ملير(رپورٽر) ملير ۾ ٻارڙيءِ کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ 10شڪي سوگها: ايس ايچ او سوڌو 3 آفيسر معطل، ان ڏس ۾  ملير جي وسندي قائدآباد ويجهو مسلم آباد ۾ 8 ورهين جي معصوم ٻارڙيءِ ميبا کي زيادتي بعد وحشياڻي تشدد ذريعي قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ پوليس 10 شڪي جوابدار گرفتار ڪري ورتو، ڪالهه ملير جي ايس ايس پي عرفان بهادر، ايس ايس پي (جاچ ) عارب مهر  ڪالهه ٻيهر  مسلم آباد پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ بعد ٻارڙي جي وارثن سان ملاقات جاچ بابت آگاهي ڏني، ايس ايس پي ملير ٻڌايو ته شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل 10 جوابدارن جي ڊي اين اي ڪرائي ويندي، جڏهن ته فارنزڪ ڪرائيم ٽيم واقعي واري هنڌ تان  ثابتيون  گڏ ڪري ليبارٽري موڪليون آهن، هن ٻڌايو ته غفلت ڪرڻ تان قائدآباد ٿاڻي جي ايس ايچ او امين کوسو، اي ايس آءِ شفيق ۽ هيڊ محرر ( وڏي منشي )پرويز کي معطل ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي ملير وارثن کي خاطري ڪرائي کين انصاف فراهم ڪيو ويندو، ٻئي طرف صوبائي وزير شهلا رضا معصوم منيبا جي گهر پهتي، هن چيو ته وڏي وزير سيد مراد شاهه انهي واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدار  گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنوآهي، هن چيو ته قاتلن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تي پهچايو ويندو، هن چيو ته ٻارڙن جي حفاظت توڙي سندن ڪيس کي ڏسڻ  چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جو ڪم آهي پر اهي هتي ناهن پهتا، کين پهچڻ گهرجي ها،  هن چيو ته اسان ٻارڙي جي وارثن جي قانوني مدد ڪنداسين، هن چيو ته گهٽين ۾ وحشي گهمن پيا، والدين  پنهنجن ٻارڙن جي حفاظت ڪندي کين گهران اڪيلو ٻاهر نڪرڻ نه ڏين،