ٽاپ ٽرينڊ ٽرانسپيرنسي جي رپورٽ ٻئي ڏينهن به بحث جو موضوع

0
139
ٽاپ ٽرينڊ ٽرانسپيرنسي جي رپورٽ ٻئي ڏينهن به بحث جو موضوع

 سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪالهه به پاڪستان ۾ ڪرپشن بابت عالمي تنظيم ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ جو پڙاڏو رهيو ۽ ڪرپشن ڪنگ عمران خان هيش ٽيگ سان ٽرينڊ ٽاپ فائيو ٽرينڊ ۾ شامل رهيو. ڪالهه جي ٽاپ ٽرينڊس ۾ لوٽ رها هي جاز، سجن دس نا، افضل الخلق بعدالرسل، ڪرپشن ڪنگ عمران خان، سائونڊ آف دي نيشن، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل، مومنا مستحسن، ميدويديو، پلان سي ۽ بيئرڊ ٽاپ ٽين ٽرينڊ رهيا.

هيش ٽيگ لوٽ رها هي جاز ٽاپ ٽرينڊ رهيو جنهن ۾ موبائل فون ڪمپني جيز جي صارفين حصو ورتو ۽ ڪمپني تي عوام کان ڦرلٽ ڪرڻ جو الزام هنيو. طلحا صباح چيو ته جيز هيلپ لائن تي فون ڪرڻ تي انهن جو نمائندو ڪڏهن به نه ٻڌائيندو ته توهان جي نمبر تي اڳواٽ ڪيتريون سروسز ايڪٽيويٽ ڪيون ويون آهن. اها خبر به شيئر ڪئي وئي ته پي ٽي اي نيٽ ورڪ جي خراب معيار سبب جيز تي 30 ملين رپين جو ڏنڊ لڳايو ويو آهي. منصور خان چيو ته مون گوگل تان هڪ گانو ڊائون لوڊ ڪيو ته جيز وارن هنگاما ميوزڪ کي پاڻمرادو ايڪٽيويٽ ڪري ڇڏيو جنهن جي هرهفتي جي في 20 رپيا آهي. حسيب علي خان چيو ته جيز وارا پاڻ ئي پيڪيج سبسڪرائب ڪندا آهن ۽ شڪايت تي وري ڪسٽمر تي الزام هڻندا آهن، جيز وارا وڏي ڪرپشن آهن.

عمران خان چيو ته آئون اڪيلو جيز وارن جو شڪار نه آهيان. زاهد علي به شڪايت ڪئي ته جيز وارا پاڻ ئي آفر ايڪٽيويٽ ڪندا آهن. هيش ٽيگ افضل الخلق بعد الرسل ٽرينڊ ۾ حضرت ابوبڪر کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ سندن فضيلتون بيان ڪيون ويون. سجن دس نا ٽرينڊ ۾ ڪوڪ اسٽوڊيو جي گاني سجن دس نا تي ماڻهن ڪمنٽ ڪيا ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ان کي پسند به ڪيو. هيش ٽيگ ڪرپشن پڪنگ عمران خان ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ جي بيان تي عمران خان جي حڪومت تي تنقيد ڪئي وئي. ثمينه ملڪ عمران خان جي سندس ٽن ڀينرن سان گڏ تصوير شيئر ڪئي جنهن تي لکيل هو ته ڇا توهان کي خبر آهي ته هنن چئين ڀاءُ ڀينرن ڪو به ڪاروبار نه ڪيو ۽ ماشاءَ چارئي ارب پتي آهن ۽ ايماندار به آهن. علميه خان تي 60 ارب، ٻي ڀيڻ تي 47 ارب ۽ ٽين تي 40 ارب ۽ عمران خان تي 500 ارب رپين جي ملڪيت هجڻ جو الزام لڳايو ويو. دانش ملڪ لکيو ته پاڪستاني معيشت ٻه منهين بلا جي ور چڙهيل آهي ۽ ان بلا جي خاصيت آهي ته اها ڪوڙ به ٺاهوڪو ڳالهائيندي آهي. پهريون ڀيرو اهڙو معجزو ڏٺو اٿم.