سوال/سروي ٽرانسپيرنسي جي رپورٽ درست آهي پاڪستان ۾ واقعي ڪرپشن وڌي آهي: شڪر آهي ملڪ ڪنهن شعبي ۾ ته ترقي ڪئي عمران حڪومت کي مبارڪون هجن: عوام جي راءِ

0
140
سوال/سروي ٽرانسپيرنسي جي رپورٽ درست آهي پاڪستان ۾ واقعي ڪرپشن وڌي آهي: شڪر آهي ملڪ ڪنهن شعبي ۾ ته ترقي ڪئي عمران حڪومت کي مبارڪون هجن: عوام جي راءِ

  عوام ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ ڪرپشن بابت رپورٽ کي درست قرار ڏيندي عمران حڪومت ۾ ڪرپشن ۾ اضافي جون دانهون ڪيون آهن. پنهنجي اخبار جي فيس بڪ پيج تي  سوال سروي ۾ سوال ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن گهٽجڻ بدران وڌي وئي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ: حڪومت جي دعوائن ۽ رپورٽ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ راءِ ڏيندي حسين ٽانوري چيو ته بلڪل صحيح رپورٽ آهي ڪرپشن اڳ کان به وڌيڪ وڌي آھي. عبدالرحمان چانگ چيو ته بلڪل حقيقت آهي هن وقت پاڪستان ۾ تمام گهڻي رشوت خوري آهي ايتري قدر جو پگهاردار نوڪرين وارا به بيروزگارن کان جائز ڪم تي رشوت وٺندا آھن هر کاتي ۾ سفارش ۽ رشوت کان سواء ڪم نه ٿو ٿئي،

انعام الله سنڌي چيو ته عمران حڪومت عوام دشمن حڪومت آهي ڪرپشن ختم ڪرڻ جي نالي تي سڀ کان وڌيڪ ۽ اڳلين حڪومتن کان ڊبل تي ڪرپشن ڪئي آھي. تازي رپورٽ مطابق گذريل ڏھن سالن جي ڪرپشن جي ڀيٽ ۾ ھنن ٽن سالن ۾ ايتري ڪرپشن ڪئي آهي ۽ مھانگائي بـ ايتري جو غريب ويچارو ويلي جي ماني کائيڻ لاءِ پريشان آهي. وقار حسين چيو ته بلڪل هاڻوڪو پاڪستان پرائي پاڪستان کان وڌيڪ ڪرپٽ آهي، ڇو ته هي حڪومت  ڪرپٽ ماڻهن تي مشتمل آهي. خاموش خليل شر چيو ته ڪرپشن ڏينھون ڏينھن گھٽجڻ بدران وڌندي پئي وڃي, ھرڪو عوام جا حق کائڻ ۾ اڳڀرو آھي ھر ماڻھو کي ڪم ڪرڻ جي آڙ ۾ ٻنھي ھٿن سان ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت کي ڪرپشن بابت جوڳا اپاءِ وٺڻ گھرجن، جيئن اها اڏوهي وڌندي نه وڃي.

امرت چارڻ چيو ته سواءِ ڪرپشن جي ملڪ ۾ ٻيو آهي ڇا؟ احمد رضا چيو ته اڳين حڪومتن کان هن دور ۾ وڌيڪ ڪرپشن ٿي آهي. جواد احمد ڪولاچي چيو ته پھريان تہ سڀني پاڪستانين کي ان ترقي جون مبارڪون ھجن پاڪستان گھٽ ۾ گھٽ ڪنھن ھڪ شيءِ ۾ تہ ترقي ڪئي آھي. ھاڻي ڏينھون ڏينھن ڪرپشن ۾ ئي ترقي ڪندو ان لاءِ پاڪستان کي ھاڻي ڪنھن عادل حڪمران جي ضرورت آھي جيڪو ھن بيماري مان پاڪستان کي ڪڍي باقي ھي ويچارا غلط انجيڪشن ھڻي(غلط پاليسيون ڏئي) خدا خير پيو ڪري اڃا جي ھي رھيا تہ پاڪستان کي مرڻ تي نہ پڄائين! اسامه سنڌي چيو ته سڀ جا سڀ ناني ويڙهو ڪري ماڻھن کي چريو ڪري پاڻ مال هڙپ ڪن ٿا. شاندار احمد مغل طنز ڪندي چيو ته اسان ڪنھن ڳالھ ۾ ته ترقي ڪئي عمران خان شاباس جو حقدار آھي!! حافظ آزاد سهندڙو چيو ته ڪرپشن کان سواءِ ٻيو ڪجهه رهيو ئي ناهي هر آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث آهي وڏن آفيسر کان وٺي ننڍن آفيسرن تائين حصي پتي آهي غريب طبقو ڏينهون ڏينهن اٽي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي گيهه 350 روپيه تائين پهجي ويو آهي ڪائي انتظاميه ناهي صرف مهانگائي آهي آخر غريب جي واهر ڪير ڪندو؟ اويس قرني جي راءِ هئي ته حڪومت صرف دعوائن تي پئي هلي.

احسن فاروق دل لکيو ته ڇا چئجي ان باري ۾، چئجي کڻي فقط چند لفظن ۾، ´ڍڳو` هڪڙو ئي، تنهن جا چور بہ ڪئين ۽ پاٿاريدارن جي تہ ڪابہ ڳڻپ نٿي ڪري سگهجي، لاتعداد آھن…! خادم گهراڻو جي راءِ هئي ته ملڪ ۾ ڪرپشن وڌي پئي جيڪا پهرين گهر کان شروع ٿئي ٿي پوءِ اڳتي وڌي ٿي. هتي ڪوبه جائز ڪم پئسي کانسواءِ نٿو ٿئي. ڪرپشن ختم نه ٿي آهي طريقو تبديل ٿيو آهي. شيراز چانگ لکيو ته خير! همراهه پوءِ به ايماندار آهي. آسودو مل لوهاڻو چيو ته هن حڪومت دعوائون ڪيون ته اسان جي حڪومت ڪرپشن کان پاڪ هوندي پر ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان گهڻي ڪرپشن هنن جي دور ۾ ٿي آهي ايتري تائين جو ڪورونا جا مليل 1200 ارب به ڪرپشن جي نذر ٿي ويا. فيض احمد چيو ته پاڪستان ۾ اهو سلسلو ڪرپشن جو جاري ساري رهندو هن دور ۾ ڪير به ايماندار آفيسر ناهي. صديق احمد سهندڙو لکيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن بند ٿيڻي ناهي سڄو نظام ڪرپٽ آهي.

نعمت الله راهمون لکيو ته عمران پاڻ وڏو چور آھي. علي رضا وڻجارو راءِ ڏني ته ڪرپشن مهانگائي جيان روز وڌي ٿي پئي. ظفر رئيس امان الله رند لکيو ته پهرين ناجائز ڪم جي رشوت وٺندا هئا هاڻي جائز ڪم لاءِ به پئسا ٿا ڏيڻا پون هر سرڪاري ڪم تي ڪرپشن وڌي وئي آھي تبديلي صرف ڍونگ آھي. همير خان چيو ته سڀ حڪمران هڪجهڙا آھن. گهٽ ڪوئي ناهي. عبدالستار باقر لکيو ته ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ عمران خان کي پنهنجي پوري ٽيم تبديل ڪرڻي هئي سا هن نه ڪئي، ۽ ها رڳو بيانن ڏيڻ سان ڪرپشن ختم ٿورئي ٿيندي آهي. خان جي پوري ڪابينا ۾ اهي ماضي جا مها ڪرپٽ ۽ مافياز شامل آهن جن پوين حڪومتن ۾ به ڪرپشن ڪئي ۽ هاڻ به ڪن پيا. نياز ڪلوئي جي راءِ هئي ته ھي ته سبني جا بابا نڪتا ڪرپشن جي حساب سان. وڌيڪ ته خبر حڪومت وڃڻ کانپوءِ پوندي ته ھنن ڪھڙا ڪلور ڪيا عوام سان. بشير رضا مهر چيو ته حڪومت پاڻ ڪرپٽ ۽ چور آهي ۽ حقيقت ھي به آهي ته پاڪستان جي مزدور کان وٺي وزيراعظم تائين سڀ ڪرپشن ۾ ملوث آهن صرف طريقو تبديل آ.

مير ڌڻي بخش نصيراڻي چيو ته ڪرپشن ختم ٿيڻي ئي ناھي سڀ مليل آھن گڏجي کائيندا ته پوء ڇو نه نسلن جا نقصان ٿيندا. محمد حسن بلوچ لکيو ته چور چورن سان ملي ويا اندروني طور ٺاهه ٿي ويو اسان تبديلي جي خوشي ۾ پنهنجون اميدون به اڻپوريون ڪري ويٺاسين. مهانگائي کانسوا۽ مليو ڪجهه نه آهي. علي گوهر سومرو راءِ ڏني ته شهباز شريف به دانهون پيو ڪري. سڪندر علي مهر چيو ته بلڪل ڪرپشن ساڳي آهي تبديلي ڍونگ ٺڳي کان سواءِ ڪجهه به ناهي، اهو هو نئون پاڪستان! غلام حسين ڀٽي جي راءِ هئي ته ھنن جي وس جي ڳالھ ناھي. ڪرپشن سڄي ملڪ جي بيوروڪريٽس جي رڳ رڳ ۾ سمائجي وئي آھي، ھي حڪومت اجايو ڦڙڪيون پئي ھڻي، ڦڙڪيون ھڻندي ھڻندي اچي چئن سالن جي ويجهو پهتي آھي، اقتدار ختم ٿيڻ بعد وري اھو چوندا اپوزيشن وارن لُڙ ڪيو ان ڪري بهتر حڪمراني ٿي نہ سگهي. ذيشان علي جسڪاڻي چيو ته ان کان انڪار ناھي ڪرپشن بلڪل وڌي آھي نيازي حڪومت چورن مٿان مور نڪتي آھي تبديلي جي دعويدار حڪومت عوام جي مٿان مھانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو.

عمران جوڻيجو چيو ته ڪرپشن کي ايجاد ڪرڻ وارا به ادارا ۽ختم ڪرڻ وارا به ادارا اهي جڏهن چاهين. علي مراد جوکيو چيو ته حڪومت رڳو ڪوڙيون دعوائون پئي ڪري ته سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي رهيو آهي پر حقيقت ان جي برعڪس آھي ته حالتون بد کان بدتر ٿينديون وڃن. مراد علي سميجو لکيو ته ملڪ 74سالن ۾ صرف ڪرپشن ۾ ترقي ڪئي آهي جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي اڳ جي ڀيٽ موجوده حڪومت ۾ وڌيڪ ڪرپشن ٿي آهي. ارشاد علي چيو ته پاڪستان ۾ پٽيوالي کان وٺي وزيراعظم، جج ۽ جنرل سڀ ڪرپشن ۾ ملوث آهن، بس جنهن کي جيترو موقعو ملي ٿو اهو اوتري ڪرپشن ڪري ٿو پر گاريون صرف سياستدانن کي ملن ٿيون. محمد عيسيٰ لنڊ چيو ته جيڪو به حڪمران اچي ٿو اهو ڪرپشن روڪڻ بجاءِ پاڻ ڪرپشن ڪري ٿو. جاويد احمد جو چوڻ هو ته جڏهن ڪرپشن روڪڻ وارا ادارا پاڻ رشوت طور منٿليون حاصل ڪندا، پنهنجي عزيزن جي معرفت ته پوءِ ڪرپشن ڪيئن ختم ٿيندي. سنڌ ۾ ته ڪرپشن پنهنجو حق سمجهي پئي وڃي. هاڻ ته تپيدارن به پنهنجي گهرن کي آفيس بڻائي ڇڏيو آهي.

بلونت سنگهه سوڍو جو چوڻ هو ته عمران حڪومت ۾ ويٺل سڀ اهي ساڳيا ئي آهن جيڪي اڳ ۾ ڪڏھن پي پي ۾ ته ڪڏھن نون ليگ ۾ هميشه اقتدار ۾ رهيا آهن. هاڻوڪي حڪومت ته ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. نزاڪت علي رپورٽ کي درست قرار ڏنو. محمد الياس چيو ته عمران خان ملڪ کي 100 سال پوئتي ڪري ڇڏيندوعمران خان ملڪ جون حالتون انتھائي خراب ڪري ڇڏيون آھن. گل شير ميمڻ لکيو ته سڀئي چور آهن هن کان پو جيڪي ايندا حڪومت ڪرڻ اهي به ڪرپشن ڪندا. اليڪشن کان پهرين وڏيون ڳالهيون ۽ واعدا ڪندا جيئن ئي سيٽ ملي اڳوڻن کان به وڌيڪ ڪرپشن ڪندا. جنهن جو جيترو وس هلي ٿو اهو اوتري ڪرپشن ڪري ٿو. راءِ عابد ڀٽي لکيو ته ٻين حڪومتن جي ڀيٽ ۾ تبديلي سرڪار وڏي پئماني تي ڪرپشن جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن. سنڌي علي گل شيخ چيو ته ٻين کي چور چوڻ وارو عمران ته پاڻ چور آهي. جاويد جان ڪيريو لکيو ته سڀ چور گڏيا آهن. خالد نوتڪاڻي لکيو ته ڪرپشن اها ئي هلي رهي آهي اڳ کان وڌيڪ. حاڪم علي ڪٽوهڙ لکيو ته انٽرنيشنل رپورٽ بلڪل سچ آهي. ملڪ ۾ ڪرپشن ڏينهو ڏينهن وڌندي پئي وڃي. محمد اسلم لکيو ته بلڪل ڪرپشن عروج تي آهي. ممتاز علي لاکو لکيو ته حرامي حڪمران ھوندا ته ايئن ٿيندو.

مير سڪندر سولنگي چيو ته خدا بھتر ڄاڻي. جاويد علي زرداري لکيو ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪي اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن. محمد اسماعيل لانگاهه چيو ته بلڪل رپورٽ دُرست ڏني اٿن موجوده حڪومت دوران چئني صوبن ۾ جيڪڏھن ترقي ٿي آهي ته ڪرپشن جي باقي عوام کي وفاق توڙي صوبائي حڪومتون ڪوبه پئڪيج نه ڏئي سگهيون آهن. حاجي خان پنهور لکيو ته ڪرپشن باهه جيان پکڙي پئي آھي وڏو ظلم ٿيو آھي سنڌ سموري ڪرپشن جي ور چڙهيل آھي. حماد ڪنڀر چيو ته عوام ڇا ٻڌائيندو غيرملڪـي ادارن جون رپورٽون ھر شئي، دنيا اڳيان ظاھر ڪن پيون تہ پاڪـستان ۾ ڇا وَھي ۽ واپري پيو. ڪرپٽ سياستدانن جي ڪرپشن جا ريڪارڊ ظاھر ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ شهزاد اڪبر پنهنجي عهدي تان اچانڪ استعيفا ڇو ڏِني؟ اِنهي پويان ڳُجهو راز آھي..ٿورن ئي ڏينهَن راز فاش ٿي ويندو.

تنها قادر شر لکيو ته سنڌ ۾ مهانگائي جي ذميوار پ پ آهي!باقي عمران خان اقتدار کان اڳ دعوائون ڪندو هو تہ منهنجي خلاف هڪ ماڻهو بہ احتجاج ڪيو تہ استعيفا ڏئي ڇڏيندس هاڻي عوام تي مهانگائي جا بم ڪيرايا اٿس عوام روز احتجاج ٿو ڪري استعيفا ڇو نٿو ڏي؟ ڪامران ايم لکيو ته ٻڏي مرڻ کپي عمران کي ان جي ٽيم کي ۽ ان جي سپورٽرن کي. شاڪر جمال گجو لکيو ته بلڪل ڪرپشن ساڳي آهي تبديلي ڍونگ ٺڳي کانسواءِ ڪجهه به ناهي، اهو هو نئون پاڪستان! مگسي خير محمد لکيو ته پاڪستان ۾ اهو مسئلو شروع کان وٺي هلندو پيو اچي ته توهان جنهن شيء کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندئو اها ختم نه ٿيندي پر وڌندي ويندي. ڪرپشن جو به اهو مسئلو آهي پهرين جتي يوسي چيئرمين کان هر مهيني اينٽي ڪرپشن وارا 5000 کان 10000 وٺندا هئا هاڻي انهن ريٽ ڊبل ڪري ڇڏيا آهن سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن ۽ آفيسرن به رشوت ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي ڇو جو اسان جي ملڪ ۾ قانون نالي ڪا شي نه آهي هتي ڪڪڙ چوري ڪندڙ ته گرفتار ٿي سگهي ٿو پر اربين رپين جي ڪرپشن ڪندڙ سياستدان آفيسر قانون کان مٿانهان آهن انهن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي اهي ماڻهو ڪورٽن مان باعزت بري ٿي وڃن ٿا. مسرورشر بلوچ چيو ته بلڪل صحيح رپورٽ آهي ڪرپشن اڳ کان به وڌيڪ وڌي آھي.