اسلام آباد(م ڊ) سوشل ميديا تي عمران خان ۽ مريم نواز آمهون سامهون ٿي ويا، پي ٽي آءِ  چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم ۽ مريم نواز طرفان سپريم ڪورٽ جي ججن تي حملا شرمناڪ آهن. مريم نواز چيو آهي ته عمران خان مرد بڻجي قانون کي منهن ڏي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾  عمران چيو ته پي ڊي ايم ۽ مريم نواز طرفان سپريم ڪورٽ جي ججن تي شرمناڪ  حملا باضابطا رٿابندي تحت ڪيا پيا وڃن. حملن جو مقصد چونڊن کان ڀڄڻ آهي، پوءِ ڀلي آئين جي ڀڃڪڙي ئي ڇو نه ڪرڻي پوي. پي ڊي ايم طرفان سپريم ڪورٽ کي نشانو بڻائڻ سان وفاق کي نقصان پهچندو. حڪمران ملڪ ۾ جهنگ جو قانون چاهن ٿا. هن چيو ته  پي ڊي ايم چئلينج ڪيو هو ته جيڪڏهن اليڪشن چاهيو ٿا ته ڪي پي ۽ پنجاب ۾ اسيمبليون ٽوڙي ڏيکاريو، هنن کي خبر آهي ته چونڊون نه کٽي سگهندا، ان ڪري سپريم ڪورٽ جي ججن کي بدنام ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف عمران خان جي جواب ۾ مريم نواز عمران خان کي سازشن جو بادشاهه قرار ڏيندي چيو ته عمران خان جون رڙيون غلط ناهن، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي گاڊ فادر فيض ۽ سندس باقيات جي  مدد سان سازشن جو بادشاهه آهي. اوهان فيض ۽ سندس باقايات جي سازشن تحت تڳي رهيا آهيو، هاڻي اوهان ڏسندئو ته ” بگڙيل شهزادي “ اوهان کي ڪيئن مات ڏي ٿي. مريم نواز چيو ته چور ۽ ڌاڙيل وارو موقف ناڪام ٿي چڪو آهي، عمران خان ۽ سندس گهرواري توشا خانا ڪيس ۾ چوري ڪندي سڳ سوڌو پڪڙيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان عدالتن کان بچندو پيو وتي، اهو سندس ڏوهاري هجڻ جو ثبوت آهي، ڄنگهه تي پلاسٽر کيس گهڻو وقت نه بچائيندو، مرد ٿي ۽ قانون کي منهن ڏي.