صحافين واڪ آئوٽ به ڪيو. اهڙي وڊيو پڻ سامهون آئي آهي جنهن ۾ شازيا مري، وڏو وزير مراد علي شاهه موجود آهن ۽ وڏو وزير وچ ۾ پئجي ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو.