پروفيسر ڊاڪٽر طاحه حسين علي مهراڻ يونيورسٽي جو وقتي وي سي مقرر

0
145
پروفيسر ڊاڪٽر طاحه حسين

ڄامشورو (ن پ ا) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اسلم عقيلي جو مدو ختم ٿيڻ تي پروفيسر ڊاڪٽر طاحه حسين علي کي نئون وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اسلم عقيلي جو مدو 21 جنوري تي پورو ٿيو هو، پروفيسر طاحه حسين بلوچ عهدي جي چارج سنڀالي ورتي