سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ويجھو مھر ۽ گھمرا ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اُٿيو، ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ھڪ واٽھڙو سميت 4 ڄڻا قتل، علائقو ٻن ڪلاڪن تائين جنگ جو ميدان بڻيل رھيو، چئن ڄڻن جي قتل سبب علائقي ۾ خوف هراس ڇائنجي ويو، پوليس اٽالن جون مختلف ڳوٺن تي چڙهايون، پوليس پاران 4 مک جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ. رپورٽ موجب باگڙجي ٿاڻي جي حد ۾ مهر ۽ گهمرا ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان هٿياربندن حملو ڪري گھمرا ڌر سان تعلق رکندڙ ٽن نوجوان ڌنارن سميت 4 ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويلن ۾ ھڪ واٽھڙو پڻ شامل آهي. ايس ايچ او باگڙجي جاويد ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مهر ۽ گهمرا ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گوليون هڻي ٽن ڄڻن محمد رمضان ولد محمد ذاڪر، ڪامران ولد دلشير ۽ محمد عرس عرف ببلو پٽ صابل گھمرو کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪوئٽا جو رھواسي خليل احمد پٽ محمد عثمان شيخ به قتل ٿي ويو. واقعي بعد مقتولن جا لاش باگڙجي اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. گھمرا ڌر جي ٽن نوجوانن جا مڙهه جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان پير فاضل شاھ ۾ ھٿيارن جي ڇانوَ ۾ دفنايا ويا. ڪوئٽا واسي مقتول جو لاش تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ رھندڙ سندس مائٽ کڻائي ويا. ھوڏانھن ڌرين وچ ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو دير تائين جاري رهيو، جنهن سبب باگڙجي ۾ خوف وارو ماحول ڇانئجي ويو. ھڪ ئي وقت ٽن نوجوانن جي قتل واري اطلاع تي گھمرا ڌر جا  ماڻھو ھٿيار کڻي اسپتال پھچي ويا. ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ ڊي ايس پي روھڙي، سٽي، سائيٽ۽ مختلف ٿاڻن جي ايس ايچ اوز، پوليس جوانن ۽ بڪتربند گاڏين سان واقعي واري ھنڌ پھتو. بعد ۾سرچ آپريشن دوران چئن جوابدارن الله رکيو عرف روفي پٽ غلام شبير مھر، عقيل پٽ محمد بخش مھر، امجد پٽ علي بخش مھر ۽ شاھد عرف شاھدو پٽ شھزادو مھر کي پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.