شھدادپور: پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري مڙس حوالي

0
269
شھدادپور: پسند جو

شھدادپور( ن پ ا) شاهپورچاڪر پوليس طرفان حفاظتي تحويل ۾ ورتل پريمي جوڙي کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدادلت بيان بعد ناري کي دعويدار مڙس حوالي ڪري ڇڏيو

شاهپورچاڪر پوليس ميرپورخاص واسي پريمي جوڙو ناري فوزيه ڀيل ۽ نوجوان وشنو ڀيل کي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو

جوڙي عدالت ۾ بيان ڏنو ته هڪ ٻئي کي پسند ڪريون ٿا، پنهنجي مذهب موجب ست ڦيرا وٺي شادي ڪئي آهيم اسان کي  گڏ رھڻ جي اجازت ڏني وڃي

جوڙي جي بيان بعد عدالت سڳوري پوليس کي قانون موجب معاملي کي نِمٽائڻ جي هدايت بعد ناري فوزيه کي دعويدار مڙس وشنو ڀيل حوالي ڪري ڇڏيو

ياد رهي ته ميرپورخاص مان نڪتل پريمي جوڙي کي ڪالھه ناري جي مائٽن زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن تي شاهپورچاڪر پوليس جوڙي کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو هو.