سکر (بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي، فريادي ڌر کان پوءِ سرڪاري ڌر به شاھديون مڪمل ڪري عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، عدالت ٻڌڻي 14 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾  دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت سکر سينٽرل جيل اندر  ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنھن دوران فريادي ڌر طرفان مولانا ناصر محمود سومرو، مولانا محمد صالح انڍھڙ، وڪيل اطھر عباس سولنگي، طارق سومرو ۽ ٻيا پيش ٿيا، عدالت فريادي ڌر جي طرفان خالد محمود سومرو قتل ڪيس بابت بيان ۽ شاهديون مڪمل ڪري ورتيون، سرڪاري وڪيل درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. عدالت فريادي ڌر جي طرفان قتل ڪيس بابت بيان ۽ شاهيون  مڪمل ڪرڻ بعد ٻڌڻي 14 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻي طرف  مولانا ناصر محمود سومرو چيو ته عدالت مان انصاف جي اميد آھي، 8 سال اڳ بابا کي شھيد ڪيو ويو ھو، مسلسل حاضرين پيش ٿيا آھيون، ۽ جوابدار ڌر طرفان ڪيس ۾ دير ڪرڻ جا حربا استعمال ڪيا ويا آھن، فريادي ڌر طرفان شاھدن جا مڪمل بيان رڪارڊ ٿي ويا آھن، سرڪاري وڪيل به عدالت ۾ اھڙي درخواست داخل ڪرائي ورتي آھي.