نائروبي (انٽرسٽنگ نيوز) دنيا ۾ وڏي عمر جي پرائمري اسڪول جي شاگردياڻي سمجهي ويندڙ عورت 99 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ڪينيا سان واسطو رکندڙ پريسيلا سٽيني جي طبعيت 16 نومبر تي اسڪول وڃڻ کانپوءِ خراب ٿي ۽ پوءِ سندس خاندان لاڏاڻي جي تصديق ڪئي. 99 سالن جي عورت ايندڙ هفتي کان شروع ٿيندڙ امتحانن جي تياري ڪري رهي هئي. پريسيلا جي زندگي مان متاثر ٿي هڪ فلم به ٺهي هئي ۽ يونيسڪو طرفان ان کي ساراهيو ويو هو. ڪينين عورت 2021 ۾ يونيسڪو کي ٻڌايو هو ته هوءَ چاهي ٿي نوجوان مائرون اسڪولن ۾ موٽي اچن، هوءَ نه رڳو نوجوان مائرن پر اسڪولن کان ٻاهر دنيا جي سڀني ڇوڪرين لاءِ مثال بڻجڻ چاهي پئي. هوءَ 65 ورهين کان وڌيڪ عرصي تائين دائي طور ڪم ڪندي رهي ۽ 2010 ۾ هڪ پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿي. واضح رهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڏي عمر ۾ پرائمري اسڪول وڃڻ جو عالمي رڪارڊ ڪينيا جي ئي Kimani Maruge وٽ آهي، جنهن 2004 ۾ 84 ورهين جي عمر ۾ اسڪول وڃڻ شروع ڪيو.